ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … درد کي ميان گُل محمد منجھان نھاريو مون….

0
39
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... درد کي ميان گُل محمد منجھان نھاريو مون....

ھن جو نازڪ ۽ معصوم رُوح شايد اڃان ميرپور خاص جي خاڪ جي ڀرسان ترسيل ھوندو. ظاھر آھي سدا جي موڪلاڻيءَ کان اڳي ھن اٻاڻڪي وطن کي جِي ڀري ڏسڻ چاھيو ھوندو، ھُو شايد اھو به چاھيندو ھوندو ته ھن جا سڀ يار اغيار آخري دفعو سندس چھري تي پکڙيل ڊگھي اُداسيءَ جي شام کي ڏسي وٺن، ڇو ته ھُو وري ڪنھن به بزم ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جو ڏُک اورڻ لاءِ ناھي اچڻو، نه ايندو ھو، نه ايندو ان يار جي آشياني تي، جتي سدائين انگوري رس سان ھن جي تن جي تشنگي اُجھامندي ھئي ۽ مونکي به ته سدائين ھو مئخوارن جي مئڪدن تي ملندو ھو، جتي ھن جا ھلڪا ٽھڪ سندس سنجيدگيءَ سان رلمل ٿي ڪاڪ ٽيل جو رنگ پيش ڪندا ھئا، ميان گل الائي ڪھڙي ڳالھ تان رُٺو، وڇوڙي کان فقط چار ڏينھن اڳ ۾ ھن منھنجي پُڇا ۾ پوسٽ رکي، جيڪا مون کي ڪنھن اسڪرين شاٽ ڪري اماڻي ته منھجا ڇھ ڇڄي پيا، ھن کي ڪيڏو نه اُلڪو ھو اسان جو ۽ پوءِ ائين ڇو اسان کي اڪيلو ڇڏي پاڻ پرديس ھليو ويو، ھڪ اھڙي اڄاتي ديس، جتي ھاڻ لک بار چاھيندي به ھن سان ملي نه سگھبو. ھو اسان جو اتساھ ھو، ھينئين کي ٿوڻي ھو، ميرپور جي سنڌڙي انبن کان وڌيڪ ذائقو سندس گفتار ۾ ھو، ميان جي لاءِ چون ٿا ھن علامه آءِ آءِ قاضي، عرفان، مھدي ۽ ماٺيڻي اوٺي واري راھ ورتي، جي ائين آھي ته منھجي يار ائين ڇو ڪيو ھو ته زندگيءَ جو طرفدار ھو، دليلن جي دُنيا جو ماڻھو ھو، سائنس ۽ فلسفي جي معجزن جو مڃتائو ھو، ھن وٽ ته حُسن ھو، عشق ھو، آزادي ھئي، ھُو ائين ڪيئن ٿي ڪري سگھيو، ھن جي قلمي زنجير سندس وڇوڙي جي وَڍَ سان ٽُٽي ٽُڪر ٿي پئي. آئون ڇا لکان؟ ڇا ڪي رومانوي جملا ميان گل محمد جھڙي ماڻھوءَ جو پورائو ڪري سگھن ٿا؟ ڇا ڪو نظماڻو نثر ھن جي جُدائيءَ جو نعم البدل ٿي سگھي ٿو؟ ھرگز نه، جنھن ڏينھن ميان جدا ٿيو ھو، ان ڏينھن منھنجا لفظ، لھجو، جملا ۽ تشبيھون پنھنجا سڀ رنگ اڏائي چڪا ھئا ، آئون دل ئي دل ۾ پاڻ کي زردشت جي آڳ جي مٿان ويٺل محسوس ڪري رھيو ھئس، اڄ جيتوڻيڪ ھن جي ھجر کي ڪجھ سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن پر ميان گل جا محبوباڻا بحث ادب ۽ آرٽ جا تذڪرا اڄ به تازا ٿا لڳن. ھُو اھڙو ڪردار ھو، جنھن جي لاءِ لطيف سائين لکيو ھو ته:

ڳوليان ۽ ڳنڍيا ويا ويراڳي نڪري،

سخن جن سنديان آئون نه جيئندي ان ري.

ڍِڳ ڳالھيون ھيون ھن جي اندر ۾، جيڪي ھن لطيف وانگر ان ڪري نه سليون جو “گوشي گڏيا نه پرين” پوءِ جڏھن سھپ ۽ صبر جو پيالو لبريز ٿيو ته ھن سارا شگفته ۽ عرفان مھدي وانگر شھرت جو تاج اڇلائي دنيا کي آخري دفعو ڏسي ان آيت تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته، “انا للہ وانا اليه راجعون (اسين جتان آيا آھيون اوڏانھن ئي وڃڻا آھيون).

ھُو حضور شرم ھو، اندر جو اجرو ھجڻ ڪري ڪُڇي به نٿي سگھيو، ھن وڏن وڏن نام ڪٺن دانش گردن جي ڇسائين تي مونسان ميسينجر ۾ ڪيترا اوراڻا اوريا ھئا ته ڪيترن دل وارن جا درد به ٻڌايا ھئا، ھن جي زندگي به ھڪڙي ڳُجھارت ھئي ته ھن جو موت به ڪنھن سگھڙ جي پرولي ثابت ٿيو!

ھُو جيڏو وڏو ڪھاڻيڪار ھو، ان کان به وڏو انسان ھو. ھُو ٻوليءَ جي معاملي تي جيترو حساس ھو، زندگيءَ جي باري ۾ ايترو غير سنجيده ڪيئن ٿيو؟ ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو؟  ڇا ھِي ڪيس به تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ ڇڏي ڏجي؟!

ھن جي زرعي اپت ته الائي ڪيتري ھئي پر سندس ذھني پورھيو ڪنھن سڪندر جي خزاني جيترو وسيع ھو. آئون ھن جي آپگھات کي اڄ به قتل ٿو سمجھان. ڇا ھن کي سماج مرڻ تي مائل نه ڪيو؟ ڇا ھو ان ذھني ڪشمڪش جو شڪار روين جي ڪري نه ٿيو؟  ان کي ڀلي اسان مڻين مٽي ھيٺ پوري ڇڏيو پر ھن جو موت سندس لکڻين وانگر وقت جي ننڊ ڦٽائيندو ۽ ڌونڌاڙيندو رھندو. ميان کي اڄ ساريندي آئون لفظن جو پرسو ڏيڻ جو ست نٿو ساريان. ھُو اسان جي محفلن ۾ موجود ته ڪونھي پر سندس سراپا سدائين سار ۾ سرندو رھي ٿو، سنڌي ٻولي ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪار کان محروم ٿي وئي، جيڪو رڳو سٽن جي سنھن کي بيان ڪرڻ ڪونه ڄاڻندو ھو پر ھُو ڪردارن کي زندگي بخشي ڇڏيندو ھو. “ڦ ڦيٿو” جھڙيون ڪھاڻيون رڳو ميان گل ڪلھوڙي جي حصي ۾ آيون، سنڌ درد جي ڪوھيڙي ۾ ٻڏل آھي، متان گھڻن کي گل محمد ياد نه اچي پر ھن جيڪو وطن سان پيار ڪيو، ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ جيڪي گُلاب وڌا، دوستن سان دلبرين جا جيڪي داستان ڇڏيا، اھي الائي ڪيترن ماڻھن جي اکين مان لُڙڪ ٿي لڙندا رھندا.

توکان پوءِ پرين جھڙ ٿيا جھاٽي،

پُڇ مون ڪيئن ڪاٽي رم جھم ۾ راتڙي.