ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … اچو ته نئين سنڌ اڏيون!

0
181
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... اچو ته نئين سنڌ اڏيون!

 جڏھن به ماڻھو پنھنجيءَ مِٽيءَ جي سڳنڌ محسوس ڪري ٿو ته ھڪ  عجيب ديوانگي جو احساس سندس آسپاس موجود رھي ٿو. وطن جون ڳليون، وطن جا ويڙھا، وطن جي روشن صبحن ۾ پکين جون اڏارون، مال جا چڙا، ڌنارن جون سينڍون، آڙين جا شپڪا، مورن جا ٽھوڪا، نديءَ جا وھڪرا، گلابن جي خوشبو، پيارن جون يادگيريون- اھي سڀ منظر ماڻھوءَ جي من جي مٿاڇري تي تري اچن ٿا. مون محسوس ڪيو آھي ته روح جي اجرائين سان سوچيندڙ ماڻھن لاءِ محبوب ۽ وطن ھڪ پل به اکين کان اوجھل نٿا ٿين. موجوده دور جو سچ اھو آھي ته ھتي اڪثريتي فرد پنھنجي ذات جي تڪميل جي جستجو ۾ مگن آھن. ھتي رشتا گھڻي قدر ثانوي ٿي ويا آھن پر پوءِ به روحاني آزاديءَ جو سمنڊ ڇوليون ھڻي رھيو آھي. جبر ذريعي حاوي رياست پنھنجو وجود ھر وقت محسوس ڪرائي ٿي. ڏک پيڙائون ھوندي به الائجي ڇو زندگي وڻندڙ نديءَ جيان ڀاسي ٿي، جتي حسرتن جا ڪنول، حدِ نگاھ حسرتن جا پکي ترندي نظر اچن ٿا. سنڌ جي ماڻھن ۾ اڄ به ميل جول، ڀاڪر، ڳل ڳراٽيون، ڊگھيون ڪچھريون، لاڏ ڪوڏ، رس رھاڻيون ھتي موجود آھن. ان جو سبب صدين جو تھذيبي ۽ نماڻو صوفي پسمنظر به آھي. ھن سڄي اٿل پٿل ۾ وقت جي جابر قوتن جا باغي اھڙا به سنڌي ارزان آھن، جن جو سنڌ سان ڪو روز ازل جو  ناتو نينھن سنيھ آھي، انوکو عشق آھي. سيد جي مئخاني جي مڌ پيتل سنڌو ماتا جي عشق سان سرشار اھڙا به نوجوان رھن ٿا، جيڪي ھڪ ساعت به سنڌ جي ياد کان غافل ناھن. انھن نوجوانن جي محنت سان ھن سال به سنڌ جي قديم ڪلچر سان تجديد عھد وفا جو وچن ورجائڻ لا اڄ ھنڌين ماڳين ايڪتا جي اظھار لاءِ تقريبون منقعد ٿي رھيون آھن. جتي سنڌ جي فڪر جو پرچار ٿيندو، راڳ جا رنگ رچندا، سنڌي گڏ ٿي پنھنجي ٻاجھاري ڌرتيءَ سان محبت جو عزم ورجائيندا.

سڀ کان اول سنڌ آھي. جيڪو سنڌ سان ناھي، اھو اسان جو ٿي نٿو سگھي، ڇو ته وطن کان سواءِ ماڻھوءَ جا پير زمين تي بيھي نٿا سگھن. وطن کان سواءِ انساني ميڙ جانورن جي قطار کان سواءِ ڪجھ ناھي. وطن انسان جي زندگي کان به اھم آھي. وطن ساھ جي رڳ، وطن رت ۾ گلوڪوز وانگر، وطن حيات جو گيت آھي. وطن اڻٽُٽ پريت آھي. وطن درد جي شام به آھي ته وطن پيار جي پھرين نھار به آھي. وطن فن فڪر جو سرچشمو به آھي ته وطن سياست، سماجيات جو سخن به آھي. وطن ڇانءَ به آھي، وطن نانءُ به آھي، وطن ماءَ جو ڀاڪر به آھي. وطن پيءَ جي پڳ به آھي. وطن محبوب جو آنچل به آھي. وطن دار جو سڏ به آھي. وطن ڪفن به آھي ته وطن پرچم به آھي. وطن واعدن ۽ وفائن جي واٽ به آھي. وطن گھگھ انڌيري راھ ۾ لاٽ به آھي.

توھان جي شخصيت، توھان جي سياست، توھان جي شاعري، توھان جي دڪانداري، توھان جي فنڪاري، توھان جي چترڪاري، توھان جي رواداري، توھان جي زمينداري، توھان جي وڪالت، توھان جي ڊاڪٽري، توھان جو ھارپو، توھان جي صحافت، توھان جي ڪالم نگاري، توھان جي وڏيرائپ، توھان جي سماجي حيثيت، توھان جي عاشقي، توھان جي دوستي، توھان جي عزت، وقار، ناموس، نالو، رشتا ناتا سڀ ڪجھ وطن سان جڙيل آھي. جيڪڏھن وطن غلام ھجي، وطن خطري ۾ ھجي، وطن تي ڌارئي سامراج جو قبضو ھجي، وطن يرغمال ھجي ۽ وطن توھان کي سڏي رھيو ھجي، وطن پڪاري رھيو ھجي پر توھان سڏ نه ڏيو، ڪنن تي ڪپھ چاڙھي سمھي پئو ته پوءِ توھان جو نالو غافل، ڪاھل، بزدل ۽ جسماني طور زنده ھوندي روحاني طور مري ويل ماڻھن ۾ لکيو ويندو.

سنڌي ڪلچر جون تمام خوبيون قابل تحسين آھن پر ٻه شيون ان ۾ خاص اھميت جون حامل آھن: ھڪ بھادري، ٻي رواداري. سنڌي تاريخ ۾ دنيا جي سڀني قومن کان رواداري ۾ اڳتي رھيا آھن. مثال طور: موھين جي دڙي مان ناچڻيءَ جو مجسمو ته مليو پر ڪو ھٿيار نه مليو، ڇو ته سنڌي صديون اڳ به روادار ۽ بقاء باھمي جي اصول تي عمل ڪندڙ قوم ھئا. سنڌي ڪڏھن به اڳرائي پسند ناھن رھيا. پاڙيسري ملڪن ۽ قومن تي سنڌ جي ماڻھن ڪڏھن به ميري نظر ناھي رکي. سنڌو نديءَ جي شفاف پاڻي ھن ديس جي ماڻھن کي اھڙي ته پراپڪاري سيکاري جو ھنن سدائين ڪل جي خير جو پيغام ڏنو. لطيف سائينءَ جي شاعري ان جو زنده مثال آھي يا سائين جي ايم سيد جو عدم تشدد وارو نظريو به سنڌ جي اتھاس مان کنيل عظيم فڪر آھي.

مادر وطن سنڌ جي ڪروڙين وارثن کي ڌرتي جي ايڪتا ڏينھن جون اڳواٽ مبارڪون. اچو ته 3 ڊسمبر تي ھڪ آواز ٿي، ھڪ قدم ٿي، ھڪ صدا ٿي، ھڪ سڏ ٿي، نئين سنڌ اڏڻ جو عزم ڪريون، پنھنجي سنڌ امڙ کي استحصال، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ کان مڪمل نجات ڏيارڻ جو عھد ڪريون. ثقافت به تڏھن ترقي جو اوج ماڻيندي، جڏھن وطن تي ڪنھن غير جو پاڇو نه ھوندو. ثقافت قوم جي تعمير جو مورچو آھي، جتي پاڻ سڀ بنا رنگ نسل، مذھب، نظريي، عقيدي ۽ ذات جي گڏ ٿيون ٿا. ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو، جھومر، گيت سڀ عمل خوبصورت آھن پر سنڌ سخت ڏکين حالتن ۾ آھي. ان کي روشني سان ھمڪنار ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آھي. سياست، ادب، آرٽ، شوبز، ميڊيا سڀ ھڪ ٿي مٽيءَ جي مالڪي ڪندا ته اسين ھڪ نئين تاريخ جا بنيا رکنداسين، جتان اسان کي بقول اسان جي عظيم رھبر سائين جي ايم سيد جي ته؛ اتحاد انساني، امن عالم، ترقي بني آدم جي فڪر جو ڦھلاءُ ڪرڻو آھي.