ڳالهيون ڳنوارن جون … گاجي شاهه جي ميلي جون تياريون

0
19
ڳالهيون ڳنوارن جون ... گاجي شاهه جي ميلي جون تياريون

ٻهراڙيءَ وارو سماج ڪلچر جو نيپاج ۽ محافظ سماج آهي. ٻهراڙين ۾ ئي ڌڻين جا پير ڌرتيءَ تي کتل هوندا آهن. ڌرتي، جبل، واري، پٽوڙا ۽ انهن جا ڌڻي هڪ ٻئي سان مانوس ڳنڍيل ۽ ڀرجهلا هوندا آهن. انسانن جو هڪ ٻئي سان وهنوار، ڀروسو، ميل جول، هنن کي ڏک سک ۾ گڏ رکندو آهي. ڪٽنب، ڳوٺ، راڄ ڀاڳ، خوشين ۽ غمين ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن. خوشين جا وهانءُ غمين جا ماتم، گڏيل مفاد ۽ سماجي مسئلا هنن کي هڪ ڳنڍ ۾ ڳنڍڻ جو باعث بڻجندا آهن. انهن ايڪٽوٽيز ۾ رانديون ۽ ميلا ملاکڙا به اچي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي سماج شاهوڪار آهي. اڄوڪي ڪالم ۾ اوهان کي ٻهراڙيءَ واري ان سماج جي هڪ جهلڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس. اسان وٽ ڪاڇي ۽ وچولي وارن علائقن ۾ ڪتي، ناهري ۽ پوهه ميلن ۽ شادين جا مهينا ڳڻيا ويندا آهن. شاديون به ٿي رهيون آهن ۽ ميڙا به لڳي رهيا آهن.

                 هتي هينئر گاجي شاهه جي ميلي جي آمد آهي. ماڻهو ميلي جي اڳواٽ تياري ڪري رهيا آهن. مثال طور، منهنجي ڪمند جي واڍي ڪندڙ مزدور ٻگهيا فقير ميلي بابت گفتگو ڪري رهيا آهن. هن ٻاريءَ جو اڳواڻ يا هنن جي ٻوليءَ ۾ جمعدار فقير حاجي فياض نالي وارو آهي. هنن هڪڙي وين ڪرائي تي ڪري ڇڏي آهي. هڪڙو حلواڻ پهرو (ڇيلو) خريد ڪيو اٿن. نوان ڪپڙا وٺي درزين کي سبجڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيا اٿن. انهن مان هڪڙو ديدار نالي وارو نوجوان ميڙن تي شربت کپائيندو آهي. سياري ۾ شربت جي کپت گهٽ هئڻ ڪري، هن ميڙي تي ڪڪڙين جو شوروو (سوپ)، اوٻاريل آنا ۽ سليماني چانهه ٺاهي وڪڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. هي دوست پاڻ سان گذريل ٻوڏ ۾ امداد ۾ مليل تنبو کڻي ويندا. گاجي شاهه جي جبل جي ٽڪري تي ڪٿي آستانو ٺاهيندا. رڌ پچاءَ لاءِ سمورو سامان ديڳڙي ۽ ٿالهين سميت پاڻ سان کنيو ايندا. رڌ پچاءَ پاڻ ڪري ڄاڻن. ديدار پنهنجو دڪان يعني گاڏو (ريڙهو) وين تي رکايو ويندو. اتي وڃي صورتحال ڏسي ڪو پٽ جو ٽڪرو ڀاڙي تي وٺي پنهنجو وکر وڪڻندو. هن کي هر ميلي تي خرچ پکو لاهي ڪي پنجويهه ٽيهه هزار روپيا بچي ويندا آهن. هن جو پيءُ محبوب ٻڪريون چاريندو آهي. زال ٻن ٻارن واري ماءُ اڃان ننڍي نيٽي آهي. هي پاڻ رنگ جو ڪجهه سانورو ڪارو آهي. زال خوبصورت سهڻي اٿس. ان ڪري پاڻ ۾ ٺهندا ڪونه آهن. گهر ۾ جهيڙو روز متل هوندو آهي. ڪروڌ جي ڪري پيءُ هن کي ڌار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هن کي ڪمائڻو پوي ٿو. هي ڪمائڻ جو مڙس ماڻهو آهي. پوءِ به مهانگائي سبب پورت ڪانه ٿي پوي. شايد گهر جي جهيڙي جو ڪارڻ به اهو ئي هجي. هي سڀ پنهنجا پاڻ ۾ آهن. اهڙي قسم جي گفتگو هنن ۾ سڄو ڏينهن هلندي رهندي آهي.ڳوٺ لغارين بجراڻين جي سهراباڻي ۽ خيراڻي پاڙي جي وچ تي ٽوهن فقير جو اوتارو آهي. هڪ پراڻي سرينهن جي وڻ هيٺان ڳوٺ جا ڪراڙا ويهي ڪچهري ڪندا آهن. هتي نوٽڻ (نئون کڻي) راند جو آکاڙو آهي. رانديگر اتي اچي راند ڪڏندا آهن. الهندي پاسي ٻه قبرون آهن. هڪڙي رکيي فقير لغاري جي قبر آهي ۽ ٻي سندس وڏي پٽ محمد رحيم جي آهي. رکيو فقير ڊکاڻڪو ڌنڌو ڪندو هو. ٻيڙين ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. هر، پاڃاريون، کٽون ۽ هندورا ڀلا ٺاهيندو هو. هنرمند ماڻهو هو. مون پاڻ ڏٺو هو. ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍي ڪونه ڳالهايائين. هن فقير ڪڏهن ڪِيلي کي به ڪونه رنجايو. سندس ٻئي پٽ به واڍڪو ڪم ڪندا هئا. ٽوهن هاڻ پوڙهپڻ جا ڏينهن ان اڪيلي سرينهن جي وڻ هيٺان پنهنجي پيءَ جي قبر جي پاسي ۾ ويهي نوٽڻ راند سان دل وندرائيندو آهي. هتي هن اوطاري تي به گاجي شاهه جي ميلي جي گونج آهي. کوڙ سارا همراهه ميلي تي سنبريل آهن.

هاڻ هلون ٿا رئيس ولي محمد خان لغاري جي اوطاق تي. رئيس پاڻ وڏو مهمان نواز آهي. وهاڻي تي ٽيڪ ڏيو، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو ستو پيو. “پنهنجي اخبار” پڙهندو آهي. اخبار جو تيز و تند ۽ کرو ايڊيٽوريل ۽ ڪالمن ۾ اعجاز منگي، ادريس لغاري ۽ امر راءِ سنگ راجپوت جا ڪالم ڌيان سان پڙهندو آهي. هن اوطاق تي به ڪچهري متل آهي. چاچو ولي محمد لغاري، رستم لغاري، استاد عيدن لغاري، ادريس ماڇي، عبدالغفور ماڇي، احمد علي لغاري ۽ ٻيا شريف گفتگو آهن. پاسي ۾ رستم لغاري جي اٺ ۽ گورو ڪنواٺ ٻڌل آهن. ان ڪنواٽ کي رستم پاڻ ۽ سندس دوست ادريس ماڇي ڪيڙيو. ٻيا اوٺي سوار به پنهنجن ڪيڙايل اٺن سان گاجي شاهه جي ميلي تي سنبريل آهن. پنهنجن اُٺن لاءِ هنن جهلون، جهاٻا، جهالڻا ڪرم واري چمڙي جا ٺاهيل ٻڙها، سچن ڪوڏن جون ڪنڍيون، ٻڪرين جي ڏاس يا سچي پٽ جون مهارون، گلن وارا گوربند، ريشمي جهوڙن واريون انڊون، ڳچين ۾ پائڻ لاءِ پٽ جا ڳانا، سچن ڪوڏن سان مڙهيل ڳانڍيئڙا ۽ نڪتا، سچي پٽ جا تسنگ ۽ چاندي جهڙيون مڙهيل ڇيرون اڳئي ٺهرائي رکيون آهن. ڪهو جي ڪاٺ ۽ پتل جون سُهڻيون لاٽيون (ناڪيليون) به ٺهرايون اٿن. هنن پنهنجا ڪيڙايل ڊگهين ڳچين وارا ڍاٽي ڪنواٽ ميلي تي ڊوڙائڻ لاءِ تيار ڪيا آهن. هِي سڀ اوٺي سوار گاجي شاهه جي ميلي تي سنبريل آهن. اتي تنبو هڻي پنهنجي مڏي مچائيندا. ميلي ۾ ڪڪرو ڪاهيندا ۽ اٺن جي ريس ۾ شامل ٿيندا. اٺن کي سيکاريل ناچ نچائيندا ۽ پنهنجي هنر جو مظاهرو ڪندا.

آڳاٽي دور ۾ هن تر ۾ وڏيرو غلام حيدر ٻگهيو، قاسم ماڇي، علي سابقي، سومر زرداري، صفر جسڪاڻي، بلاول لغاري، مراد علي لغاري، اوٺي سوار هئا. وٽن لاڏو اٺ به هئا. انهن کي بار برداري ۾ ڪم آڻيندا هئا. انهن جا مهري اٺ شادين مرادين ۾ ڪجاون تي ڄڃون کڻندا هئا. ان کان علاوه هر گهر ۾ ڏاچي هوندي هئي، جن کي نارن ۾ وهايو ويندو هو ۽ ڪاٺر ڪاٺيون لڏي شهرن ۾ کپائڻ ويندا هئا.

ڳالهه هلي پئي گاجي شاهه جي ميلي جي تياري جي. هاڻ هلون ٿا خدا بخش جي ڳوٺ. هن ڳوٺ جو علي گوهر فقير گاجي شاهه جو فقير هو. سهڻي سينگاريل سائيڪل تي چڙهيو وتندو هو. هن ڳوٺ کان کيرٿر جبل جتي گاجي شاهه جي مزار موجود آهي. ٻاويهن ڪوهن جو پنڌ آهي. علي گوهر فقير اهو سفر سائيڪل تي ڪري ميلي جي موقعي کان هفتو کن اڳئي وڃي درگاهه تي رسندو هو. سندس آستانو گاجي شاهه جي قبي جي اڳيان هڪ ننڍي صحن ۾ هوندو هو. هميشه حاضري ڀريندڙ گاجي شاهه جا ڄاڃي پهچندا هئا. فقير سائين هر ڪنهن کي کٽولي ڏيڍ جيترو پٽ ورهائي ڏيندو هو، جتي هو رليون گبرا وڇائي پنهنجو وقتي آستانو ٺاهي وٺندا هئا. وچ تي علم پاڪ هو. گرڀ ونتيون يا بي اولادي ويساهه وسونڻل ننڌڻڪن لوڪن جون غريب عورتون اچي فقير سائين کي دعا لاءِ عرض ڪنديون هيون. فقير مورپنک واري ٻهاري سان سوالي جي پٺي ٺپيري چوندو هو گاجي شاهه الله سائين ڪڻون پٽ گهن ڏيسئي. نڌڻڪي نسل جون نڌڻڪيون مائرون دعائون وٺي نذر نياز ڏيئي اندر جا ارمان دل ئي دل ۾ سانڍيو ڳل ڀريل ڳوڙهن کي لوڪان لڪائينديون واپس ورنديون هيون.

حياتي شل خير. اسين به پنهنجي معلوماتي ٽوئر لاءِ ميلي تي سنبريل آهيون. انشاءَ الله ايندڙ رهاڻ ۾ اوهان کي به ميلي جو سير ڪرائينداسين.