نومبر ۾ به بدن تان پگھر جا ريلا پھاڙن تان برساتي پاڻيءَ وانگر لھي رھيا آھن، جن ماڻھن کي سياري جي سرد راتين سان ڪي ڳُجھَ جون ڳالھيون شيئر ڪرڻيون آھن، سي اوجاڳيل اکين جي پلڪن تي ٿيڙ کائي ٿاٻڙي رھيا آھن، اُداس انسان اڃان احساسن جي آلاڻ اُگھي دنگ ناھن ڪندا، تيسين ڳوٺ ۾ مائٽن جي ڪاڄَ تي آيل شھري اپسرا جھڙو سيارو واپسيءَ جي واٽَ وٺي ھليو ويندو آھي. سچ ته سال ٿيا آھن اندر ۾ آسَ رھي آھي ته، سيارو ڪڏھن ايڏي شدت سان اچي جو آئون بيد مشڪ جي وڻ کي ڀاڪر پائي زور سان روئان ۽ اُتر جي تيز ھوا منھجي ڳلن تان ڳوڙھا اُگھي ۽ مون کي احساس ٿئي ته ڪير ته اسان جو به آھي، ڀلا ماڻھو نه ته وَڻَ، ھوا ۽ گُل ئي سَھيپر وحشتن جتي اڄ جي انسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي، اُتي انتقام جي جذبي تحت اھو انسان فطرت سان اڳتي وڌي وڙھيو آھي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڻن جي اجتماعي قتل عام، ٻيلن جي تباھ ڪارين ۽ قُدرتي دريائن جي روڪٿام جي ڪري انسان موسمن جا چھرا ائين بگاڙي ڇڏيا آھن، جيئن گھڻا سگريٽ ڪنھن شاعر جا ڦِڦڙ ختم ڪري ڇڏيندا آھن. مون ھيل به سوچيو آھي ته، دُنيا جي طرفان مليل درد آئون پنھنجي محبوب موسم سياري سان سَليندس پر سيارو ڊسمبر جا ڪُجھ ڏينھن خانه بدوشن جي قافلي جيان اچي ۽ جنوريءَ جي آغاز ۾ ٻيھر پنھنجي سمورين رنگينين سان رُخصت ٿي ويو ته، مون جيڪي الڪا سندس راتين لاءِ سنڀالي رکيا آھن، سي منھجي رُوح جي ٽُٽل ٽجوڙيءَ ۾ ائين رھجي ويندا، جيئن ڪنھن ڪُراڙي فقيراڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس ڪشتو، پيالو ۽ ھڪ خيرات ۾ مليل پُراڻو وڳو پويان جھوپڙيءَ جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ رھجي ويندا آھن، سياري جي وداعي کان پوءِ بھار جي مُند ۾ ھِينئڙو گلاب ٿيندو ھو پر ھاڻ اھا بھار ڪٿي به ناھي، خزان آلود بھارن ۾ ته ڪٿي به ڪو رابيل ناھي ٽِڙندو البت رابيل ڇڻندا ضرور آھن. بيوفايون، جيڪي اسان جھڙن مورک ماڻھن جو مُقدر بڻايون ويون آھن، تن کي جيئڻ جو ٿورو گھڻو ساھس موسمن مان ملندو آھي پر رھزنين ته موسمون به رت ڇاڻ ڪري ڇڏيون آھن، اسان کي ته ڪنھن ڪاغذ جو گُل به ڏئي اھو نه چيو ته، “ٽِڙي آھي ٽانگر، ٻه ٽي ڦُول کڻ”. ھاڻ ته سيارو اسان جي ذھن تي ماضيءَ جي ان لوڪ قصي جيان رھجي ويو آھي، جيڪو ناني ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪھاڻيءَ ۾ ٻُڌائيندي ھئي، ھِيءَ اُداس دِل، جيڪا ٿَڪي پئي آھي، ان ڪري مُون پنھجي اندر کي مُرجھائڻ کان بچائڻ جا جتن ڪندي پنھنجي زندگيءَ کي حَسين موسمن، حَسين راڳن، حَسين منظرن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. آئون يوگا جا ٽِپس وٺڻ کان وڌيڪ ڪلاسيڪل راڳداريءَ کي موثر ڀانئيندو آھيان، آئون ٽي ويءَ تي نائين وارين خبرن ٻُڌڻ کان ڏھين بجي غزل رنگ ٻڌڻ کي ترجيح ڏيندو آھيان، آئون گائون ۽ سفيد ايپران پاتل ڊاڪٽرياڻيءَ کان ڇير ٻڌي اسٽيج تي رقص ڪندڙ عورت کي وڌيڪ پسند ڪندو آھيان. مون کي مائيڪ تي رڙيون ڪري تقرير ڪندڙ ڇوڪريءَ کان ڪنھن آرٽ ڊرامي ۾ پرفارم ڪندڙ ڇوڪري وڌيڪ وڻندي آھي. مُون کي بندوق صاف ڪندڙ نوجوان کان زخم صاف ڪندڙ نوجوان وڌيڪ سُٺو لڳندو آھي، مون کي ڪُوڙ ھڻي ھِيرو ٺاھڻ جي بدران سچ ڳالھائي زيرو ڪرڻ واري روش سُٺي لڳندي آھي. آئون فٽبال راند کان وڌيڪ والي بال کي پسند ڪندو آھيان، ڇو ته فٽبال پيرن ۾ دربدر ٿيندو آھي، والي بال ھٿن ۾ ھوندو آھي. آئون روئڻ چاھيندو آھيان ته وڏا ٽھڪ ڏيندو آھيان، ٽھڪ ڏيڻ چاھيندو آھيان ته روئندو آھيان. مون کي پنھنجي آئيڊيل موسم سياري جي اڻ مندائتي اچڻ ۽ بي وقتائتي وڃڻ جو ڏُک ٿيندو آھي، آئون ھن پن ڇڻ جو وڳو پائي آيل بي رنگ بھار ۾ بِنھه بي قرار رھندو آھيان.
پھرين نومبر تي اُتر جي ڪچڙي ھوا بَدن مان ھلڪا ھلڪا سيڪارا ڪڍي رھي آھي، سيارو پور وھي جي عشق جھڙي رُت آھي پر الاءِ ڇو اسان کي گھڻا وڇوڙا ھن موسم ۾ پلئه پيا آھن، ان ڪري سندس آجيان آلين اکين سان ڪرڻي پئجي رھي آھي، ھيل شل ھُو مسافرين جي ماڳَ ۾ ڌڳندڙ ماڻھن لاءِ وصل جي صبح جھڙو بڻجي.
سيارو، جنھن ۾ سڄڻ ائين ياد ايندا آھن، جيئن رُوح ۾ رُلندڙ ڪُونجڙين کي ٻچا ياد اچن يا ڪنھن جلاوطن ماڻھوءَ کي اباڻو ديس سارَ ۾ سري اچي:
“سيارو وڃايل رُت جو خُواب ٿو لڳي”.
سياري جي سُرخ سانجھڙين ۾ اڪتاري جو آواز ڪيڏي نـ وياڪلتا کي اُڀاريندو آھي. ماڻھو ڄڻ ڪنھن ڏند ڪٿائي دُنيا ۾ پھچي ويندو آھي، انساني مزاج تي مُندن جو اثر عين فطري آھي پر حساس طبيعت ماڻھو ان اثر کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آھن، اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڪثر شاعر موسمن جي رنگن مان پنھنجو مواد حاصل ڪندا آھن، سيارو ڄڻ سمورن اھلِ دِل انسانن جي گڏيل ميراث آھي، شايد لطيف به ان موسم ۾ مشاھدو ڪري سر سامونڊي لکيو ھو جو سندس ھڪ ھڪ بيت تي جُدا نموني ٿِيسز لکي سگھجي ٿي، جيڪا درد جي شِدت جذبي جي فراواني انتظار جي ڪيفيت ۽ وصال جي تمنا سندس ان سُر ۾ آھي، ان جي جوھر کي ڪنھن ڪتاب ۾ به ڪمپائل نٿو ڪري سگھجي. آئون لطيف جو سامونڊي ٻُڌي يا پڙھي ڪنھن وني کان وڇڙيل وڻجارو ٿي ويندو آھيان ۽ ولايت جي وڻن ۾ ويٺو پنھنجي پرينءَ جا پُور پچائيندو آھيان، ان وقت مُون کي شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو سُر سامونڊي مان ھِي بيت ذھن تي تري ايندو آھي ته:
مون اڀي تڙ ڪنار پرين پڳھه ڇوڙيا،
ڪڏھن ايندم يار، سامونڊي شريف چئي.
سياري الاءِ ڪيترا ڀيرا اسان کان آسرن جون بيساکيون کسيون آھن، اُميدن جا دِيپ وسايا اٿس، اُن ھوندي به ھن جي موھ ۾ خبر ناھي ڪھڙو منڊ آھي جو ماڻھو رُوح تائين سندس احساس ۾ ويڙھجي وڃي ٿو، اياز چواڻي:
آئين ته اُتر وانگر
ھر چيز پکيڙي وئين
گھر نه آھي گھر وانگر
سر ڦريي سياري جي آغاز سان اسان جي قومي زندگيءَ جا حَسين ساروڻا واڳيل آھن، ھن مند ۾ سنڌ ڪر موڙي اُٿندي آھي، ھن مُند ۾ اسان جي ماڻھن وٽ وندر ورنھن جو مرڪز درگاھن جا ميلا ۽ روايتي تھوار ھوندا آھن، چيٽ لھندو آھي، گھرن ۾ رونقون وڌنديون آھن، شادين جا شُغل ٿيندا آھن، ڪنواريون پرڻبيون آھن، گھوٽ لانئون لھندا آھن، ھر ڏسا حُسن جي ھٻڪار ھوندي آھي. خُدا پنھنجي ھن ڌرتيءَ کي ساھي پٽڻ جو ساھس بخشيندو آھي.
ھِي سمو ڪيڏو نه سُندرتا ڀريل ھوندو آھي، نيڻَ نِھارَ تائين سمنڊ سوڌڻ جو سَنيھو ڏيندو آھي، جڏھن ھلڪي ٿڌ ڌِيمي اُتر جي ھوا سان رلمل ٿي رستن ۾ رقص ڪرڻ لڳندي آھي ۽ مٿان سنڌ جو صديون پراڻو تھوار ڏياري اچي براجمان ٿيندو آھي. ھر طرف روشن ڏِيئا ٽمڪڻ لڳندا آھن، ڪڏھن پراچين دور ھو، سنڌي وڻجارا ولايت ويندا ھئا، اُتان سون سودي ايندا ھئا، سندن لنڪا ۽ سيلون برما ۽ چين وڃڻ وارو وقت جڏھن گھڻو ڊِگھو ٿي ويندو ھو، تڏھن وڻجاريون سمنڊ جي سيوا ڪنديون ھيون، جر ڏِيئا کڻي درياهه جي دِل ۾ قياس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ھيون ته جيئن دُور ديس ويل سندن وڻجارا وري اچن ۽ ساڻن گڏجي وصال جون گُلابي گھڙيون گھارين، ان اٿاھ انتظاريءَ جي ڪَٺن ڪيفيت کي رُڳو سُھڻو لطيف ئي دريافت ڪري سگھيو ٿي، جيڪو پاڻ پنھجي وطن ۾ بي وطنيءَ جو درد کڻي ڀٽڪي رھيو ھو.
جرجاٽون نه ڏي ڏيئا نه موھي
سڌو ڪوھ ڪري سا پنھجي ڪانڌ جون!
تڏھن معاشي طور ھِيءَ سون ورني ڌرتي ھڪڙي طرف دُنيا ڀر مان آيل جنگجو ٽولن جي حريص نگاھن جو مرڪز ھئي ته ٻئي طرف سمنڊ جو سِينو کيڙي جڳ جھان سان وڻج واپار ڪرڻ سنڌ ورڪين جو وڙ ھو، ھُو دُنيا جي ڏورانھين علائقن مان ھِيرا موتي کڻي موٽندا ھئا، ڀٽ ڌڻي سندن اچڻ تي ھِيئن چيو ته،
ڀلي آئين ڪانڌ مون نماڻيءَ جي نجھري
ھُئا پراڻا پاند تنھنجي نينھن نوان ڪيا
ڏياري سنڌ جو قديمي، ثقافتي ۽ تھذيبي تھوار آھي، ڏياريءَ جا ڏِينھن ايندي ئي سنڌي عورتون پرديس ويل پنھجن پيارن کي پُڪارينديون ھيون ۽ ساڳيءَ طرح پرائي ڏيھ ۾ روزگار سانگي ترسيل سندن پرين پيارا واپسيءَ جا دڳ تلاشيندا ھئا، ان سڄي يادگيرين جي حَسين مسافريءَ کي لطيف سُر سامونڊيءَ ۾ چِٽيو آھي، اڄ جيتوڻيڪ سمنڊي واپار جي اھا ماضيءَ واري بيھڪ موڪلائي چڪي آھي سنڌي سمنڊ تي نيول فورسز جو قبضو آھي، مھاڻا لڏي مشڪل سان پيٽ گذر ڪن ٿا، اھي ريتون رواج قديمي ڏينھن ڏھاڙا ھاڻي گُذري ويل وقت جو ڪو قِصو ٿي چُڪا آھن پر ڏياري اڄ به سنڌ ۾ سنڌومت جي مڃيندڙن جي اڪثريت جوش و خروش سان سيليبريٽ ڪري ٿي، بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ آيل اسلام جي تشريح سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تھوارن کي به جھالت جي ور چاڙھي اُنھن کي ھندوئن جا ڏھاڙا ڪري محدود ڪري ڇڏيو نه ته ڏياري (ڏيئا ٻارڻ، روشني پيدا ڪرڻ واري رسم) بنيادي طور سنڌين جي صديون پراڻي ڪلچر رسم آھي، جڏھن چيٽ لھندو آھي، نئون اَن اڱڻن ۾ ايندو آھي، خوشحالي ايندي آھي ته خوشيءَ جي ان پل ۾ ڏياري ٿيندي آھي، جيڪا سنڌ جي شاندار روايتن، ثقافتي قدرن ۽ مھذب پڻي جو ثبوت آھي.
آئون قديم سنڌ جي ھن سھائيءَ واري علامت ڏيئن ٻارڻ واري ڏڻ جي ھيلوڪي موقعي تي سنڌ واسين طرفان ڀرپور آجيان تي خُوش آھيان ۽ اھا دُعا ٿو ڪريان ته، شال سنڌ امان جي ھر رات ڏياري ھجي، ھر ڏِينھن آزادي، خُوشحالي ۽ رواداريءَ جو اھڃاڻ ٿي پئي!