فطرت سنڌ کي وڏيون نعمتون عطا ڪيون آهن. ٿر جي واريءَ ۾ به زرخيزي آهي. ڪوهستان جا ريٽاوان پٽ طاقتور رءُ جي ڪري هر قسم جا اوڀڙ اڀاري سگهن ٿا. ڪاڇي جا پٽ بلڪ سڄي سنڌ جا ميدان ندين ۽ نئين ذريعي لڙهي آيل لٽ ۽ رءُ مان ٺهيا ۽ اهي هر قسم جي وڻڪار ۽ آبادي ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. ڪاڇي جي زمين نهايت ئي سگهاري آهي. اها گاج، ناڙي، انگئي، هليلي ۽ ٻين نئين ۽ اڪيچار ڍورن ۽ ڍورين وسيلي جبل تان لڙهي ايندڙ رءُ تي طاقتور ٿيندي رهي آهي. سڄو ڪاڇو ۽ ڪوهستان برسات تي نيڀر ڪن ٿا. برسات گهٽ پوڻ يا نه وسڻ جي صورت ۾ ڪاڇو برپٽ بيابان لڳندو آهي. اڃان مون سون جون برساتون شروع ڪونه ٿيون آهن. سڄو جبل ۽ ڪاڇي جا پٽ باهه اوڳاڇي رهيا آهن. ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا سادڙا، سٻاجهڙا، هيڻا پاڻ وهيڻا لوڪ جن لاءِ رهبر فرمايو هو، “ڪاڇو ۽ ڪوهيار ڏونگر سندن ڏيهڙو.” اڄڪلهه وڏي مصيبت ۾ مبتلا آهن.
تتي ڪاڙهي جا ڏينهن آهن. ڪاڇو ۽ ڪوهستان ڪڙهي رهيا آهن. وس ڪانهي. ڪس سڪل آهن. ڪک به ڪونهي. مال ٿوٿن ۾ آهي. ڪاڇائن جا ڪڻسيل ٻار پاڻي ۾ پسيل رليون ويڙهيو، هيٺ پڙڇن تي پيا، سسڪيون ڀري رهيا آهن.
ڏک لڳو، ڏونگر ٻريو، ڀينر کاڻي ڀون،
تهان لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو. (لطيف)
ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ لوهه پئي لڳي. موسمون پنهنجو رنگ ڏيکارينديون آهن. انسان فطرت جي اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي پر فطرت جي هٿ چراند جا به ڀيانڪ نتيجا نڪرندا آهن. ڪاڇي ۾ کبڙ، ڄار، ڪرڙ ۽ ڪنڊي جا تمام گهڻا وڻ هئا، جبل تي وري لهو ۽ ڪهو جي وڻڪار هئي. ماڻهن بک ۽ بيروزگاري کان وڻ وڍڻ شروع ڪيا. وڏيون وڏيون گهاٽيون ويڙهون، جن مان برسات به هيٺ ڪري ڪانه سگهندي هئي، وڍي اڇ ڪري ڇڏيائون. اهي پٽ ۽ پٽوڙا، بينا، برپٽ ۽ بيابان جو ڏيک ڏيڻ لڳا. گاج ڊيم ۽ گورک هل جي پذيرائي، سورن جو سنگهرو آڻي ڳچيءَ جو ڳرهو بڻايو. اڄ اهو ڪاڇو ۽ ڪوهستان ڪنبي ۽ ڪڙهي رهيا آهن. انهن جي ٻنين تي ٻهڙن جا ٻوڪڙ ۽ جبلن ۾ آهيڙين جون اکيون آهن.
ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو هي علائقو قديم ۽ تاريخي ماڳن سان ڀريو پيو آهي. سائين ڀيرومل لکي ٿو، “قديم ۾ قديم سنڌين جا ماڳ جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻا هجن، ته سنڌ جي الهندي پاسي وارن جبلن جي قطار سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي جا اهي هنڌ سنڌو ندي کي ويجها آهن. خاص ڪري سيوهڻ ۽ لڪي وارو پاسو. سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اتان ئي پوڻو آهي. ان پاسي غارن ۾ رهڻ جون جايون ۽ پاڻي آساني سان ملي سگهيو ٿي.” (قديم سنڌ ص57)
هن طرف آمري ڪلچر واري دور جا سوين ماڳ ۽ مڪان موجود آهن، جن جي 1930/31 دوران اين جي مجمدار کوٽائي ڪرائي هئي. هن صاحب جو رايو هو ته آمري ڪلچر جو دور 4500ق م جو آهي ۽ اهو موهين جي دڙي کان به آڳاٽو آهي. سرجان مارشل موهين جي تهذيب پنج هزار سال آڳاٽي ٻڌائي آهي ۽ ڄاڻايو اٿس ته ان جا بانيڪار دراوڙ لوڪ هئا. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب جو چوڻ آهي ته پانڊوئن ۽ ڪوروئن جي مهاڀارت واري لڙائيءَ کي پنج هزار سال ٿيا آهن،
جڏهن ته دراوڙن کي پندرنهن هزار سالن جو عرصو گذريو آهي. جيڪڏهن سرجان مارشل جي دراوڙن واري ڳالهه تسليم ڪجي ته پوءِ سنڌو تهذيب کي پندرنهن هزار سال قديم مڃڻو پوندو. سنڌو سڀيتا جي قدامت بابت ٻين عالمن جا رايا به اهم آهن. انهن جو خيال آهي ته پنج هزار سال اڳ ته موهين وارا ماڻهو مڪمل ترقي يافته ٿي چڪا هئا. انهن جديد صحت جي اصولن مطابق پنهنجا شهر تعمير ڪيا، جنهن ۾ نڪاسي جو اعلا انتظام ڪيل هو. صاف سٿريون گهٽيون، گريٽ باٿ، ڍڳي گاڏي ۽ ناچڻي جي عمدي تصوير ۽ ٻي قيمتي لاڌ ان قديم شاهوڪار تهذيب جي شاهدي لاءِ ڪافي آهن. انهن لوڪن وٽ ڪپڙي اڻڻ جو هنر هو. زراعت ۾ هو ڀڙ هئا ۽ وڏي ڳالهه ته انهن کي پنهنجي ٻوليءَ جي الفابيٽ به هئي.
ته اهو سڀ ڪجهه ڪو جهٽ گهڙي يا هڪ اڌ صدي ۾ ته ڪونه جڙيو هوندو. ايتري ترقي تائين پهچڻ ۾ هنن کي ڪيئي هزار سال لڳا هوندا. ته لڳي ائين ٿو ۽ عالمن جي ان راءِ ۾ وزن به آهي ته سيوهڻ، منڇر ۽ ان جي آسپاس آمري ڪلچر واري دور جا جيڪي ماڳ آهن اهي موهين ۽ هڙپا جي عظيم شان تهذيب جا بنيادي ماخذ آهن.
گورک هل ڏانهن ويندي اهڙي هڪ ماڳ واهي پانڌي ۾ اسان جي ميزبانن بيس ڪئمپ قائم ڪئي هئي. دوستن جي راءِ تي هن ماڳ کي نهارڻ جو موقعو مليو.
واهي پانڌي وارو ماڳ 40/25 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 22/64 ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دڙو هينئر خسته حالت ۾ آهي. ماڻهن هن دڙي کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. گهڻي مٽي ڪڍي اوسي پاسي وارن کيٽن کي بند ٻڌي ڇڏيا آهن.
جنوري 1931ع ۾ مشهور آرڪالاجسٽ مسٽر اين جي مجمدار جوهيءَ مان سورنهن ميل اٺ جي سواري ڪري واهي پانڌي پهتو هو. هن ڏٺو ته نئين گاج مان وهي آيل برساتي پاڻيءَ کي آبادي واسطي روڪڻ لاءِ کيٽن کي ٻنڌيون ٻڌل هيون. هن واهي پانڌي واري دڙي جي کوٽائي ڪرائي، جنهن مان هن کي ڳاڙهي ٿانو مٿان ڪاري چٽسالي وارا ٿانو نظر آيا. ان کان هيٺ کوٽائي تي ٻن رنگن وارا ٿانو هٿ آيا، جيڪي ٻن ثقافتي دورن جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا. ان کان علاوه پٿر جي تير جي اڻي، مٽي ۽ پٿر جا ڪيترن ئي قسمن جا مڻيا ۽ ڪي پٿر جا اوزار هٿ آيا هئا.
هن کي مڇيءَ جي ڇلرن، پپر جي پنن ۽ ڏاند جي تصوير وارا ٿانو پڻ لڌا هئا. پاڻ لکي ٿو،“ڳاڙهي ٿانو تي ڪاري چٽسالي کان سواءِ جيڪا هوبهو موهين جي گهاڙ ۽ چٽسالي جهڙي آهي. پٿر جا گول چپڙا مڻيا لڌا. ڊگهي پڙڳي تري واري ڦيلهي، جنهن جي اندرئين پاسي چگهه نڪتل آهن. مٽيءَ جون پڪل ٽڪنڊيون ٽڪيون به موهين جي گهاڙ ۽ چٽسالي سان مواقفت رکن ٿيو”. (سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي ص183)
ٿوري دير لاءِ اسان سوچيو، ڪاڇي ۽ ڪوهستان (آمري ڪلچر واري دور) جي سنڌي ڪاريگرن جا نماڻا ۽ پاڪائي ڀريل هٿ ڪيڏا نه عظمت ۽ اوج کي پهتل هئا، جن مٽيءَ جي ڳوهيل پنوڙي کي، چڪ تي چاڙهي، سهڻي ٿانو جي صورت ڏني، ان تي چٽ چٽيا. مٽي ماءُ جي مورت جوڙي، مٽيءَ مان نازڪ نفيس مڻيا ٺاهي، هار پوئي، سندس ڳچيءَ ۾ پهرايا ۽ ان مٿان پنهنجو ساهه ۽ ويساهه گهوريو.