ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … جديد سنڌي شاعري ۽ نظم جو امر شاعر

0
84
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... جديد سنڌي شاعري ۽ نظم جو امر شاعر

 اياز امر شيخ جا نظم پڙھي سوچيندو رھيس ته ھي نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي. سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو به آھي. ھي نظم جن ۾ سڏونت ۽ سارنگا جي اڌوري عاشقي به آھي. ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر به آھي ته انچلاسر به آھي. ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات به آھي ته ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ به آھي. ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس ورٿ جي فطرت نگاري به آھي ته غالب جي مئه نوشي به آھي. ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني به آھي ته امراءِ القيس جي گيتڪاري به آھي. نظم جن ۾ مارجي ويل پکين جي آکيرن جي اُداسي آھي. ھي نظم جن ۾ وان گوگ جي سنگتراشي جي سين آھي. ھي نظم جن ۾ ڀٽ شاھ جي وياڪل شام ۾ تنبوري جي  تنوار آھي. ھي نظم جن ۾ ڀڳت سنگھه جي ڦاسي جو ڪرب آھي. ھي نظم جن ۾ مرکان شيخڻ جي لوڪ اتھاس جا رنگ آھن. ھي نظم جن ۾ اُن دراوڙ پروھت جا پير آھن، جيڪو وحشي ناچ ڪندو ھو. ھي نظم جن ۾ جنوني درندن ھٿان ڪسندڙ فاطمه جو ڪفن آھي. ھي نظم جن ۾ پئبلو نرودا جي چلي جا شگفته گلاب آھن. ھي نظم جن ۾ ايران جي شھيد باغي حڪيم ماني جي زندگي جا زخم آھن. ھي نظم جن ۾ روپلي ڪولھي جي ڪاتر آھي. ھي نظم جن ۾ ارشاد ساگر جي تلاش آھي. ھي نظم جن ۾ ٺٽي جي صبحن جو حسن آھي. ھي نظم جن ۾ صدين جي جاڳ آھي. ھي نظم جن ۾ ھڪ زخمي دل آھي، ٻه نراس نيڻ آھن، ھڪ تڙپندڙ ديس آھي، سوين مقتل آھن. ھي نظم جن ۾ جلندڙ جاگرافي آھي، وڃايل وطن آھي. ھي نظم جن ۾ ٽارچر سيل جا ستم آھن. ھي نظم جن ۾ فلسطين جي ابو جھاد جي اڻپوري ننڊ آھي. ھي نظم جن ۾ ھڪ دؤر سُتل آھي. ھي نظم جن ۾ عرفان مھدي جي موت جي سينا ڪوبي آھي. ھي نظم جن ۾ ڏاھر جي شھادت جو کھنبو آھي. ھي نظم جن ۾ راڻي لاڏي جي پڇاڙڪي پڪار آھي. ھي نظم جن ۾ دودي شھيد جو رت ھاڻو مولھيو آھي. ھي نظم جن ۾ جي ايم سيد جون اکيون آھن. ھي نظم جن ۾ شھيد بشير قريشي جي ڀاڪرن جو لمس آھي. ھي نظم جن ۾ سجاول جون سرمئي سانجھڙيون آھن. ھي نظم جن ۾ اياز جي ڌار ٿيل وجود جون وارتائون آھن. ھي نظم جيڪي اياز امر اُداس عورتن جي اکين مان چونڊيا آھن. ھي نظم جيڪي اياز ان ازلي پيڙا جي پھر ۾ لکيا آھن، جڏھن تقدير ڪنھن شڪاري وانگر سندس ھٿ ترين تان ميندي جا رنگ چورائي وئي. اھو اياز امر شيخ جنھن جي چھري تي معصوميت جي موسم ڏسي چيني چوڻي ٺھڪي اچي ٿي ته، ھڪ يگ ۾ رھڻ کان وڌيڪ ڪوئي سراپ ٿي نٿو سگھي، ان اياز پنھنجي نظمن ۾ ڪائنات پلٽائي آھي. اياز امر جي شاعري تي ھي اڻ مڪمل مھاڳ لکڻ وقت مون پنھنجي ڪيفيت کي آرٽ جي ٻي ڪنڌي طرف وٺي وڃڻ لاءِ امير خسرو جي ايجاد ڪيل،  بھار راڳڻي، جا ٻول، ڪلين سنگ ڪرت رنگ رلين، ٻڌا ته منھنجي حواس ڪنھن مارواءِ فطرت خمار ۾ وٺجي ويا ۽ مون ھڪدم اياز امر جو ھي نظم کڻي ورتو:

تون ڪٿي آهين…!؟

آئون اکين مان درياھ ٿي اٿلي پيو آهيان

منھنجي سڪ جي سمنڊ کي

تنھنجي ڇڪ جون ڇوليون سمھڻ ئي نٿيون ڏين

آئون پنھنجي مري وڃڻ جو اطلاع

پنھنجو پاڻ ۾ کڻي رُلي رهيو آهيان

دل جي دفن ٿي وڃڻ جا ڏينھن

تنھنجي وڃائجي وڃڻ کانپوءِ

مون پنھنجو پاڻ تي لھندي ڏٺا آهن

افلاڪ جي اک مان ته ڪو به ڳوڙھو ئي ناهي ڳڙيو

پر مون تنھنجي آيتن جھڙين اکين ۾

ڪيترائي خدا جھڙا خواب ڏٺا هئا

جن جي ساڀيان لاءِ تنھنجو هجڻ ئي لازم هئو

موسيقي ۾ ھڪڙو رس آھي، شرنگارس، معنيٰ محبت ۽ ٻيو رس آھي شانتارس معنيٰ پرسڪون ۽ سانت منھنجو دوست اياز امر انھي ٻنھي رسن جو نچوڙ آھي. اياز امر مونسان ان زماني ۾ مليو، جڏھن ڇتي پن ڇڻ جا ڏينھن ھئا (اڄ به ساڳي پن ڇڻ جا ڏينھن آھن) ائين لڳندو ھو زندگي الائي ڪنھن ٻي جاءِ تي آھي (زندگي اڄ به الائي ڪھڙي جاءِ تي آھي). انھن ڏينھن ۾ اياز جا ٽھڪ چانورن مان ٺھيل شراب جيان منھنجي حواسن تي ڇانئجڻ لڳا ۽ مون محسوس ڪيو آئون ڪنھن ڊگھي مسافت تان موٽي تتل ڏينھن جي لڱ ساڙيندڙ لڪ ۾ ڪنھن ٿڌي چشمي وٽ پھچي ويو آھيان. تن ڏينھن ۾ کلندي کلندي ھڪ ڳوڙھو اڪثر اياز جي کاٻي اک وٽ ائين اچي بيھندو ھو، جئين ڪو لاڏائو مسافر آخري ڀيرو پنھنجي ڳوٺ جي بس اسٽاپ تي اچي بيھندو آھي. گھڻو پوءِ مون ڊسڪور ڪيو ته ان ڳوڙھي ھڪ خوبصورت شڪل اختيار ڪئي آھي، ان شڪل کي شاعري چئجي ٿو. اياز امر جي سڄي شاعري ان ڳوڙھي جو سفر آھي. آئون سمجھان ٿو اياز ان ڳوڙھي کي جڏھن به ڳل تي ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي ته اتان يا ته ڪو غزل ڦٽو آھي يا وري ڪنھن وائي جو ورلاپ اڀريو آھي. اياز امر وٽ شاعري ڇن ڇن ڇن ڪندي آئي آھي. آئون ايمانداري سان چئي سگھان ٿو ته جنھن دؤر ۾ ماڻھو شاعري ٺاھي رھيا آھن، ائين جئين اڳٺ وجھڻي ٺاھبي آھي، ائين جئين چانهه ٺاھبي آھي، ائين جئين دولت ٺاھبي آھي، ائين جئين تلوار ٺاھبي آھي، ائين جئين پلاننگ ٺاھبي آھي، ائين جئين زنجير ٺاھبي آھي پر اياز تي شاعري سدائين لٿي آھي. ائين جئين نريڙي تي ڊگوش لھندا آھن، ائين جئين اکين ۾ خواب لھندا آھن، ائين جئين سمنڊ تي بادل لھندا آھن، ائين جئين چيٽ تي ڪونجون لھنديون آھن، ائين جئين زندگي تي جواني لھندي آھي، ائين جئين خطيب تي وجد لھندو آھي، ائين جئين ساحل تي سيگل لھندا آھن، ائين جئين گلاب تي ماڪ لھندي آھي، ائين جئين ڪارونجھر تان مور لھندا آھن، ائين جئين عثمان مير جي گلي مان گيت لھندا آھن. اياز امر جي شاعري لکڻ وقت ڪيفيت اھڙي ھوندي آھي جھڙي ڪيفيت بيدل مسرور جي شيخ اياز کي ڳائڻ وقت ھوندي آھي. مون محسوس ڪيو آھي ته شاعري اياز ڏانھن مرگھه ترشنا ٿي ايندي آھي ۽ ساڻس ملي ترپت ٿي ويندي آھي. شاعري جي وش ڪنھيا جي آرزو ھوندي آھي ته ھن جي سلوڻي سيني جي اڀار مان اياز پنھنجي پسند جا لفظ کڻي خيال کڻي ۽ انھن مان رنگ رتا نظم لکي غزل لکي ۽ زندگي جي نيڻن ۾ نئين موسم جا خواب پوکي.

مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن…!

مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن

پاڻ کي دفنائڻ کان وٺي

پاڻ کي زندھ رکڻ تائين

رات کي ڏينھن ڏانھن وٺي ويندڙ رستن کان وٺي

سج ۽ چنڊ سان روبرو ملڻ تائين

اياز امر زندگي تخليق ڪندڙ ھڪ نئون انسان پيدا ڪرڻ جي ڳالھه ڪندڙ ھڪڙي حسناڪ دنيا ٺاھڻ جي راھ ڏسيندڙ شاعر آھي. جنھن وٽ تاريخ جو گھرو ادراڪ ۽ شعور به آھي

بُک جو اسٽال

واپار جو عالمي ڏينهن تي

ماڻھون پنھنجون خوشيون نئين سر خريد ڪرڻ لاءِ

 اميدن جا اسٽال لڳايو ويٺا آهن

ميڊيا ڪيميرا جي اک سان جائزي جي جهان ۾ گم آهي

وقت پنھنجي پراڻي لباس کي لاهي

اروڙي تي اڇلائي ڇڏيو  آ

جنھن کي پوئتي مڙي ڏسڻ جي به کيس فرصت ناهي رهي.

اياز امر شيخ تاريخ ڏانھن ذميوار ليکڪ آھي جنھن وٽ کوکلا لفظ ناھن پر ھو جاندار وضعدار لڄارن خوبصورت ۽ آتش نوائي ڪندڙ لفظن جو تخيل نگار آھي. ھن سڀ حسين لفظ ھڪ لڙي ۾ پوئي ھڪ حسين ھار ٺاھي پنھنجي سنڌ وطن جي ڳچي ۾ پائڻ جو جنون پاليو آھي. ھو ڄاڻي ٿو ته سنڌ اسان جي ليلا به آھي ته مجنون به آھي. سنڌ اسان جي اجنتا به آھي ته ايلورا به آھي. سنڌ جيڪا اسان جي خوابن جي مومل آھي، سنڌ ثقافتن جي صدوري سرزمين آھي، جنھن جي رنگن منجھاران آسماني ديوتا انڊلٺون جوڙيندا آھن. ان ڪري اياز جا سڀ نظم جيڪي انگريزي عربي ھندي اسپينش چائينيز ۾ ترجمو ڪجن ته به سندن فڪري مٺاس اھو ھوندو جيڪو سنڌ ڪمند جي رس ۾ آھي، جيڪو سنڌ جي ڄاڱرين ٻيرين ۾ آھي، جيڪو سنڌ جي ٿري پيروئن ۾ آھي، جيڪو سنڌ جي پستي ڳڙ ۾ آھي.

اياز جي تخليق ۾ وطن آھي وطن جا حسناڪ زاويا آھن. اياز جي شعر ۾ فطرت جون چاندنيون ساھ کڻن ٿيون. ھن جي نظمن جو روح، عشق، آھي ھن جي اکين جي ماڻڪين ۾ سن وٽان سنڌو جي سامھون اڀرندڙ باک جا ڪنوارا ڪرڻا آھن. اياز بنيادي طور؛ آزادي جو شاعر آھي. ھن جي دل جي ڏسائن ۾ سيد جي پيغام جو پڙلاءِ آھي، ان ڪري ھن جي لفظن ۾ شھيد بشير خان قريشي جي آخري تقرير جيترو درد آھي. مون جڏھن به اياز امر جي واتان مزاحمت ۽ سار جا نظم ٻڌا آھن ته آئون پنھنجي يار غار ساگر حنيف بڙدي جي ياد جي سنگھرن ۾ ايترو سوگھو ٿي ويندو آھيان، جو چاھيندو آھيان ته ساڻس ڀاڪر پائي ائين روئان جئين ڳوٺن ۾ ڪراڙيون عورتون پنھنجي جواڻ پٽن جي جدائين تي ھڪ ٻي سان اوسارا ڪنديون آھن. اڄ سنڌي شاعري جي ھن منفرد لھجي واري شاعر جو نثري نظمن جو ڪتاب  “تُنھنجي وڃڻ کانپوءِ”، پڌرو ٿي چڪو آھي. شال فطرت، قدرت سندس قلم جي جواني قائم رکي. ھو ڌرتي جي اونداھن گوشن ۾ روشني جو نور پکيڙڻ لاءِ پنھنجا رنگ رتي آڪاس جھڙا گيت سرجيندو رھي. اسين وڃايل سنڌ شاعري جي ڏنل ڏس پتي تي ھلي حاصل ڪرڻ چاھيون ٿا. ادب قومن جو متحرڪ روح ٿيندو آھي. افسانو ناول ڪھاڻي تقرير ڪالم راڳ به پنھنجي جوھر ۾ قومي تشخص جي حاصلات واري جھدوجھد جا ريڊار آھن پر شاعري ايفل ٽاور آھي، جتان گھڻو ڪجهه ڏسي سگھجي ٿو. ان ڪري شاعري کي تاريخ ۽ شاگردن کي رحمان جا شاگرد سڏيو ويو آھي.

ھن ديس جي تاريخ قبضاخورن جي گھوڙن جي سنبن ھيٺ لتاڙجندي اڄ ھن سائيبر ايج ۾ اچي پھتي آھي. ھن مٽي جا وارث ڪڏھن ويد منتر ڳائيندا ان اپائيندا ھئا. ھتي ڪيئي مصور ۽ رشي خوابن جو سرمو عشق جي اکين ۾ اوتيندا ھئا. ڪڏھن دراوڙ نينگري؛ ڊانگ فلور تي رقص ڪندي ھئي ته ڌرتي ڌٻندي ھئي. پروھت سنڌو در ٻاڏائيندا ھئا عجيب ۽ پراسرار زميني مذھب ۽ ريتون رکندڙ ھي ڌرتي جنھن جا کيت ڏسي خدا جي وجود جو احساس ٿيندو آھي، ان جي ذري پرزي کي پنھنجي خيالن جا کيس اوڍائي اڏام کٽولي تي جڳ جڳ جو سير ڪرائڻ رڳو شاعرن جو ڪمال آھي، رگ ويد آٿر ويد سڀ ان ڪماليت جا چشم ديد گواھ آھن. اسين اھي سڀ منظر پسمنظر اياز امر شيخ جي شاعري ۾ به ڏسي سگھون ٿا، جنھن ۾ سورج ونسي جي ساک آھي، جيڪا اوڀر جي اک به آھي، جيڪا سھڻي جو گھڙو به آھي، جيڪا سسئي جو پنڌ به آھي، جيڪا ڏياچ جو ڪنڌ به آھي جيڪا موکي جو مڌ به آھي، جيڪا عالمي به آھي ته علائقائي به آھي.

اياز امر سان مون زندگي جا ڪڙا مٺا گڏ پيتا آھن. اسان راتيون گڏجي چنڊ سان چارا رليا آھيون. ھن ۾ ھڪ مانوس ڪندڙ وجداني ڪيفيت مون سدائين دريافت ڪئي آھي. اھو وقت به ڄڻ ڪالهه جو قصو آھي. اسين سجاول جي گھٽين ۾ پنھنجو پاڻ کي ائين ڳوليندا ھئاسين، جئين قيس صحرا ۾ ليلا کي ڳوليندو ھو. سجاول جي ٺرندڙ راتين ۾ شھر ۾ ڪرفيو جھڙي سانت کي اياز جا نظم ٽوڙيندا ھئا، اوچتو اياز وجداني ڪيفيت ۾ شاعري جي آنچل ۾ ويڙھجي ويندو ھو. اسين سڀ محو حيرت ٿي کيس ٻڌندا ھئاسين. اياز جا ھن وقت تائين ڇهه شاعري جا آيل ڪتاب به ھڪ ڊاڪيومنٽيشن آھن، جن ۾ زندگي جون تلخ ڪھاڻيون مدفون آھن. سجاول جيڪو پنھنجي فطري بيھڪ ۾ جيترو حسين آھي اوترو حسين سندس ارگرد جون زرخيز زمينون آھن. جيتوڻيڪ پاڻي جي شديد بحران زمينن جي ساڳوڻي بيھڪ ته بدلائي ڇڏي آھي پر ھتي شاعري جا واھڙ ڪڏھن به سڪا ناھن. سرويچ جي پورھيت پيڙا واري شاعري، محمد خان مجيدي جي آزادي لاءِ اٿندڙ للڪار جھڙا گيت، ارشاد ساگر جي ڪوتا قطار ويندي دور جديد جي شاعراڻي پکيڙ اياز امر جي روپ سروپ ۾ اڄ پنھنجا جلوا پسائي رھي آھي.

سج ڪٿي آهي…!؟

هيءَ هيڏي وڏي ڪاري رات جنھن جا ڇيڙا

منھنجي ٻانھن جي اوچائي کان به مٿي ٿي ويا آهن

مونکي ننڊ جي نيئرن ۾ ڪير ٻڌي ويو آهي!؟

ڪٿ آئون

تاريخ جي انڌي اک جو خواب ته ناهيان ٿي ويو!؟

اياز امر جا مون صرف نثري نظم چونڊيا آھن. نثري نظم جيتوڻيڪ خالص يورپ جي صنف آھي پر ھتي سنڌ ۾ ان صنف تي ايتري محويت سان لکيو ويو آھي جو ھن صنف سنڌي صورت اختيار ڪري ورتي آھي. جتي جديد غزل کي پنھنجي زمين سان موزون ڪرڻ جو ڪريڊٽ شيخ اياز ڏانھن وڃي ٿو ائين نثري نظمن جي پيڙھ به جديد آھنگ ترنگ سان شيخ اياز رکي پوءِ ان نثري نظم ۾ موسيقيت ڊاڪٽر آڪاش انصاري وڌائي جو پھريون دفعو اھي ڳائڻ جھڙا ٿيا. ان جو مثال آڪاش جو نظم؛ تون پڇين ٿو پرين مان ھليو ڇو ويس ؛ آھي جيڪو الھڏني خاصخيلي ڪمپوز ڪيو. ڪنھن زماني ۾ مصطفي ارباب به قهر جا نثري نظم لکيا. اياز امر جا نظم پڙھڻ کان پوءِ مون کي شدت سان عرب باغي شاعر محمود درويش ياد آيو آھي، ڇو ته محمود ۽ اياز جي مٽي ڀلي الڳ ھجي پر سندن درد ساڳيو آھي. ٻئي لٽيل قافلن جا مسافر آھن. محمود وٽ صحرا عرب جي سنگريز راھن جو غم ھو، اياز وٽ به پنھنجي زمين جو ڏک آھي. سنڌي شاعري جي ھڪ وڏي خاصيت آھي ته اھا سموري دنيا جي وڇوڙن وارداتن ۽ ستم گرين ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھي آھي. ڪالھه حسن درس، ايران جي خانم گگوش جي نالي نظم ڪيو ھو، اڄ اياز امر ايرانڻ ريحانا الجباري جي سوڳواري کي نظم جو ڪفن اوڍايو آھي.

اياز امر جي سڄي شاعري واقعاتي آھي لينن چيو ھو ته پروپيگنڊا تاريخ ۽ جماليات گڏجي وڃن ته خوبصورت شاعري جنم وٺي ٿي. ٿرڊ انٽرنيشنل ۾ اھي ٽئي شيون موجود آھن. اياز امر جي شاعري ۾ به جماليات آھي تاريخ جي پروپيگنڊه به آھي. ھي سمورا نظم شاعر جي ازلي تنھائين جو دستاويز آھي. ھي نظم ڀلي کڻي ڪنھن سلطنت جي آئين جو حصو نه ٿين پر يقين سان ھي نظم ڪيترين ئي دوشيزائن جي دل جي ڌڙڪڻ ضرور ٿيندا.