ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪڇ ۽ انڊس ڊيلٽا جا جت ۽ انهن جو ڪلچر

0
46
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ڪڇ ۽ انڊس ڊيلٽا جا جت ۽ انهن جو ڪلچر

  انڊس ڊيلٽا تي جتن جا وڏا راڄ آباد آهن. جتن جي نسلي سڃاڻپ جي ڪري، مغلڀين وارو علائقو، جاتي سڏجڻ ۾ آيو. انگريزن جڏهن سنڌ ۾ ضلعا ۽ تعلقا ٺاهي انتظامي ڄار پکيڙيو ته، هن علائقي کي جتن پويان تعلقو جاتي نالو ڏنو ويو.

                 اٺيون جت راڄ جو تهذيبي ورثو، گذر سفر جو وسيلو ۽ سندن ثقافتي سڃاڻپ آهن. درياهه ۾ تازي ۽ مٺي پاڻي جي نه اچڻ ڪري، جت ڪميونٽي تي سماجي ۽ ماحولياتي اثرات خطرناڪ حد تائين وڌندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ وڌي ۽ لائيو اسٽاڪ جي هن اسپيشيز جو خاتمو ٿيڻ لڳو. غربت جي ڪري ان جو وڪرو وڌي ويو. ٻيو وڏو پئماني تي سمگلنگ ۽ ڪوس جي ڪري به ڪمي اچڻ لڳي. انڊس ڊيلٽا ۾ جتي رڳو چالهيارو سال اڳ اڳ 16000 کان وڌيڪ اٺ رڪارڊ ٿيل هئا، اتي هاڻ 3 هزار کان به گهٽ ٻڌايا وڃن ٿا. جتن جا گهڻا راڄ شاهه بندر، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ وارا پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي، ڪراچي قاسم آباد نالي واري علائقي ڏانهن لڏي پلاڻي وڃي رهائش پذير ٿيا آهن. اتي به هو ڄڻ اوپرا آهن. نه پنهنجي زمين، نه پنهنجا پڪا ڳوٺ. لڏائو قبيلن جيان بي سرو سامان، وڻ نه واهيرو. بس هڪ ڳالهه هنن کي اتم ۽ اعلى بڻايو بيٺي آهي اها آهي انهن جو نج نبار ڪلچر. انڊس ڊيلٽا جي جهنگن جي جهولي ۾ محفوظ هن باوقار ڪميونٽي اڃان تائين پنهنجي ڪلچرل ورثي، ننگ ۽ ناموس کي بچائي رکيو آهي. هنن جي ٻولي ۽ لباس، هنن کي شڪل شبيهه (Pigmentation) جي لحاظ کان اعلى رتبي وارو ۽ نسلي اعتبار کان ڪريسٽ (Crest) وارو درجو حاصل آهي. انڊس ڊيلٽا جي هي ڪميونٽي پنهنجي ڪلچرل سڃاڻپ (Identity) جي ڪري شان شانائتي ۽ شرف واري سمجهي وڃي ٿي. هي شڪل شبيهه جا ٺاهوڪا، قدآور، جسم مضبوط ۽ وار وڏا رکن. رنگ ڳورڙو. جانٺا جوان. ڪراڙو ڪرڙ وڍ به هشاش پشاش نظر ايندو. آخر اهو ڪهڙو ساڱاپو هو، جنهن جي ڪري ڀٽائي جتن لاءِ هي آيتون آنديون.

* جيجان جتن جي، لڳي جيءُ کي جهوري

* وو ڀينر، آئون جينديس، تان جتن ري

* گهڻو اڪنڊي آهيان، تن جتن جي جنسار

* جتا شال جيو، جيو ۽ جاڙون ڪريو

خير ڀٽائي جون پنهنجون رمزون آهن، جن تائين رسائي، اڃان تائين ڪنهن جي به ڪانه ٿي سگهي آهي. پوءِ به فقيراڻي جتن جا وڏا راڄ ڪارن پٽڪن ۾ ڀٽائي جا رسالا ٻڌيو، جهر جهنگ جهونگاريندا ٿي وتيا.

سيئي ڪا تنوار، يا هنئين ٿي هٿڙا کڻي،

سوين رليون سسيون، هوتاڻن هزار

ٻاروچاڻا ٻار، توڙئون ترس نه سکيا. (لطيف)

سامونڊي کارين جي ڪنڌين ۽ مينگروو جي ٻيلن جي وٽ سان هنن جي اٺين جون جهوڪون آهن. کاري جون ڪيٽيون، انهن تي اڀري آيل لاڻا، کبڙن جا وڻ، ڄاريون ۽ ليون هنن جي اٺين جو کاڄ آهن. انهن جون راتيون ۽ ڏينهن اٺين جي آڌار گذرندا آهن.

جت رهن ته کاري جي پاسي ۾ ٿا پر انهن جو سڀاءُ سلڇڻو، سڻوپرو، ساءُ ڀريو ۽ سچائي وارو آهي. سندن ٻولي جو لهجو، ماکي ۽ پيرن جهڙو مٺڙو آهي. مزاج البت مڪ جهڙو اٿن. نيٺ کاري جي گاهه جي تاثير واري کير تي جو پليل/پاليل آهن، هنن جا جوڌا جوان، ڪي ويڙهاڪ ته ڪي فقير. هڪ باوقار قبيلو. هنن جي رتبي وارو سانگ، صدين کان گونجندو رهيو آهي، جيڪو دنيا جون سڀئي هٿرادو جوڙيل سرحدون لتاڙي ديس پرديس ولايتن تائين پهتو. سنڌ ۾ هن سانگ جي ايڏي ته هاڪ هلي جو هر خوشي جي موقعي تي، هي ناچ راڳ آلاپڻو پيو.

جمالو جتن جو، هو جمالو

لڙي آيو لاڙ ڏي هو جمالو

جنهن جي سوني منڊي چيچ ۾ هوجمالو

جنهن جي سائو لڪڻ هٿ ۾ هوجمالو

جيڪو زور شهزور آ هو جمالو.

ڪڇ ۾ به جتن جا راڄ آباد آهن. ڪڇ ۾ ٺٽيار راڄ وارا پنهنجي اصلوڪي جتڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن ۾ هند آريائي زبانن جا الفاظ وڌيڪ آهن. ڪي عربي ۽ فارسي گاڏڙ لفظ به ان ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق هي راڄ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ مان لڏي ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيا. ٺٽيار راڄ جا پاڙا هي آهن. راڌاڻي، سانولاڻي، عمراڻي، مدداڻي، برياڻي، وهياڻي، ڀڙجانگ پاڙا اچي وڃن ٿا. ٻيا پاڙا هي آهن، واگهاڻي، نٿلاڻي، سانئياڻي، ربناڻي، مراداڻي، وزيراڻي، حاجياڻي، آرياڻي، موڏاڻي، ڇهلاڻي، مٺياڻي، آرباڻي، شاهاڻي، لاکاڻي، سوتڪاڻي، بجارپوٽا، آجاڻي، منهاڻي، ڌاتواڻي، بکراڻي، محباڻي، عامر، سکانياڻي، تالي، ونگائي، رتاڻي، مياڻي، ڪانڊيراڄ ۽ فقيراڻي. سماجي طور هي سڀ راڄ ڄام لاکي سان گڏ آهن. (جتڪي ٻولي).

“احمد جت وڏو شاعر هو. هن وٽ مال جهجهو هو. ڪڇ ۾ آباد هو. ورهاڱي کان پوءِ لڏي سنڌ ۾ آيو پر سندس گهڻي مال کي ڪٿي به جڳهه نه ملي، نيٺ ڪڪ ٿي، ڪڇ ڏانهن واپس هليو ويو. هتي جيڪي عقوبقو ڏٺائين، سي هڪ وڏي نظم ۾ لکيائين”. (ڪڇين جا قول ص 26). جاڙيجن وانگر جت قبيلي جي لوڪن کي به هندستان ۾ لڪي جاگير، شوري جاگير، پپر جاگير ۽ ڪنوچ جاگير نالي واريون جاگيرون مليل آهن ۽ پن چري معاف اٿن. ڪڇ ۾ جمالو سانگ لفظن جي ڦيرگير سان ڪڇي لهجي ۾ ڳايو ويندو آهي.

جمالي سانگ بابت مختلف روايتون موجود آهن. لڳي ٿو ته هي ڪنهن جنگ ۾ فتح ۽ سوڀ جو سانگ آهي يا جمال نالي واري ڪنهن جوڌي جي شان ۾چيل جملا، جيڪي پوءِ غيرمعمولي مشهوري ماڻي زبان زد عام ٿي ويا. هي روايت جناب الهه بخش ٽالپر پنهنجي ڪتاب، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا جي تاريخ ۾ آندي آهي. هن جمال کي شهيد ۽ تيرانداز ڪري پيش ڪيو. ٻي ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب واري روايت، جنهن ۾ لاڙ مان ٿي، موٽي آيل ڪنهن اتر جي جوان جي شان ۾ هي گيت ڳايو ويو. جمالي راڳ بابت ٺوس دليل الهداد ٻوهيو ڏنا آهن. لکن ٿا، “پڳ ۽ سهڻي منڊي اسان جي سماج ۾ رتبي جا اهڃاڻ آهن. موڙ، ڳانو، منڊي، ڇلو، ويڙهه ۽ ڳاني ۾ ٻڌل ڇنو، سڀ ڪريسٽ روايت جا اهڃاڻ آهن. جمالو ناچ راڳ آهي. ان جو بنياد اسان جي سماجي ڪريسٽ روايت تي آهي. اهو ڪريسٽ فتح وارو رتبو آهي، جنهن جو تعلق ڪنهن وڏي جنگي ڪارنامي سان آهي. جت کي هڪ رتبو حاصل آهي ۽ اهو رتبو ڪن هنڌن تي ڪريسٽ جهڙو آهي.” (سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص 114).

انڊس ڊيلٽا جا جت مڇي جي ڌنڌي ۾ به آهن. ڪيٽي بندر ڀرسان ڳوٺ حاجي صديق فقيراڻي جت وارن وٽ پنهنجون ٻيڙيون آهن. حسين جت ۽ ٻيا مڇي جو ڌنڌو ڪندا آهن. ديهه بانبٽيو وارو احمد دبائي، موسو دبائي عمر 80 سال يوسف دبائي عمر 95 سال جي خاندان وارا به مڇيءَ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا. صالح جت، حاجي جمعو جت، حاجي اسماعيل جت، حاجي حمزو جت، ڪاٺو جت، حاجي نور محمد ولد حاجي صديق جت، حاجي ميڙائوجت ۽ الهورايو جت وارا مڇي جي ڌنڌي سان گڏ اٺيون به ڌاريندا ۽ چاريندا هئا. ديهه ٺوڙهي کاروڇاڻ وارا حاجي علي محمد جت، حاجي محمد جت وارا ٻيا پنهنجن پڊن تي ويٺل احمد فقيراڻي جت، حاجي ڀرو ونگائي جت، علي محمد ۽ ميرانو جت وارا به مڇي جي ڌنڌي سان وابسته هئا. انهن کان علاوه ڳوٺ حاجي اسماعيل دبائي جت، ڳوٺ حاجي محمد نور وارا اٺيون سنڀاليندا ۽ مڇي ماريندا هئا. نانگڻ واريءَ ۾ ڳوٺ پير جت، ڳوٺ خدا بخش جت ۽ ڳوٺ حاجي ايوب جت وارا به مڇي جي ڌنڌي ۾ هئا. ڳوٺ ميراڻو جت کيرسر، ڳوٺ محمد جت ۽ ڳوٺ غلام حسين جت جوهي وارا به مڇي جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا. جڏهن درياهه کي اوج هو ۽ مٺو پاڻي ايندو هو ته هي لوڪ ساريون (رتڙيا چانور) پوکيندا هئا. جن جي خوشبو ۽ هڳاءُ اتان مٽيندڙن جو من موهي وجهندي هئي. انهن رتڙين چانورن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. اڄ به جوهي کان ڪيٽي بندر ويندي کاري ڇاڻ تائين، ڪلراٺن پوٺن وارين انهن ٻنين تي ٻڌل پراڻن ٻنن جا نشان نظر ايندا ۽ ڪٿي ڪٿي کجين جا سڪل ٿڙ، ڦڙها لاڙيو اٻاڻڪو منظر پيش ڪندي ڏسبا. ڪنهن اداس ۽ بي قرار شام جو، انهن پڊن تان مٽي، اهو هئين ڦاڙ درديلو منظر اکئين ڏسي سگهجي ٿو. شاهه بندر پاسي ڳوٺ حاجي وريو جت ۽ ڳوٺ حاجي سليمان جت ٽاڪڙو هاشم وارا، ڳوٺ علي خان جت ۽ ڳوٺ محمد جت وارا به مڇي جي ڌنڌي سان هئا. هتي چند ڳوٺن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جاتي ۽ شاهبندر ۾ جتن جا وڏا راڄ آباد آهن. پنهنجون زمينون اٿن. راڄ ڀاڳ وارا آهن. خوشحال آهن. ايگريڪلچر ۾ به جتن جو وڏو حصو آهي.

کاري جي جتن جو لباس ڪاري صدري چيلهه تائين ۽ ٻانهن ڪرائين تائين، ڪارو پٽڪو احترام سان ٻڌندا آهن. وٽن پڳ جي گهڻي عزت آهي. اڇو پٽڪو به ٻڌو ويندو آهي. ڪي سلوارون پائيندا آهن ته ڪي وڏڙا لانگ ڍڪيندا آهن. هنن جا ڪاٺ جا ٺهيل، سهڻا سينگاريل گهر ۽ اوطاقون ڏسڻ وٽان آهن. هر ڳوٺ ٻاهران اٺين جون جهوڪون، گسين جي خوشبو ۽ توڏڪين جون رڙون، کير جا ڳسڪلا جمن، وڏا وٽا، دلفريب منظر. سنڌي بلوچن جي معاشري ۾ گهگهي جو مان ۽ شان، ننگ ۽ شرم وڌيڪ آهي. جت گهگهيلا ۽ پردي وارا آهن. (ڊاڪٽر بلوچ)