خانا بدوشڻ کان ننڍڙي ڌيءَ پڇيو: “امان عيد ڇا آھي؟” ھوءَ ڪو جواب ڏئي نه سگھي. ڌيءَ ٻيھر پڇيو: “امان عيد ڇا آھي؟” تڏھن اندر جي سڄي ڪوڙاڻ لھجي ۾ لھي آيس. دڙڪو ڏيندي ڌيءَ کي چوڻ لڳي: “ڌيءَ! عيد اسان غريبن جي زندگيءَ تي ٺٺول جو ڏينھن آھي”. ائين چوندي اداسي وڻ ويڙھيءَ جيان ويڙھي ويس. ھن سوچيو زندگي سڄي خوشيءَ جي تلاش م گذري وئي پر اھو معلوم ٿي نه سگھيو ته خوشي ڪير آھي؟ ڪٿي رھندي آھي؟ ڪڏھن ايندي آهي؟ خوشيءَ جي عيد سان ڪھڙي مِٽي مائٽي آھي؟ عيد اصل ڪٿان جي آھي؟ ان جو انتظار ماڻھو ڇو ڪندا آھن ۽ جنھن ڏينھن کي عيد چوندا آھن، ان ڏينھن تي اسان کي پري ڇو ڌڪيو ويندو آھي؟ ڇا اسين ابن ڏاڏن کان ڪو عيد جا مخالف رھيا آھيون ۽ عيد رڳو محلاتن ۾ ڇو ٿي اچي؟ جھوپڙين کان کيس ڪنھن روڪي رکيو آھي؟ آئون به اڃان پنھجي پنجن سالن جي ڌيءَ جيتري ھئس ته ٻڌندي ھئس عيد پئي اچي. مون امان کان پڇيو: امان عيد ڇا آھي؟ امان ساڳي ڪاوڙ مان دڙڪو ڏئي مون کي چيو: عيد معنيٰ اسان جي بيوسيءَ جو ڏينھن. مون امان کان پڇيو: امي توکي اھو ڪنھن ٻڌايو؟ تڏھن امان ڪنھن اونھي پاتال مان ڇرڪ ڀري ڳالھايو ۽ چيائين ته، ڌيءَ! مون کي اھو تنھنجي نانيءَ ٻڌايو ۽ نانھينءَ چوندي ھئي ته کيس اھو سندس ماءَ ٻڌايو ۽ ان جي ماءَ کي ان جي نانيءَ ٻڌايو. ائين صدين کان اسين عيد ۽ عيد سان گڏ لفظ خوشي ٻڌندا پيا اچون پر ان جو مطلب سمجھي ڪونه سگھيا آھيون. تنھجو پيءُ مرحيات اڪثر چوندو ھو ته ھن سال خدا ڪندو پنھجي گھر ۾ خوشي ايندي. مون تنھجي پيءَ کان پڇيو ته، رحيمان جا پيءُ! اھا خوشي ڇا ٿيندي آھي؟ تڏھن تنھنجي پيءَ ڏاڍي انوکي ڳالھ ٻڌائي. خبر اٿئي ڌيءَ رحيمان، تنھنجي بابا ڇا چيو؟ چيائين: خوشي ڏکن جي دشمن آھي. جڏھن ڏک صفا انسان جي اندر کي کوکلو ڪري کائي ويندا آھن، تڏھن ڪڏھن ڪڏھن خوشي مھربان ٿيندي آھي، گھر ايندي آھي، پوءِ ڏک ڀڄي ويندا آھن، خوشي ويڙھا وسائيندي آھي ۽ ماڻھو سک سان راتيون سمھي سگھندا آھن، پيٽ ڀري ماني کائيندا آھن، بزرگ شڪراني جا سجده بجا آڻيندا آھن، ٻار ڪشادن اڱڻن ۾ رانديون رھندا آھن، ڪنواريون ڇوڪريون پڪي مند جا خواب ڏسنديون آھن، ڪراڙيون عورتون دعائن لاءِ ھٿ کڻي آسماني ديوتائن اڳيان اميد جا گل پوکينديون آھن. ائين آسرن جي اڌوري رت کي خوشي چئبو آھي پر ڌيءَ! مون ستر سالن جي زندگيءَ ۾ اھا خوشي نه ڏٺي. عيد ايندي ھئي، پاڙي اوڙي ۾ ٻڌندي ھئس ته عيد پئي اچي، خوشيءَ جو ڏينھن آھي. پوءِ عيد کان ٿورا ڏينھن پھرين پاڙي ۾ ڏسندا ھئاسين ته سيدن جي حويلين مجيرين جي بنگلن ۾ تو جيڏيون ڇوڪريون زربفت پيون سبنديون ھيون. مينديون پيون رکائينديون ھيون، وار پيون سجائينديون ھيون. ٻڌندي ھئس ته خوشيءَ جو ڏينھن پيو اچي. پوءِ عيد ٿيندي ھئي. اسين صبح کان وٺي سڀ بکئي پيٽ آسمان ۾ آليون اکيون اٽڪايو پيون سوچينديون ھيوسين ته خوشي ڪٿان ٿي اچي؟ سڄو ڏينھن گذري ويندو ھو. خانه بدوشن جي راڄ جا ٻار ٻچا، جوان پوڙھا ڏسي ڏسي ٿڪي پوندا ھئا پر مائي خوشي ڪڏھن لڙي نه آئي. شام جو آئون دستور مطابق اٽي لپ لاءِ حويلي ويندي ھئس ته ديڳيون، ڇيلا، ڪڪڙ، مھمان نوان ويس، پٽڪا، زربفت، ڪاٽن، لنگيون …. سڄي حويلي ۽ اوطاق ٻھڪندي پئي ھئي. پڇا ڪرڻ ته پتو پوندو ھو ته ھي سڀ ڪجھ خوشيءَ جي ڪري ڪيو پيو وڃي. ڌيءَ! مون کي پوءِ سمجھ ۾ آيو ته خوشي رڳو حويلين ۽ بنگلن ۾ ايندي آھي ۽ عيد رڳو سيد، پير، وڏيرا، زميندار، آفيسر، جاگيرن جا ڌڻي ۽ حويلين وارا ڪندا آھن. امڙ ان کان پوءِ مون خوشيءَ جو انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ عيد منھجي لاءِ بي معنا بڻجي وئي.
“خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري ”.
ھڪ طرف زندگيءَ جي بي حساب آزمائشن ۾ ماڻھوءَ جو وجود اشتھاري ڪمپنين جي ڪموڊٽي بڻجي رھجي ويو آھي. گھر ٻار جا کٽڪا، بيرزگاريءَ جي بيماري يا وري ڪاروبار جا قصا، برادري تضاد، شادين جي ٽٽڻ ٺھڻ جا الڪا، مھانگائي، ذاتي دشمنيون، سماجي ڪروڌ، رياستي جبر مذھبي، خوف و هراس، ھڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪي اڳتي وڌڻ جو مرض، پئسن جون ٽجوڙيون ڀرڻ جو جنون، محبت ۾ دوکيبازيون، دوستين مان کڄندڙ ويساھ…. انسان بس ھڪڙي اڻ کٽ جنگ ۾ رڌل آھي، جتي کيس ڪا خبر نٿي پوي ته ھن کي وڃڻو ڪيڏانھن آھي. ھو مسلسل تيز ڍوڙي رھيو آھي ۽ سھڪي رھيو آھي پر جي پڇبس ته ڪھڙا حال آھن ته سڀ ڪجھ ھوندي به چوندو يار سڪون ڪونھي!
ٻئي پاسي معاشي بيحاليءَ جي عروج وارن ڏينھن ۾ ايندڙ مذھبي تھوار احساسن کي ڪپي ٿا وجھن. ناڪام حسرتن تي غمزدا ساده ماڻھو ڪجھ ھئين به سوچيندا آھن ته زندگي رڳو باھ تي ماتم جو نالو آھي. زندگي ڀرپور ٽھڪن جو ميلو ٿي نٿي سگھي ٿي. زندگي زماني جي ذلالتن ۾ ڀٽڪڻ واري پراڪسي وار آھي. زندگي آزاديءَ جي شام ۾ ڪنھن حسين محبوبا جي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي ھلڻ واري گلابي حقيقت بلڪل ناھي. ان دولتمند طبقي دل جي گل کي ڪومائي، دولت گڏ ڪرڻ جي غليظ پڻي واري غلط دستور کي اپنايو آھي. غريب طبقو زندگيءَ جي پن ڇڻ مان فرار ٿي ڪي لمحا پنھنجي ذات جي ھجوم، راڳ، شاعري، رقص ۽ فطري منظرن ۾ وڃائجي سگھڻ واري عياشي به ‘افورڊ’ نٿو ڪري سگھي. ان وٽ ٻن ويلن جو راشن ناھي. “ڍئو بنا ڍولا، ناھي ساڃاھ سونھن جي”! ھتي انسان کي پنھنجي وجود جي مڪملتا جو احساس ناھي. ھر طرف درد آھي. آئون محسوس ڪندو آھيان ته ڪائنات جي سموري سونھن سوڀيا، پيار ۽ پريت پئسي جي پيرن ھيٺ لتاڙجي رھي آھي ۽ اھي ماڻھو ھڪ ٻي کي وقت جي صحرا ۾ ڇڏي ھليا ويا آھن. آئون اھڙي لمحي پاڻ کي پوري جھان ۾ ھيڪلو پيو محسوس ڪندو آھيان. شايد ھي رولاڪ روح جي سڄي ڪارستاني جڳ جي ريت جھڙي نه ھجي پر اسان اڌو اڌ ٿيل انسانن جي جيئڻ واسطي ھي مور وانگر پنھنجي ئي پرن مان ٺاھيل گلستان خوبصورت آھي. چاھيون ٿا ته ان ۾ مساوات ھجي، برابري ھجي، انسان ھڪ جسم وانگر ھجي ان جا سک ۽ ڏک ساڳيا ھجن، عيدون ۽ ھوليون ھڪ جھڙيون ھجن.
ڪالھ ھڪ سوشل ورڪر ۽ ان جا ٻار مليا. ساڻن الاھي ڳالھيون ٿيون. عيد تي ڏتڙيل ڪلاس جا ڏک ونڊياسين. عيني ٻڌايو ته اسان ڪجھ خاندانن جي مالي معاونت ڪئي آھي پر ھي ڪم فردن جو ناھي. مون ساڻس اتفاق ڪيو ته بنيادي تبديلي رڳو رياست جو ڪم آھي ۽ حڪومتون نظام ۾ سڌارا آڻي ان ۾ برابري پيدا ڪنديون آھن. سنڌ وسيلن جو وطن آھي. سمنڊ کان وٺي ڪوئلي تائين قدرت جا سڀ معاشي گس سنڌ وٽان نڪرن ٿا پر محڪوميءَ جي ڪري وسيلن جي ورڇ غير متوازن آھي. صرف ھڪڙو مردار ڪلاس پيدا ٿيو آھي، جيڪو دولت جو اڪيلو وارث بڻيل آھي. نتيجي طور ڪروڙين ماڻھو اٽي. لٽي ۽ اجهي کان محروم آھن. عيد کان اڳ ۾ روڊ رستا، شھر، بازارون صرف ڍاول طبقي جي خريداريءَ واري رش جا منظر ڏيکارين ٿا. باقي خلق خدا صرف پنڻ ۾ مصروف آھي. مون پنھنجي سانڀر ۾ ايترا فقير ڪونه ڏٺا، جيترا ھن عيد تي نظر آيا اٿم. مھانگائيءَ جو راڪاس وستيون واھڻ ڳيھي رھيو آھي. غربت تماشو ٿي رھجي وئي آھي. خزاني جي چاٻي فوجي اشرافيا، سرمائيدار، وڏيري ۽ ڪاموري جي ھٿ ۾ آھي. وچولي طبقي جي مقدر ۾ رڳو اونداھ آھي.
چيني چوڻي آھي ته، “ھڪ يگ ۾ رھڻ کان وڌيڪ ڪو سراپ ٿي نٿو سگھي”. ان ڪري ڌرتيءَ تي ھڪ وڏي اڪثريت زندگيءَ کان محرومي جو ڪرب ڪاٽي رھي آھي. ماڻھو جيئرا آھن پر بي جان بتن وانگر! ماڻھو اکين ھوندي به ڏسڻ جي خوشيءَ کان وانجھيل آھن. ماڻھن جا خواب اغوا ڪري کين ڊرل مشينن جا سوراخ ڪري ماري روڊن تي اڇلايو ويو آھي. ماڻھو ساھ کڻن ٿا پر پاڻ کي ڪنھن اجتماعي قبر ۾ محسوس ڪن ٿا ۽ اسين سنڌ جا ماڻھو ته ھڪڙي اھڙي غليظ ماحول ۾ ڦٽي ڪيا ويا آھيون، جتي اسان جي حياتيءَ جي ھرڻي ھر سمئه موت جي بگھڙن کان ڀڄندي وتي ٿي، رياست، اسٽيبلشمنٽ، سرمائيدار، جاگيردار، ملان – ان پنج رڪني ڪاميٽيءَ جي خوني ھٿن ۾ خنجر آھن ۽ اسان ڀٽائي ۽ درازي جي فڪري وارثن کي مذھب جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڦاسائڻ جي پوري ڪوشش جاري آھي. نئين سجاڳي واري جھدوجھد کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڏسون پيا ته ڪئين مذھب جا ٺيڪيدار ٻرن مان نڪري پون ٿا ۽ پنھنجي ديس جي قديم اھنسا توڙي انساني ڀائيچاري واري پيغام کي ميرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سنڌ ھڪ اھڙي سنگين موڙ تي بيھاري وئي آھي، جتي اھل وطن ساڃاھ وند ڌرين کي سنجيدگي سان ويچارڻ جي ضرورت آھي. جيڪي ڪلور ڪالھ سياسي آمريتن فوجي جنتا ۽ ڪليسا يورپ ۾ ڪيا، اڄ جي ‘عالمگير ايج’ ۾ اھي سانحا ھتي مختلف ٽولن جي زريعي ڪرايا پيا وڃن. مذھب سمورا امن جا داعي ھئا پر نااھل حوس پرست اقتدار جي بکين سامراجي قوتن، تنگ نظر ٽولن جي ور چڙھي تباھي جو ڪارڻ بڻجي ويا. خدا نه ڪري پر ھي ھتي سنڌين کي سنڌين سان مذھب جي نالي تي ويڙھائي سسين جا لابارا ڪرائي سگھن ٿا. معيشت جو مدار سياست تي آھي. سياست ڪنھن به رياست جي جوڙجڪ ڪندي آھي، ھي تاريخ جو ستم آھي ته ھي ملڪ مافيائن وٽ آھي، جن وٽ جملي وسيلا صرف پنھنجي عيش ۽ عشرت تي خرچ ڪرڻا آھن. رياست اندر رھندڙ ڪروڙين ماڻھو غربت جي ليڪي کان گھڻو ھيٺ زندگي گذارين ٿا. اھڙي ماحول ۾ عيد رڳو اداسائين جا ڀاڪر کڻي آئي آھي. جن گھرن ۾ ھڪ ويلي جي سانجھاڻ لاءِ چلھ نه چڙھندي ھجي، اتي عيد جا رنگ انڊلٺ ٿي ڪيئن اڀرندا؟ معصوم ٻار نماڻين نظرن سان آسپاس ڏسندا، جڏھن سندن ھڪ جيڏا ٻار وڏن محلن مان سينگارجي نڪرندا. وڏين گاڏين جي وڏن بنگلن اڳيان آمد رفت ٿيندي. ڇيلا ٻڪر ڪسندا. ديڳون دمبيون. رانون پچنديون. اتي آسپاس ڪيترن گھرن تي ڏک جو ڪوھيڙو ڇانيل ھوندو. بک ٻاڪارون ڪندي. قومي غلامي طبقاتي جبر ۽ معاشي ڦرلٽ جي شڪار انسانن سان سدائين ائين ٿيو آھي، جيئن سنڌ ديس جي وارثن سان ٿي رھيو آھي ۽ تيستائين ٿيندو رھندو، جيستائين گڏجي ھن راوڻ جھڙي رات جو خاتمو نه آڻينداسين.