ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪنگ ٿيا ڪانڌي دادلي درياهه جا

0
41
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ڪنگ ٿيا ڪانڌي دادلي درياهه جا

 سنڌ ۾ هينئر چيٽ لٿا آهن. پر سنڌين جا چهرا لٿل آهن. ڪڻڪن جا لابارا آهن. مٽرن جون لوڙهون آهن. موهر پٽجن پيا. چڻن جا اوڙا آهن. پوءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي جو هر منهن ملول، افسرده ۽ اداس آهي؟ زرعي سماج ۾ زراعت ئي گذارن جو ذريعو هوندي آهي. ٻئي نمبر تي آهي مالوندي (Live Stock) درياهه ۾ پاڻي ڪونهي، ڪچي ۾ ڪک ڪونهي. جبل تي برسات نه پوڻ ڪري تلاءُ سڪي ويا. گاهه جو نالو نشان به ڪونهي. مال ڇا تي تڳي! ڪنهن وٽ چار ڍور آهن ته اهي به هٿ تي ۽ هٿ تنگ آهن.ٻه ڀائر ٽيون ليکو. حساب ته ڪريو. هڪ ايڪڙ زمين جو پورو لک روپيا کائي پيداوار ڏئي ٿو. هن سال ڪڻڪ سراسري پندرنهن کان ويهه مڻ في ايڪڙ پيداوار لٿي آهي. فصل گهٽ لهڻ جو سبب اهو آهي ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل کي پورو گهربل پاڻي نه ملي سگهيو. ٻيو سبب اهو آهي ته ٻج ۽ پيسٽيسائيڊ سڀ جا سڀ نقلي ۽ بيمار مليا. سنڌ ۾ ٻج ٺاهڻ وارا سمورا ادارا ناڪام. لاچار ٻج پنجاب مان گهرائڻو پوي ٿو. سٺو ۽ معياري ٻج پنجاب جي پنهنجي پورت آهي. جيڪڏهن انهن کي به ڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته، هو لڪ ڇپ ۾ يا پنجاب جي حڪومت جي هلڪي هٿ سبب معياري ٻج پنهنجي وڏي ڀاءُ اوڀر پنجاب کان گهرائي ٿا وٺن. ڪو مڃي نه مڃي اها حقيقت آهي ته زراعت ۾ اوڀر پنجاب گهڻو گهڻو اڳتي آهي.

واپاري طبقو يا سرمائيدار، جنهن کي هميشه حڪومت جي پٺڀرائي رهي آهي، معياري توڙي غيرمعياري بيمار وائرس زده ٻج ڇنڊي ڇاڻي، نوان پاچڪا پوتيون پهرائي، سهڻا مونو گرام ٺهرائي، ٺپا هڻي سنڌ ڏانهن موڪليندا آهن. سنڌي ويچارا ويساهه وسوڙيل چمڪي ۽ چلڪي تي هرکجي ٻيڻ تي مهانگو خريد ڪري اهو ٻج پوکيندا آهن. نتيجي طور پيداوار گهٽ. نقصان ئي نقصان.

ڳالهه پئي ڪئيسين اگهه پار جي. ڪڻڪ ساڍا پنج هزار کان ڇهه هزار روپيا في ٻوري اناج بازار ۾ وڪامجي رهي آهي. ٿلهي ليکي عشق مهانگو، جيڪڏهن ڪو ايڪڙ ڀلي پيداوار سان پندرنهن ٻوريون لهي ته مارڪيٽ ۾ ان جو ملهه ٿيو 90 هزار. في ايڪڙ خرچ کاڌو هڪ لک روپيا. ڏٺي وائٺي ڏهه هزار روپيا ٽوٽ. آبادگار اهو ڀري ڪٿان؟ محنت مزدوري ته ڇٽي. پوءِ قرض ۾ واپارين جا وياج تي وياج. نه ڪو دانهن ٻڌڻ وارو، نه ڪو ڪوڪ سڻڻ وارو. اهو سچ يا الزام ته ڪڻڪ ٻاهران گهرائي هٿ سان آبادگار سان هٿ ڪيو ويو. هتي رڳو ڪڻڪ جي ڳالهه ڪانهي. چڻو، مٽر، موهر، سرينهن، هر ٻي جنس سميت ڪنهن به چيٽي فصل جو اگهه ڪونهي. آبادگار ڪنهن کي دانهن ڏئي. مٿان واري پاڻي جي اهڙي کوٽ جو عام خلق توڙي جانور نلڪن، کوهن ۽ کونهرن مان ٻاڙو پاڻي ڪڍي پيئڻ تي مجبور آهن. پاڻي جي کوٽ زراعت جو اهم مسئلو آهي. سٺو ٻج نه ملڻ، ڀاڻ ڪلر ڳاٽي ٽوڙ مهانگو، زرعي دوائون نقلي، ٽريڪٽر مهانگا، زرعي قرض لاءِ غريب آبادگار طبقو بليڪ لسٽ. انهن سڀني مرحلن مان گذري آبادگار پنهنجي ٿوري گهڻي اپت/جنس کڻي مارڪيٽ پهچي ته ان کي صحيح اگهه به نه ملي، پوءِ ته ان جا پير نڪري ويندا.

درياهه بادشاهه جو ڪهڙو ڏوهه. انگريزن کان آزادي کان پوءِ سنڌو درياهه جي منڍ تي ڊيم، بئراج ۽ اريگيشن اسڪيمن جي ٺهڻ ڪري سنڌو درياهه ۾ پاڻي بتدريج گهٽجندو ويو. 1955ع ۾ ڪالاباغ بئراج جي تعمير سان 150MAF  کان وهڪرو گهٽجي وڃي 79.9MAF  رهيو. مرلا 1956ع ۾، تئونسا 1958ع ۾ ٺهيا. منگلا ڊيم 1967ع ۾ ٺهيو. اهڙي طرح 2000ع تائين مٿي درياهه بادشاهه تي 03 وڏا ڊيم، 14 بئراج، 13 هيڊ ورڪس ۽ 41 ڪئنال تعمير ٿي چڪا هئا. گذريل 25 سالن دوران درياهه سان جيڪو ٻائيتال متل رهيو، ان جي اوهان کي سڄي خبر آهي. وڏيون وڏيون کڏون کوٽي، وڏا واهه ڪڍي درياهه بادشاهه کي سوڙهو ڪيو ويو. انگريزن جي ٺهيل قانون اريگيشن مئنيوئل ۾ صاف طور لکيل آهي ته پاڻي تي وڌيڪ حق پڇڙي (Tale)  جي آبادگارن جو آهي.ڪو دور هو درياهه ۾ ايڏي ته دهشت ۽ دم هو جو سيڻانها به سير مان سڻڪي پار پوندا هئا. ٻڌندا هئاسين ته جڏهن سهڻي درياهه ۾ لڙهندي پئي وئي ته ان جا ڪانڌي ٻگها ۽ ڪنگ هئا.

ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،

ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،

اکئين ملڪ ڏٺاس، توءِ ڪاڍو ميهار ڏي. (لطيف)

لطيف سرڪار جي زباني اسان اهي مڪالما به ٻڌا، جيڪي سهڻي درياهه ۾ لڙهندڙ ڪاٺين ۽ ٻانڊين سان ڪيا.

ادا ڙي ٻانڊي، توک ڪڙهان ڪه پاڻ کي،

سوڌي خبر سڄڻي ادا تو ڪا آندي،

تون پاتارئان پاندي، اسان پنڌ پرين ڏي. (لطيف)

اهو پاتار اڄ پاڻي جي ڍڪ لاءِ واجهائي رهيو آهي. ان پاتار جو پلو پنهنجا ننڍڙا ٻچڙا، (پلي جو ٻيجارو) مرندي، پنهنجي اکين اڳيان ڄارن ۾ ڦٿڪندي ڏسي رهيو آهي. ساڌ ٻيلي جي سانگي ان پلي جون سسڪيون ڪنهن کي به نظر ڪونه ٿيون اچن. فشريز ڊپارٽمينٽ جون اکيون ٻوٽيل آهن. انتظاميا نالي واري ڪابه ڌر انڊس ڊيلٽا تي ٿيندڙ ان ڪيس تي ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. لاڙ جو ماڻهو اها دانهن کڻي ڪنهن جي در تي وڃي سئين هڻي. هن جون سڀ ڍنڍون ڪينجهر، هڏيرو، هاليجي، وغيره مڇي کان خالي ٿي ويون. هن جا ٻچا لنگهڻ تي آهن. بکئي پيٽ ڪيسيتائين هو ٺينگ ٽپا ڏيئي حاڪمن جي ها ۾ ها ملائيندو. هن جو واحد سهارو درياهه وڃي بچيو هو، اهو به هٿ سان سڪايو ويو. درياهه جي پاڻي تي ڍنڍون ڍوريون ڀربيون هيون، ڪوريون (ڪوهريون) ڪنين تار ٿي بيهنديون هيون. اتان هن کي مڻين مڇي ملندي هئي. درياهه سڪي ويو، اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.

درياهه جي ڪنڌي وارا ٻيلا، ٻيلاٽيون، ڪوڇا، گودرون، سمورو جهنگ سڪي ويو، وڍجي ويو ۽ ڌراڙ دانهون ڪندا رهيا. سهڻي وارو اهو درياهه مري رهيو. اڄ اهي ٻگها ۽ ڪنگ ان دادلي درياهه جا ڪانڌي آهن.