ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … شاعريءَ جا رنگين روھيڙا…….

0
29
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... شاعريءَ جا رنگين روھيڙا.......

نئين ٽھي جي نرالي ڪوتاڪار امر ساھڙ جو ھي ڪتاب “آنچَلِيو“  جمالياتي ڪيف ۽ جلال جي حُسناڪ وادين جو سفر نامون آھي. جنھن ۾ پکي، پوپٽ، پھاڙ، نديون، گل ۽ زندھ عورتون موجود آھن. ھي ڪتاب انھن سنڌ ورڪين جي ڳولا آھي، جيڪي ولايت وڃي سون سوڌي ايندا ھئا، جن لاء لطيف چيو ھو ” کاري کيڙائو مٿي مٺي موٽيا “

ائين گھورپ ڪري گھٽا تنھنجي،

جيئن ڌڻ ڪو ڌنار ڳولي ٿو.

قرب بيشڪ ڪلاسڪي آھي،

نينھن ليڪن نکار ڳولي ٿو.

ڪتاب ۾ شامل پھرين غزل جون ھي نج سچ ڪوڏي جھڙيون سٽون سندس باقي شاعريءَ جي سُندرتا ۽ سَلوڻائپ جي ساک ڀرين ٿيون. ھن ڪتاب ۾ گُونجندڙ غزل آھن، نوخيز ناريءَ جي نھار وانگر نرمل نظم آھن، وطن جي واس مان وھنتل وايون آھن.  امر شاعريءَ سان ڪنھن ٻي زبان ۾ نـه پر، نج ٻاٻيياڻي ٻولي ۾ مخاطب ٿيو آھي، موھن جي دڙي تي ٻاھرين لوڪ جي حملي کان وٺي ستيتاليھَ تائين جيڪو سنڌ رت ڳاڙيو آھي، اھو امر ساھڙ جي شعرن ۾ اوتجي آيو آھي.

ھاڻ  زمينون ۽ ھِي سِيمُون،

پنهنجون ڪونه پرايون آھن.

ڪيئن چئجي  سنڌ جيئندي صديون

صورتحال تـ صفا سنگين آھي!

ڪٿي حق ڪوئلي تي ھو،

رڳو ئي ريٽ ھو پنھجو .

روپوش رھي ٿو سنڌ! سندءِ،

ڀاڳ بـ ڄڻ بنواسي آھي.

بحريا ڀرسان گذري ڇو ٿي؟

ھڪڙو ڪيس ھوا تي ڪريو!

 ھن احساساتي جھان جي سير و سياحت تي ھيءَ لکت ڪو مُھاڳ يا اُمھاڳ ناھي، ھي بس ھڪ دل جو شاعر لاءِ ھَديو آھي، شاعري منھجي سٺي دوست آھي، جيڪا زندگيءَ جي غالب چواڻي“ بازيچا اطفال“ ۾ منھنجن تصورن کي حقيقت جي رنگن سان پرڻائيندي آھي. آئون اڪثر مُنھن تي ٻانھن رکڻ جي بجاءِ شاعريءَ جو ڪتاب رکي رُنو آھيان، سُٺي شعر ٻُڌڻ/ پڙھڻ لاءِ منھنجو روح ائين سَٽون کائيندو آھي، جيئن ڪنھن عاشق جي دل محبوب جي سُرميناڪ اک ڏسڻ چاھيندي آھي. شايد ان ڪري آئون سياست جي ڪنڊيدار پنڌ ۾ لڦون ٿيل پيرن، چاڪ دامن ۽ گھايل من سان بـ ھلندو رھيو آھيان. ڇو جو شاعري وڏو ڏڍُ آھي، ان کان وڌيڪ ڪو گھاٽو وڻ ٿي نٿو سگھي! لطيف سائين شاعري نـه ڪري ھا تـ شايد اڄ اسين فارسي اردو يا ٻي ڪا ٿاڦيل ٻولي ڳالھائيندڙ قوم ھجون ھا، ڇو ته شاعري صورتخطي آھي، اسان جو قومي ورثو توڻي ٻولي جو ٻَلُ شاهه جو رسالو آھي. اسان جي مقامي حڪمرانن جون تلوارون، تير يا ڪمان اسان کي نٿا ملن، پر سمنگ چارڻ توڙي ماموئي فقيرن جا شعر اسان وٽ اڄ بـ موجود آھن. ادب قومن جي روحاني جاڳرتا جو نقيب آھي، شاعري ادب جي چيلھ آھي، جنھن تي ثقافت جو رنگين چٽن وارو گھڙو رکيل آھي.

 نئون پائي پڙو تَڙَ تي،

 کڻي آئي گھڙو تَڙَ تي.

 گيت جھڙو گھڙو گھڙن لاءِ،

 خاڪ کُنهبي ڪنڀار ڳولي ٿو.

شاعريءَ کي اھو اعزاز آھي، ته اھا بک توڙي ڏک سان ھٿين خالي بـه وڙھندي آھي، جڏھن ماڻھو حالتن جي جبر اڳيان مسلسل سينو ساھيندي، ھڪڙي موڙ تي ٿڪجي پوندو آھي، احساساتي طور وکرڻ لڳندو آھي، تڏھن شاعري ڪا اگھاميل دعا بڻجي سامھون اچي ويندي آھي. ۽ ماڻھوءَ جي داخلي دنيا ۾ ڪيپسين سمنڊ جھڙي سانت واسو ڪرڻ لڳندي آھي. ھُو پنھنجي روح ۾ تيز مينھن دوران پُسي تازو ٿي ويل گلاب جي مُکڙي وانگر مھڪڻ لڳندو آھي ۽ ھڪ دفعو وري سندس ھٿ ۾ ارجن واري تلوار اچي ويندي آھي. وقت جي ناڪاري قوتن سان منجھس وڙھڻ جو بي پناھ حوصلو پيدا ٿي پوندو آھي؛

شال  منھنجي سموري شاعري،

يتيم ٻارڙن جي شئي ٿي پئي.

ڇاڇرو جتان سنڌ جو سج اڀرندو آھي، ڇاڇرو جيڪو سڄي رات مدھوشي جي ٻکن ۾ گھاريندڙ ڪنھن پراڻي پياڪ وانگر باک جي ڪرڻن تي ڪنڌ کڻي نھار اُڇليندو آھي؛

ياد ھڪڙي پيارَ پُراڻي جي،

ڇاڇري شھرَ ۾ ڇڏي آئي.

شاعريءَ جا رنگين روھيڙا،

ڏات جي ڏھر ۾ ڇڏي آئي.

محبت تلوارن تي ھلڻ جو تجربو آھي، ڳوٺن جون اداس راتيون جڏھن ٻنين ۾ ھر ڪاھيندڙ ٽريڪٽرن ۾ لوڪ فنڪار پُرسوز انداز ۾ ٻٽن ڳوڙھن جھڙا گيت ڳائيندا آھن، ته بسترن مان نڪري اڱڻن جي اوٽلن- ٿلھن تي بيھي ڪيئي دليون سرد ساھ کڻنديون آھن. اھڙي ئي ھڪ زماني ساز عاشق جي دل جي ڪيفيت کي امر ھينئن چٽيو آھي؛

لطف و ڪرم جي گرم جوشيءَ سان،

برف ڳاري وئي ڳوٺ جي ڇوڪري.

لوڪ کان لڙڪ پنھجا لڪائي مگر،

مرڪ ھاري وئي ڳوٺ جي ڇوڪري.

 امر ساھڙ جنھن ويجھي ماضي ۾ نثر ۽ نظم ۾ پنھنجو ھڪڙو جداگانه گس تخليق ڪيو آھي، پر ھن فقير مزاج شخص ڪڏھن به ڪنھن تقرير يا انٽرويو ۾ اھا ھام نه ھنئي ته منھنجي ڪنھن تي ڇاپ آھي، يا ڪير منھنجي اسلوب ۾ لکي رھيو آھي. جيتوڻيڪ اھو سچ پنھجي جاءِ تي موجود آھي، ته امر نثر توڙي نظم ۾ جيڪو پيچرو ٺاھيو، اڄ جا گھڻا نالا ان تان پنڌ ڪندا آيا آھن ۽ ڪن پيا. پر اھا ھن ڀلوڙ روايت وڌي ته ماڻھو پاڻ ھرتو ڪا دعوا داخل ڪري، ان کان ھزار ڀيرا بھتر آھي ته اھو فيصلو تاريخ ڪري ھُونئن به ھي ڪنھن قبضي ۾ آيل پلاٽ يا زمين ۽ جائداد جو مسئلو ناھي جو سول سوٽ داخل ڪجي. پورھيو ڪنهن جو به ضايع نٿو ٿئي. امر جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت باب آھي، جنھن جو سواد بنھ پنھجو/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

 آھي، ھن ڪتاب ۾ امر جا ھي نظم ” زيرو ميٽر ضمير براء فروخت ” بغاوت” آپيشاھي آرڊيننس ” نوڦي جو نشو” راڳ زرداري ” ڳڙ جي آڱر ” منشور چٻاڙي کاءُ ميان “مون کي منهنجي ديس جي مٽي سڏي رھي آھي ” ثمرت ڪمار اسان کي معاف ڪجان ” “سنڌ جو پورٽريٽ“ “ديس سمورو دوشي آھي“  “مُخبري “ “ديس جي دانگي لاھي ويا“ “ نئون سياسي سفر مبارڪ“ “ گوگل مون کي ڳولي ڏي“ “  زخمن تي پھا“ اھڙا نظم آھن جيڪي دل ٿي چئي بار، بار پڙھي سڄي جا سڄا نقل ڪريان ڇو تـه ھي رڳو نظم ناھن اڄوڪي سنڌ جون مختلف وقتن تي ڪيل ايم آر آئي ٽيسٽون آھن. جن مان سنڌ ماٿر جي موذي مرضن جي تشخيص ٿئي ٿي . ساڳي وقت امر متوازن وطن دوست، آزادي پسند سيڪيولر ۽ انسان دوست  به آھي. جنھن جي شاعري پڙھي منھنجا احساس اروڙ جي شام بڻيا آھن. ھي سادو صوفي منش ڪيٽي بندر جي حلوي جيان مٺو ۽ ۽ لاڙ جي ليارن جيان سواد ڀريو فرانز فينن جي مٽي ھاڻن ماڻھن جو شاعر امر ساھڙ لطيفي فرمان ” ھو چونئي تون م چئو ” جي زندھ تصوير آھي. ڌرتيءَ جي شاعر وٽ قوم، ان جي غلاميٖ کسيل جاگرافي وسيلا، ٻولي ۽ تاريخ سڀني شين کان اتم ھوندي آھي.

عمل بنا او شاعر!

لفظن جا لوڙھا،

ڪيسين ڏيندين قومَ کي؟

ٿا کپن اختيار  ڌرتيءَ   جا،

عارضي فائدا قبول ڪونھي.

امر کي شاعري پنھجي ڪومل ولين جھڙين نازڪ ٻانھن ۾ سدائين سوگھو رکيو آھي، ھو فطري شاعر آھي. سندس شاعريءَ اسان کي ھميشه اتساھ ڏنو آھي.