ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪچهرين جو ادارو، شاعر ۽ اديب حضرات

0
24
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ڪچهرين جو ادارو، شاعر ۽ اديب حضرات

اُتر جون اوتون شروع ٿيون آهن. آرٽِيفيشل مچ ڪچهرين جا پروگرام ٿي رهيا آهن. هِي سڄو مهينو مچ ڪچهرين جو مهينو آهي. نيون رليون وڇائي انهن تي نوان وهاڻا رکي، نوان وڳا پهريل نوجوان شاعر حضرات باهه جي مچ جي چوڌاري براجمان هوندا. ماني ايندي، ان ۾ ٻوڙ پلاءُ ضرور هوندو. ماني کائي اوڳرائي ڏيئي، همراهه ويهندا ڪلام پڙهڻ. نه ڏات نه ڏانءُ، نه بحر نه وزن جو خيال. ڪلام پڙهي هڪ ٻئي کي واهه واهه چئي پيا گد گد ٿيندا. برک اديب تاج جويو اهڙن شاعرن کي ٺاٺارا شاعر سڏيندو آهي. (ڏسو ڪتاب، زندگي ماڪ ڦڙا جو مهاڳ، صفحو: 50).

                 ڪن ڪچهرين ۾ سنجيده ۽ ساڃهه وند سُگهڙ ۽ ٻهراڙين جا پارکو ۽ عوامي شاعر به شريڪ ٿيندا آهن. سُگهڙ پنهنجي هُنري شاعري پڙهندا آهن. پڪا پختا شاعر پنهنجو ڪلام پيش ڪندا آهن. سخنور ڏور، ڳجهارتون ڏيندا وٺندا آهن. اهڙي طرح ڪچهري جو رس ۽ چس ادبي ۽ عوامي ٿي ويندو آهي. شعر و ادب جي بنيادي اقدار کي سمجهڻ کان سواءِ لکيل شاعري بي رنگي ۽ ڇسي لڳندي آهي. شاهڪار ادبي شعري تخليق لاءِ پنهنجي زمين، ٻولي تي مڪمل دسترس، فڪري ۽ فني توازن، تخلياتي بلندي، خيالي وسعت، موسيقيءَ جي مهارت، آوازي تنظيم ڪاري، موضونيت، معنوي حسن، فارسي، عربي، عروضي دنيا جي معلومات، مشرقي ماترائن ۽ ڇند وديا جي ڄاڻ ضروري آهي.

ڪچهريون ڪلچر جو اهو اهم ادارو آهي، جنهن ۾ وندر ورونهه سان گڏ ڳڻ ڳوت، صلاح ثواب ۽ روح رهاڻ ٿيندي آهي. شاعري ۾ ادب ۽ فوڪ لور جي ڦلجڻ ۽ ڦولجڻ جا امڪان موجود هوندا آهن. انسان فطري طور ملاوڙو جاندار آهي. هڪ ٻئي تي نيڀر ڪرڻ، گڏجي رهڻ ۽ گڏ ويهي ڏُک سُور ونڊڻ هن جي خاصيتن ۾ شامل آهي. هر ملڪ هر قوم نسل ۾ گڏ ويهي هڪ ٻئي کان حال احوال ڏيڻ وٺڻ ۽ ڪچهرين جو رواج رهيو آهي. يوناني ادب پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته يوناني به پنهنجي ڪلچر مطابق ڪچهرين جو مزو وٺندا هئا. دي گريٽ ڊائلاگس آف سوڪريٽس ۾ پلٽو ان جو ذڪر ڪيو آهي. اهو 416 ق_م جو زمانو هو. هڪڙي ڀيري يونان جي اگيٿون نالي هڪڙي اديب کي ڏُک ڀرئي ناٽڪ تي انعام مليو. ان تي هن پنهنجي گهر ۾ دوستن جي دعوت ڪئي. ان ڪچهريءَ ۾ پيار جي ديوتا تي ڳالهايو ويو. “پيار جي ديوتا جو وڏو شان آهي. پهريائين اوندهه انڌڪار هئي پوءِ ڌرتي ۽ پيار وجود ۾ آيا. ديوتائن جي سلسلي ۾ پهريون پيار کي جوڙيو ويو. هو سڀني ديوتائن کان ننڍو نيٽو اتم ۽ سگهارو آهي. انسانن لاءِ خصلتن، گڻن ۽ خوشين جو مالڪ ۽ ڏيندڙ آهي، زندگي ۽ موت کان پوءِ به. پيار ته سڀني کان وڌيڪ سُٺو ۽ سُهڻو آهي. پيار هميشه جوان رهي ٿو. پيار گُلن جي سُونهن، رنگيني ۽ سرهاڻ ۾ رهي ٿو”. (ڪتاب ڏاهيون ڏک ڏسن، صفحو: 60) اٿينس ۾ آکاڙا (Stadium)  هوندا هئا. اتي ناميارن ليکڪن جا ڊراما اسٽيج ڪرايا ويندا هئا. انهن تي وڏا انعام رکيل هوندا هئا. جمناسٽڪ جي سکيا ڏني ويندي هئي. لوڪ اتي ويهي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ ڏاهپ ڀري گفتگو ٿيندي هئي.

عربستان ۾ اسلامي دور کان اڳي ۽ ان کان پوءِ به عرب ويهي مارڪو ڪندا هئا. عربي اتهاس ۾ اهڙا اشارا موجود آهن. عرب بدو هڪ جاءِ تي ويهي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هئا. شعر پڙهندا هئا. پراڻي دور جون ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌائيندا هئا. عربن ۾ڪچهرين جو رواج اڄ به موجود آهي. سائين محمد ابراهيم جويو جي ترجمو ڪيل ڪتاب “فرينچ انقلاب” ۾ آهي ته انقلاب کان اڳي فرانس جي ٻهراڙين ۾ مهمان سرائون هونديون هيون. مسافر اتي وڃي رات رهندا هئا. ڪچهريون ڪندا هئا. پنهنجن ديسن جا حال احوال ڏيندا هئا. سرائن ۾ کائڻ پيئڻ ملهه جو هوندو هو. سنڌين وانگر سخي ڪونه هئا جو دونهيون دکايو ويٺا انتظار ڪندا ته دونهين جي لاٽ ڏسي ڪو مسافر لڙي اچي ته ڪا ڪچهري مچي. مهمان کي ٽڪرڀور کارائجي ته متان لولو اگهامجي پوي. ناول جو هيرو پاويل ڪٿان پٽاٽا آڻي سراءِ جي ڌڻي کي ڏئي ٿو ته هي پوک. هو پنهنجي ننڍڙي باغيچي ۾ کريا ڪڍي پٽاٽا پوکي ٿو. ٻج ڦٽي ٿو، ٻوٽا وڌن ٿا. تجسس ۽ حيرانگي مان اتي ايندڙ ماڻهو انهن کي ڏسن ٿا. هڪڙي ڏينهن اهو پاويل اخبارون کپائيندڙ اتي اچي ٿو. کريا کوٽي کوڙ سارا پٽاٽا ڪڍي ٿو، انهن کي رڌي ٿالهه ڀري سڀ ويهي کائين ٿا. پٽاٽن جو ٻج ٻين ڳوٺاڻن کي ورهائي ڏنو وڃي ٿو. اهڙي طرح فرانس ۾ پٽاٽن جي پوک شروع ٿئي ٿي. ڪچهرين مان جي اهي فائدا هئا.

ايران، ثمرقند، بخارا جا لوڪ به ڪچهرين جا ڪوڏيا هئا. قهوي جي پيالي تي ڪچهريون ٿينديون هيون. شعر و سخن جون محفلون مچنديون هيون. اسان جيئن حافظ شيرازي جي باب ۾ پڙهيو آهي. هڪ بزاز جي دڪان تي ڪچهري ٿيندي هئي. اهو بزاز پاڻ به شاعر ۽ سخنور هو. ٻيا شاعر ۽ اهل فقر اتي ويهي ڪچهري ڪندا هئا ۽ شعر و شاعري جي محفل مچندي هئي. هڪ ڀيري حافظ اتي پنهنجو شعر پيش ڪيو ته ٻيا شاعر ڪچي شاعري جي ڪري سندس حوصله شڪني ڪرڻ لڳا. حافظ ان رات “بابا ڪوهي” جي مزار تي وڃي ٻاڏايو. ان رات حافظ کي حضرت علي عليه السلام خواب ۾ آيا ۽ پٺي ٺپيري فرمايائون، حافظ هاڻ وڃ توتي سڀني علمن جا خزانا کلي ويا. حافظ صبح جو اٿي هي شعر لکيو:

دوش وقت سحر از غصه نجاتم دادند،

واندر آن ظلمتِ شب آبِ حياتم دادند.

(ڪالهه صبح جي وقت ارباب قضا و قدر مونکي ڪاوڙ کان نجات بخشي ۽ رات جي تاريڪي ۾ مونکي آب حيات عطا ڪيو.) حافظ جي لاءِ شاعري گويا آب حيات جو درجو رکندي هئي.

روس جي ٻهراڙين ۾ به ڪچهرين جو رواج هوندو هو. گيمزوو رسول جو ڪتاب “ماءِ داغستان” پڙهي ڏسو. ڪچهرين جو ادارو ايڏو ته فعال هوندو هو جو زندگيءَ جي هر شعبي جو معاملو اُتي زيرِ بحث ايندو هو. صلاح ثواب ڪري سماجي مسئلا حل ڪيا ويندا هئا. ايتري قدر جو ٻار جي ڄمڻ تي به ڪچهري تي ٻار کي کڻي اچبو هو. ڳوٺ جو وڏو بزرگ ان کي گود ۾ وٺي، ان جو نالو رکندو هو. جيئن گيمزوو رسول اسان کي ٻڌائي ٿو ته، سندس نالو به ڳوٺ جي بزرگ کان رکايو ويو. جڏهن وڏو ٿيو ته انهن ئي ڪچهرين ۾ ويهي اهو حمزو رسول ماسڪو ۽ دنيا جهان جون خبرون ڳوٺاڻن کي ٻڌائيندو هو.

ڪچهرين جو اهو ادارو سنڌ ۾ ايڏو ته مضبوط هو جو سياري ۾ باهين جا مچ ٻاري ۽ اونهاري ۾ کلي هوا ۾ ويهي سياسي سماجي حالتن تي ڳالهايو ويندو هو. زراعت، واپار، شادين مرادن ۽ ڏيتين ليتين تي گفتگو ٿيندي هئي. شعر و ادب سميت هر موضوع زير بحث ايندو هو. مهمان مڙو ايندو هو ته ڄڻ عيد  ٿي ويندي هئي. ويجهي ماضي ۾ سنڌ ۾ ٻيڙو فقير ڪنڀار ڪچهريون ڪوٺائيندو هو. رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي ڦليلي درياهه تي ٻيڙين تي ڪچهرين جو انتظام ڪندو هو. اهڙين ڪچهرين تي سنڌ جا برک اديب ۽ دانشور، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، غلام رباني آگرو پارا شريڪ ٿيندا هئا. لاڙ ۾ مٺو خان ملڪاڻي، حاجي سوڍو بگهياڙ، فضل محمد خان لغاري، سومار وزن ڪش ميمڻ جون اوطاقون ڪچهرين جا مرڪز هوندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻهراڙين ۾ وڃي اهڙيون ڪچهريون ڪرايون ۽ سڄو فوڪ لور محفوظ ڪيو.