سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جي واردات سنڌ جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، اھيو سلسلو، تمام پراڻو قصو آهي، پوءِ اھو، ڌاڙو مختلف طريقن سان ھنيو ويندو آهي، پر جڏهن ته انھيءَ سنڌ سان پاڻي جي مسئلي تي ٿيندڙ تمام ويساهه گهاتيون پنجاب ھضم ڪري ويندو آهي، پر جڏهن ننڍين ننڍين پاڻيءَ چورين ۾ اسان جو پيارو ڀاءُ سدائين ڪاميابيون ماڻيون، تڏهن به ھن ڀاءُ کي سڪون حاصل نه ٿيو، ته پوءِ ھن سنڌ ڌرتيءَ کي سڪائڻ جي لاءِ ھڪ خطرناڪ ڪوشش ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي روپ ۾ڪئي، پر انھيءَ ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، سان گڏ ڪي پي ڪي، کي تباهيءَ به شامل ھئي، ٽنھي صوبن جي عوام گڏجي اھو، سنڌو درياءَ دشمن منصوبي کي تاريخي جدوجهد ڪري دفن ڪيو ، پر الائي ڇو ، اسان جي وڏي کان ننڍن صوبن جي خوشحالي برداشت نه ٿي ٿئي ، پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي خبر ناهي ڇو سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، ھاڻي به گرين پاڪستان جي نالي سان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ شروع ڪيو ويو آهي، سنڌو درياءَ تي وري به پنجاب حڪومت ۽ وفاقي حڪومت نئين سر داڙن جو آغاز ڪيو آهي، جنھن ۾ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڇھه ڪئنالن ذريعي سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي خلاف سموري سنڌ، پر امن طريقي سان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، جنهن مسلسل روزاني جي بنياد تي احتجاجي مظاهرا ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو، پر وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت انهن کي سياسي احتجاج چئي ڪو ڌيان ئي نه ڏنو، جڏهن ته اھو احتجاج سنڌ ڌرتيءَ جي، شھرن ٻهراڙين، کان سنڌ جي گھٽي گھٽي، گلي گلي جو سفر طئي ڪري نيٺ رخ انھيءَ طرف گامزن ڪيو، جتان ھميشه سنڌ واسين سان ناانصافيون ٿينديون آهن، نيٺ واھڻ وستيون احتجاج ڪري جڏهن پنجاب جي سرحدن تائين سنڌ جي عوام پھچي وئي، وڪيلن جو احتجاج، عامر نواز وڙائچ جي قيادت ۾ ڪيترن ڏينھن کان ٻبرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو لڳل آھي ، جڏهن ته انھيءَ مرڪزي ڌرڻي جي حمايت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري آهي ، روڊن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن ، شھرن ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن ، جڏهن ته سڄي سنڌ ٻبرلوءِ جي ڌرڻي جي حمايت ۾ ميدان تي نڪري چڪي آهي ، ھر طرف کان سنڌو درياءَ جيان ڇوليون ھڻندڙ عوامي سمنڊ سنڌ جي روڊن تي اٿلي پيو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جا نادان وزير ، مشير ، نواز ليگي سياسي اداڪار ، سنڌ جي احتجاج تي ٺٺوليون ڪري رهيا ھئا ، انھيءَ کي مفادن پرستي چئي رهيا ھئا، ھاڻ جڏھن انھيءَ احتجاج جي قيادت ، وڪيلن جي ھٿ ۾اچي وئي آھي ، سياسي پارٽين جي مفادپرستي منافقي کان آزاد ٿي تحريڪ قانوندان جي قيادت ۾روان دوان آهي، تڏهن کان سياسي پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت جي اناڙي مشيرن وزيرن جا ھوش اڏامي رهيا آهن ھو ڪنھن مھل ڪجھه ، ته ڪنهن مهل ڪجھه ٻولي رھيا آھن ،کين سمجھه ۾ئي نه ٿو اچي، ته ڇا ڪجي پھرين جن ڌمڪيون ۽ داٻا دڙڪا پئي ڏنا ، سي ويچارا جلد ۾ ئي ڳالھين جي ميز تي اچي ويا آهن ، بس ھڪ ئي ڏينهن ۾ راڻا ثناءُ الله ،قومپرستن ، وڪيلن سان فون تي ڳالهايو ۽ نوازليگ بشير ميمڻ کي به ڳالھيون ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏئي سنڌ روانو ڪيو آهي، جڏهن ته اسان واري سادي سنگت ڳالھين جي لاءِ سندرا ساھي ورتا آهن ، پر وڪيلن انھن کي به پريشاني جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي ، سندن چمڪندڙ ليڊري وارو ستارو وڪيلن جي جدوجھد جي اڳيان ميمڻ بتي بڻجي ويو آهي ، وڪيلن جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سمورن چھه ڪئنالن کي ھميشه جي لاءِ رد ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪري سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، باقي اسان پاڻ ئي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏينداسين ، ھا اھو مطالبو صرف وڪيلن جو ناھي، پر ست ڪروڙ سنڌين جو آهي، انھيءَ کان علاوه مظلوم پنجابي ، ڪي پي ڪي ، بلوچستان وارن جو به آهي ، پر ھن وقت جدوجهد جي ميدان تي سنڌي عوام نڪتل آهي ، جيڪڏهن حڪمرانن انھي منصوبي کي جلد کان جلد رد نه ڪيو ، ته پوءِ احتجاجي تحريڪ حڪمران کي ڪئنالن سان گڏ ، گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي ، جڏهن ته جنهن تحريڪ کي بيوقوف حڪمران سياسي تحريڪ چئي رهيا ھئا ، حقيقت ۾اھا تحريڪ اسان سنڌ واسين جي جياپي جي خاطر جدوجهد آھي، ڇو ته سنڌو درياءَ ، ڪروڙين سنڌين جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي ،سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڇھه ڪئنال سنڌين جي لاءِ ائٽم بم کان وڏيڪ خطرناڪ آھن ، جن جي ٺھڻ سان لکين ايڪڙ سنڌ جي سرسبز شاداب زمين بنجر بڻجي ويندي ، سنڌ سڪي تباھ ۽ برباد ٿي ويندي ، سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ، بک ۽ اڃ وگهي تڙپي تڙپي مري ويندا ،ڇا سنڌين کي جئيڻ جو حق به ناھي ، جيڪي سياسي اداڪار ، ڳالهيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ، اھي ٻڌائين ته سنڌ سان جيڪي اڳ ۾معاھدا ڪيا ويا ، انهن تي ڪھڙو عمل ڪيو ويو آهي ،1991ع وارو پاڻيءَ معاھدو به سنڌ اعتراضن سان قبول ڪيو ، انھيءَ تي ڪھڙو عمل ڪيو پيو وڃي ، سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ڏنل حقن کان ڇو محروم ڪيو پيو وڃي ، سي سي آئي جو اجلاس ڇو ، نه پيو گھرايو وڃي، سنڌ جي پاڻي ناڻي تي ڇو ڌاڙا ھنيا پيا وڃن ، سنڌ جي وسيلن کي ڇو لٽيو ڦريو پيو وڃي ، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين جي حوالي ڇو ڪيون پيون وڃن، ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن ، اڙي توھان سدائين سنڌ واسين سان سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ، انھيءَ جي ڪري ڳالھين واري سياسي ڊرامي بازي بند ڪري سنڌين جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ڌارين جي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ، سنڌوءَ درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڇھه ڪئنالن وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ، انھن سنڌ دشمن منصوبن جي خاتمي جو اعلان ڪري باقاعده سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، وڃي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي، ته سنڌ واسي پاڻ مرادو احتجاج ختم ڪري ڇڏيندا ، ٻي صورت ۾ڳالھين جو لالي پاپ توهان سياسي مفادپرستي منافقي جي سياست ڪندڙ ن کي ته بيوقوف بڻائي سگھو ٿا ، پر ڪروڙين سنڌين کي نه ڇو ته ھي جاڳيل سنڌ، وڪيلن سان گڏ بيٺل آهي ، اھا ھاڻي توھان جي ڪنهن به سوديبازي کي قبول نه ڪندو، سنڌ دشمن ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو ، سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڌارين جي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ، ته سنڌ جي عوام احتجاج ختم ڪري سگهي ٿو نه ته ڳالھين وارو سياسي ڊارمو بند ڪري سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري سنڌ واسين سان انصاف ڪيو وڃي ،ٻي صورت ۾ھي تحريڪ وڏيڪ تيز ٿي ويندي جنهن ۾سنڌ دشمن فيصلن سان گڏوگڏ توھان جي حق حاڪميت به ختم ٿي ويندي ،حڪمرانن کي گھرجي ته ھوش کان ڪم وٺي سنڌ سان انصافيون ختم ڪري، سنڌ جي ڪروڙين سنڌين سان انصاف ڪيو وڃي،