ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪوهستان جو ماڻهو هاڻي ٿڪجي پيو آهي

0
14
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ڪوهستان جو ماڻهو هاڻي ٿڪجي پيو آهي

ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ماڻهو هلي هلي هاڻ ٿڪجي پيو آهي. هو 15 هزارن سالن کان مسلسل پنڌ ۾ آهي. هن جي وڏڙن جڏهن هن دنيا ۾ اکيون کوليون، ته سڀ کان پهريائين اشارن ۽ آوازن جي آڌار تي پنهنجي ٻولي ٺاهي، ان ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن جابلو جهرڻن جي آڌار تي، پٿر ٽاڪي، جبل جي غارن ۽ اڌوڪن ۾ پنهنجو اجهو اڏيو. هن وڻن جي ٽارين ڪکن ۽ ڪانن وارا جهوپا اڏي ڇانو ڪئي. جڏهن آسمان تي بادل ڀرجي اچي زمين تي وسڻ لڳا ۽ ڌرتي تي اڪيچار اوڀڙ اڀري آيا، ته هن آسمان کي ابو ۽ ڌرتي کي امان چوڻ شروع ڪيو. آسمان کي هن ڍڪ (ڇڀر ڇانو) سمجهيو ۽ ان کي ڍڪيندڙ ديوتاجو نالو ڏنو. افق تي ڌرتي ۽ آسمان جو ميلاپ ڏسي. ان کي وهانءُ جو نالو ڏنو. پوءِ انهن کي ساري جهان جي ماءُ پيءُ ڪوٺيو. هن ديوتائن جا نالا رکيا. هن نکٽن کي به نالا ڏنا.

اڀي اڀارآم، نکٽ سڀ نئي ويا يا،

ڪتين ڪرموڙيا ٽيڙو اڀاٽيئي. (لطيف)

هن اولهه کان يا ڪنهن ٻئي طرف کان ڪنهن برسات جي موسم ۾ سانگ ڪري، جڏهن سنڌ جي نالي سان سڃاپندڙ ڪوهستان تي قدم رکيو ته، هو حيران ٿي ويو. هتي جا گل، ٻوٽا، گاهه، وليون ۽ وڻڪار ڏسي، هن پڪ ڄاتو ته هي بهشت (سرڳ) آهي. هن ڌرتي ماءُ جا سڱويل ٿڻ (ڏٿ ۽ وڻڪار) ڏسي ان کي سجدو ڪيو ۽ پوءِ مٿي آسمان طرف نهاريائين. ڪارا ويس ڪري آيل ڪڪر ۽ ڀريل بادل ڏسي اڻ ڏٺي طاقت (قدرت) آڏو سرخم تسليم ڪيائين. ڪنهن اڻ ڏٺي قوت جي وحدانيت جو تصور جوڙيائين. تلاءُ ٺاهي پاڻي اسٽور ڪرڻ جو بندوبست ڪيائين. هن ٻنڌيون ٻڌي کيٽ ٺاهيا. هر پاڃاري جوڙي ورشاتي آلي ٿيل ڌرتي کي کيڙيو. پوک پوکي ان اپايو. پٿر تراشي اوزار ٺاهيا. پوءِ هن هڪڙو چڪ ٺاهيو. مٽي جو پنوڙو ڳوهي ان کي چڪ تي چاڙهي، خوبصورت ٿانو جوڙيا. شروع شروع ۾ ان سادا ٿانو ٺاهيا. آهستي آهستي ان تي چِٽَ چِٽڻ شروع ڪيا. هن کي ڪارو، ڳاڙهو ۽ ڳيرڙي رنگ وڻڻ لڳو. شايد ڪاري رات کي ڏسي هن ڪارو رنگ تخليق ڪيو. پوءِ شفق جي لالاڻ نهاري ڳاڙهو رنگ ٺاهي، ان جي مٿان ڏنو. هن جو اهو خيال هوندو ته ڪاري رات هميشه ناهي رهڻي. طلوع آفتاب کان اڳ ڳاڙهي باک ڦٽڻي آهي. اها رين بسيرن جي اڻ تڻ هئي، جنهن کي صدين کان پوءِ شيخ اياز لفظن جو روپ ڏنو.

هي اڻ تڻ رين بسيرن جي،

ٿي ويندي ساک سويرن جي. (اياز)

هن ڳيرڙي رنگ مٽي ماءُ جي رنگ تان کنيو. هو چٽ چٽيندو رهيو. جيئن پوءِ تيئن چٽ سهڻا ٿيندا ويا. هن جبلن، لڪن، نئين، ڍورن تي نالا رکيا. کيتي ۾ ڪم ايندڙ هر اوزار تي نالا رکيا، کيٽن تي، انهن جي ٻنن تي، هر هڪ شيءِ تي سڃاڻپ لاءِ نالا رکندو ويو. هن پنهنجي تجربي جي آڌار تي ايڏا ته ٺهڪندڙ ۽ سهڻا نالا رکيا، جيڪي صدين پڄاڻا استعمال ۾ ايندا رهيا. هن ڦيٿو ايجاد ڪيو. ائٽ چرخو جوڙيو. ان پيهڻ جو جنڊ ٺاهيو. هن ڳهه جوڙيا. مٽي ماءُ جي مورتي ٺاهي ان کي ڳهن سان سينگاريو. هن مال جا ڌڻ ڌاريا. سڃاڻپ لاءِ لک ڏنا.

ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ماڻهو مسلسل سفر ڪندو رهيو.  هن جو نسل وڌندو ويو. جيئن جيئن ڪيڙ وڌيو، هن وسنديون قائم ڪيون. آمري دور جون سموريون وسنديون هن جي پيڙهي وارن جوڙيون. هن پهڻن مان پيچرا ٺاهي هڪ واٽ ٺاهي. اها واٽ جهانگار کان ڀنڀور، ڪيچ مڪران کان به اڳتي هلي ٿي وئي. اها واٽ پوءِ واپاري واٽ سڏجڻ ۾ آئي. هن ان واٽ سان وسنديون جوڙيون.  ڪوٽڙو، ٻچاڻي، عثمان جي بٺي، ٿاڻو عارب، کجور لانڍي، ڪوهتراس، پوکران، ملير لانڍي، ڏلهه، جائڙو، ٻنڌڻي، ڪائي، جهانگار، علي مراد، آمري، ڳورانڍي، گاجي شاهه،  واهي پانڌي ۽ ٻيون ڪيئي گم ٿي ويل وسنديون. هن راءِ بادشاهه سان گڏجي نيمروز واري جنگ وڙهي. هن رني ڪوٽ نالي وارو عظيم الشان قلعو ٺاهيو.

هاڻي ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي ماڻهو جي پيرن هيٺان جڏهن جبل کسڪڻ لڳو ۽ مٽي سرڪڻ لڳي ته هو ساڻو ٿي ڪري پيو. هن جي نسل کي ڀٽائي جو فرمان ته ياد هو:

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو. (لطيف)

پر وقت جي ڪاري رات جا پاڇا جڏهن اونداهه ۾ تبديل ٿيندا ويا، ته پرين جو پير هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.

ويهي وڃايوم، پيرو هوت پنهون جو. (لطيف)

هن ويساهه وسوڻل ۽ مايوسين ۾ ويڙهيل انسان کي شيخ اياز جون هي سٽون به آٿت ڏيئي نه سگهيون.

جي هانو نه هارين ڪوهيارل، هي رات به گهاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين. (شيخ اياز)

هيڏي ڊگهي سفر کان پوءِ ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو ماڻهو هلي هلي هاڻ ٿڪجي پيو آهي.