ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … صليب تي لٽڪيل سنڌ ۽ ايندڙ اليڪشن

0
200
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... صليب تي لٽڪيل سنڌ ۽ ايندڙ اليڪشن

 توھان انگريزي فلم “ريويننٽ” ضرور ڏٺي ھوندي. ھي ھڪ اھڙي فلم آھي، جنهن ۾ انسان جي جياپي جي جنگ، عزم ۽ حوصلي جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آھي. هيرو جو ڪردار ٽائٽينڪ فلم واري ليو نارڊو ڊي ڪيپريو ادا ڪيو آھي. هن فلم ۾ ھن تي هڪ رِڇ حملو ڪندو آھي، جنهن ۾ ھو مرڻينگ ٿي ويندو آھي. پوءِ سندس ساٿي به کيس مئل سمجهي ڇڏي ويندا آھن. اتان کان زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش شروع ٿئي ٿي. هڪ سچي واقعي تي آڌاريل اها فلم ڪجھ وقت اڳ بزنس جي لحاظ کان دنيا ۾ نمبر ون ايندڙ فلم “اسٽار وارز” کي به باڪس آفس ۾ ماري وئي ھئي. زنده رهڻ لاءِ انسان جيڪي جتن ڪري ٿو، ان جي ڪمال ڪاريگري سان ھن فلم ۾ نشاندھي ڪئي وئي آھي. فلم ۾ ڄڻ ته سنڌي ماڻھن جي موجوده حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آھي. اڄ سنڌي جياپي جي جنگ وڙھي رھيا آھن. اڄ جڏھن اليڪشن جي موسم جا پاڇا آسپاس پوڻ شروع ٿيا آھن، تڏھن اسين اھو چوڻ جي حق بجانب آھيون ته  اسان جي نسلن جي خوابن کي طاق نيشان تي لٽڪائڻ جا ذميوار ھن ملڪ جا “اصل تي وڊا” حڪمران آھن. اسان جي سياسي افق تي اڪثريتي اھڙن ماڻھن جو گھيرو آھي، جيڪي ضمير کان وانجهيل آھن. جن کي ڏسي زوالي دور جي ھڪ عرب شاعر صالح بن شريف جو ھي شعر ذھن تي تري ايندو آھي:

يمزق لدھر حتما ڪل سيف حده

ان ڪان ذي يزن الغمد غمدان

(زمانو ھر تلوار جي لوھ کي ٽڪرا ڪريو ڇڏي، ڀلي اھا تلوار يزن جي ٺھيل ڇو نه ھجي ۽ ڀلي مياڻ مضبوطي ۾ غمدان جي ڇو نه ھجي).

صد افسوس ته بحيثيت قوم اسان ڪڏھن به پنھنجي حڪومت جي ھنن مستقل مڙھيل وزيرن، مشيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز کان اھو سوال ناھي ڪيو ته اوهان تاريخ جي چھري کي ڇو بگاڙي رھيا آهيو؟ ھي لٽيل قافلي جھڙي عوام جي جان مال جي تحفظ جا پئسا، صحت، تعليم، روزگار جا پئسا، روڊن رستن، پلين، گهٽين، گندين نالين جي تعمير جا پئسا توھان جي عشرت ڪدن کي آباد ڇو ڪري رھيا آھن؟ ھي جاگيردار، ڀوتار، وڏيرا جيڪي اقتدار جمع ٿي، “اسان کي حاڪميت جو آفاقي حق آھي” جا نعرا ھڻن ٿا. انھن کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پير علي محمد راشدي جو ڪتاب “اھي ڏينھن، اھي شينھن” پڙھڻو پوندو. ان لاءِ اسان کي برٽرئنڊ رسل جو ڪتاب History of western Philosophy  ضرور پڙھڻو پوندو. ھن وقت وفاق سان يڪشمت ٿي سابقا حڪومت ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي جي رستا روڪ ڪري رھيل چڪو پاڻي جو به پنھنجي وڏيرن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان منصوبا عمل ۾ آندا، جن تي نگران حڪومت ۾ به ڪم ٿي رھيو آھي. ڪينجھر ڍنڍ مان ڪي فور، ڪي فائيو منصوبا جوڙي سڄي ٺٽي ضلعي کي ريگستان بڻايو ويو آھي. مٿان وري گھوڙاٻاري وٽ سنڌو درياھ تي سنڌ بئراج ٺاھڻ جا سانباھ ڪيا پيا وڃن. ڄاڻايل ايريا ۾ ليفٽ بئنڪ توڙي رائٽ بئنڪ ۾ پاڻي پھچڻ لاءِ بئراجي نظام اڳ ۾ موجود آھي. ھڪ ته انڊس رِورِ سسٽم ۾ پاڻي جي پھچ يقيني بڻائي وڃي. اڳوڻن بئراجن ۽ شاخن جي ري ماڊلنگ ٿئي ته سنڌ بئراج جھڙي ھن نئين ھچا جي ضرورت ئي ناھي. ھي ڊرامو پنجاب سان ھلندڙ پاڻي جي تاريخي تڪرارن جو رخ موڙي ڪوٽڙي جي منڍ ۽ پوڇڙ جي ماڻھن کي ويڙھائڻ جي سازش آھي ۽ گڏوگڏ حڪمران ٽولي بيوروڪريسي ۽ ٻين قوتن جي ميگا ڪرپشن جو منصوبو آھي. ٻئي طرف سڄي ڪوھستاني پٽيءَ جون زمينون اڳوڻي سنڌ حڪومت وڪڻي ڌارين حوالي ڪيون آھن. ٽئين طرف ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي فيصل آباد منتقل ڪئي وئي آھي. تيل گئس جا ساليانو کربين روپيا وفاق سان ملي ڀڳت ڪري حڪومت کائي وئي. روزگار جا دڳ بند، اسپتالون مقتل گاھ بڻيل، تعليم مڪمل بربادي جي ڪناري، انفراسٽرڪچر زبون حال، شھر ڳوٺ گندگي جا ڍير بڻيل، زھريلي پاڻي سبب ڪئنسر، ٽي بي، چمڙيءَ جي خرابي، ڪاري ڪامڻ جھڙيون مھلڪ بيماريون آدم بوءِ، آدم بوءِ ڪري رھيون آھن. سڄي سنڌ ڏوھارين کي سپرد ڪئي وئي آھي. ڏوھ به ھڪ موذي مرض آھي، ان جي باري ۾ ٿوري ڳالھ ٻولھ ڪري ٿا وٺون.

سائنس انسان جو اڀياس ٻن طريقن سان ڪندي آھي. هڪ جسماني بناوت جو مطالعو، جنهن کي ميڊيڪل سائنس چئبو آھي ۽ ٻيو انسان جي ذھن جو مطالعو، جنهن کي علم نفسيات چيو وڃي ٿو. نفسيات هڪ فطري سائنس (Natural) سائنس آھي، جنهن ۾ ذھني حقيقتن ۽ ڪيفيتن جو اڀياس انهيءَ لحاظ کان ڪيو ويندو آھي ته اهي حقيقتون ڪهڙيون آھن ۽ ان لحاظ کان ته انهن کي ڪيئن هئڻ گهرجي، اها ئي خاصيت آھي، جيڪا ان علم کي معياري علم (Normative) ۾ سڃاڻپ ڪرائي ٿي. نفسيات سائنس جي حيثيت سان انسان جي روين کي سمجهڻ، انهن کي ضابطو يا ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهن جي اڳڪٿي ۾ اسانجي مدد ڪندي آهي. انجو طريقيڪار تجربن تي مشتمل هوندو آھي.

ڏوهن جي نفسيات (Criminal  Psychology):

ھي علم نفسيات جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ ڏوهاري (Criminal) ماڻهن جي ذھنيت جو اڀياس ڪيو ويندو آهي ۽ ھن ۾ ڏوھ جي نوعيت ۽ انجي سبب ۽ انجي سزا جي باري ۾ مسئلن ٿي غور ڪيو ويندو آھي، ڇو ته معاشري ۾ ڏوھ اڄڪلھ به ھڪ لعنت ۽ گناھ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ سخت کان سخت سزا ڏيڻ انجو حل سمجهيو ويندو آھي پر حقيقت انجي ابتڙ آھي. ھتي جديد علمي ادارن جا پڙھيل سياستدان به ڏوھارين جي پشت پناھي ڪري رھيا آھن. توھان جواھر لال نھرو جو پنھنجي ڌيءَ اندرا ڏانھن لکيل خطن جو ڪتاب پڙھيو آھي؟ جي ڪنھن وٽ نه ھجي ته ڪوشش ڪري کيس ڪنھن ويجھي لائبريري مان متان ملي وڃي، ضرور پڙھجو.

ھاڻ اچون ٿا سنڌي ماڻھن طرف.

*سنڌي اذيت سھڻ جا عادي ٿي ويا آھن

ان بيماري کي چوندا آھن “خود اذيت پسندي”. طبعي لحاظ سان پاڻ کي اذيت ڏيڻ، خاص طور جڏھن حالات تي وس نه ھلي.

*ذھني لحاظ کان پريشاني ۾ مبتلا رھڻ جو عادي ٿي وڃڻ

سنڌ ۾ اڪثريتي عوام ذھني اذيتن سان سرچاءُ ڪري جيئڻ جو عادي ٿي ويو آھي. ڪڏھن ڪڏھن جذبات جي انتھا تي پھچي خودڪشي ڪرڻ، قبيلائي جھيڙا، پلاند، ڪارو ڪاري ۽ ڏوھ ڪرڻ به ان ڪيفيت جا مظھر آھن

تيل گئس قيمتي پٿر زراعت سامونڊي بندرن جي دولت سان مالامال ھوندي به جڏھن 72 سيڪڙو ماڻهو ٽي ويلا ماني نه کائي سگھن ته ڇا اھي ذھني طور نيم پاڳل نه ٿيندا؟ اڄ سنڌين جي اڪثريت جي ان حالت تي پهچڻ جي ذميوار رياست سان گڏ پيپلزپارٽي پڻ آھي. رياست ۽ پيپلزپارٽي گڏجي سنڌ کي اھڙي “گئس چئمبر” ۾ بدلائي ڇڏيو آھي، جتي ڪروڙين ماڻھو ٻوساٽجي ٻوساٽجي مري ويندا. اڄ سنڌين جو سج سوا نيزي تي آھي. غربت، افلاس، ڪسمپرسي، محتاجي، ھيڻائي، دربدري، ذلت ۽ رسوائي، نسل ڪشي اھي سڀ ڀيانڪ روپ ڏسڻ چاھيو ٿا ته کاري ڇاڻ کان گڊوءَ تائين سنڌ اچي ڏسو. توھان کان ماضي جا سوڊان، ايٿوپيا، ڪانگو ۽ بوسنيا وسري ويندا. سياسي ڪاٽڪوئن، جاگيردارن ۽ ڪرمنل ڪامورا شاھي گڏجي ايتري تباھي آندي آھي، جو تاريخ اگر رخ موڙيو، ڪو انقلاب برپا ٿيو ته اسين اھو ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين، جيڪو ڪامريڊ چي گويرا ڪيوبا ۾ ڪيو ھو. مون کي ندامت آھي ته پ پ جي نوجوان قيادت اھڙين سنگين حالتن ۾ به ان ٻار وانگر ٿي لڳي، جيڪا جنگي جھازن جي بمباريءَ سان تباھ ٿيل شھر جي ويران بازار جي گھٽيءَ ۾ لاٽون راند کيڏي رھي ھجي. اڄ ان سنڌ کي ريگستان بڻايو آھي. ھنن کي ڏسي فراق جلال پوري جو شعر ياد ايندو اٿم:

تو اِڌر اُڌر ڪي نه بات ڪر، يه بتا ڪه قافلا ڪيون لُٽا،

مجهي رهزنون سي گِلا نهين، تيري رهبري ڪا سوال هئي.

سنڌ تي گذريل 15 سال وڏيرا سنڌ جا مغل بادشاھ بڻيل آھن. شاھي محلاتن ۾ ھنن جي جنبشِ ابرو سان سج لھي ۽ اڀري ٿو ھو صرف اورنگزيب جھڙا ڪٺور بادشاھ آھن پر ڪاش منجھن ڪو بھادر شاھ ظفر جھڙو شاعر بادشاھ به ھجي ھا، جنھن آخر ۾ رڙ ڪري چيو ھو ته، “الا ٻه گز زمين به يار جي در تي نصيب نه ٿي”.  يا اڪبر جھڙو سيڪيولر بادشاھ، جنھن ھندستان ۾ يڪجھتي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھي رڳو جھانگير ۽ شھزادا سليم رھيا آھن ،جيڪي زرق برق پوشاڪن پھراڻن، بندوقن، گارڊن ۽ گاڏين جي قطار سان عوام کي خوف ۾ مبتلا رکندا رھيا آھن. ان ۾ ئي سندن جياپو آھي. چند ذھني غريب ڏوڪڙن جا بکيا سندن قصيده گوئي ڪن ٿا. اھي جاھل آھن، ٿڪل آھن، نوٽن تي نچندا آھن. ماڻھن جي گھڻائي ھنن کان ڪوڙھ جي مرض وانگر نفرت ڪري ٿي. اسٽيبلشمنث جي حضوري ۽ ابي ڏاڏي کان خدمتن جي صلي طور وڏيرا ستر سالن کان مظلوم رعيت جي مٿان حاڪميت ڪري رھيا آھن. ھنن ايتري دولت گڏ ڪئي آھي، جو ھنن جا ايندڙ ست نسل عياشين ۾ اڏائيندا ته به نه کٽندي. سنڌ دشمن بيوروڪريسي سان ملي ڀڳت ڪري عوام جي بجيٽ کائي اوڳرائي به نه ڏيڻ ھنن جي خاص ادا آھي. سنڌ جي صحت، تعليم، روزگار جا پئسا بنا ڳيت جي ڳيھي ويا آھن. سنڌ جي تعمير نو، پاڻي، صفائي ۽ شھرن جي ڀلائي جا اربين روپيا ذاتي ٽجوڙين ۾ ڀري رکيا اٿن. سنڌي ماني ڳڀي جا محتاج آھن، ھي پنھنجي محلاتن کي واشنگٽن ڊي سي ٺاھيو ويٺا آھن. ھي جيڪي آرامده طول وھاڻن تي زندگي گذارين ٿا. عوام جي اڪثريت بک، اوگھڙ ۽ ذلت جو شڪار آھي. حڪمرانن جي غضب حڪومت جي عجب ڪھاڻي ۾  ماڻھن وٽ اٽي لپ ناھي. ھي روز قصر شاھي ۾ اعليٰ ڊشز نوش ڪن ٿا. پيٽ تي پٿر ٻڌي سمھن ٿا. هنن جا اربين روپين جي لاڳت سان ٺاهيل شاھي محل جي جو بائيڊن ڏسي ته ڇرڪي چئي ته اوهان ھي ھيترا وائٽ ھائوس ھتي ٺھرايا آھن، ايترا پئسا ڪهڙي ڪاروبار مان ڪمائجن ٿا ته آئون رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ سرڪار ۾ صلاحڪار ٿيڻ پسند ڪندس. سنڌ جي سنڌي حڪمرانن “مڪلي نامون”، “تحفته الڪرام” ناھن پڙھيا. ھنن “سنڌ مذھبن جي ماءُ” ناھي پڙھيو. ھنن آغا سليم جو “اونداھي ڌرتي روشن ھٿ” نظر مان ناھي ڪڍيو. هنن سراج جو “مرڻ موسين آ” ۽ “تاريخ معصومي” ناھن پڙھيا. ھنن پير حسام راشدي جو “ھو ڏوٿي، ھو ڏينھن” ڪڏھن ملاحظه ناھي ڪيو. جيڪڏھن ڪن ھا ته سمجھن ھا ته سنڌ جو ماضي ڇا ھو ته ڄاڻن ھا ته حڪومت ڪيئن ڪبي آھي. ھنن جي اندر مرزا عيسيٰ ترخان جو روح آھي، ان ڪري مخدوم ٺاري جي علم جي روشني کان محروم آھن. توھان سمن جي صاحبي جي دور جو مطالعو ڪريو. ڄام نظام دين سمون حاڪم ھو پر سندس پائڻ لاءِ ڪپڙن جا ڪل ٻه وڳا ھئا. جتي ھاڻ ابدي آرامي آھي، اتي کليل درٻار لڳندي ھئي ۽ ماڻھن جا ڏک ٻڌندو ھو ۽ ان شخص ھڪ يتيم ٻارڙي مبارڪ علي کي پاليو ۽ سياسي بصيرت جي ڪري سنڌ جو وزير اعظم بڻايو، جيڪو نواب دولھ دريا خان جي اسم گرامي سان اڄ به تاريخ جي آسمان تي چنڊ جيان چمڪاٽ ڪري رھيو آھي. اقتدار انڌو ٿيندو آھي، جيڪو پنھنجن پيارن جا لاش به کائي ويندو آھي. ھندستان ۾ اورنگزيب پنھنجي پيءَ کي تخت ڪاڻ جيل ۾ وجھي، پنھنجي درويش صفت ڀاءُ دارا کي شهيد ڪرائي، ان جي سسي ٿالھ ۾ رکي والد کي موڪلي پر اڄ ھندستان ۾ مغلن جو نالو نشان مٽجي ويو آھي. سرمد شھيد ۽ دارا ستارن جئين جرڪي رھيا آھن. ڀوتارن کي به ياد رکڻ کپي ته توھان به سڀاڻي گمنام فاتحن وانگر مٽي جو اھڙو ڍير ھوندا، جتي ايندڙ پيڙھيون صرف عبرت حاصل ڪنديون. ان ڪري تاريخ کان ڊڄو. آئون حالتن جي نبض تي ھٿ رکي چئي سگھان ٿو ته زوال توھان جي طرف تيزي سان وڌي رھيو آھي، شڪست توھان جي ڪنگرن کي ڪيرائڻ لاءِ آتي آھي، توھين ذلت جي کوھ ۾ ڪرڻ وارا آھيو. اھو ھٺ، اڊمبر، غرور، تڪبر، پوليس پروٽوڪول اوھان کي ڪيسين آڪسيجن ڏيندو؟ اوھان جو يوم حساب قريب آھي، ڇو ته اوھان جي اقتدار جي لٺ انڌي وانگر ھوا جي دوش تي ھلي رھي آھي. ھي تبديل ٿيل فضا ته صرف شروعات آھي. عوامي انقلاب تيار ٿي رھيو آھي. ھي جنگ حق ۽ باطل جي جنگ آھي، جيڪا اوھان جي شڪست ۽ مظلوم عوام جي فتح تائين جاري رھندي. اسين سمجھون ٿا ته ايندڙ اليڪشن به ڍونگ آھي. ان جا من پسند نتيجا نڪرندا. اصل واڳ ڌڻين سنڌ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳين چھرن کي مڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. ھن ملڪ ۾ غير جانبدار ۽ شفاف اليڪشن صرف خواب آھي. سگھارا ادارا اڳواٽ نتيجا طئه ڪن ٿا. اھڙي صورتحال ۾ ڪنھن محب وطن اميدوار، ڪنھن قومپرست، وطن پرست ۽ حقيقي عوام دوست ماڻھوءَ جو کٽي اچڻ ناممڪن آھي. اليڪشن ايتري مھانگي آھي، جو مڊل ڪلاس جو شخص مقابلي جو تصور به نٿو ڪري سگھي پر ھن موقعي تي وري به سنڌي ماڻھو ووٽ وڏيرن کي ڏيڻ جي بجاءِ ڪنھن ھڏڏوکي اميدوار کي ڏين، ڇو ته چڱائي لاءِ ڪوشش ڪرڻ وري به بھتر عمل آھي.