ڳالهيون ڳنوارن جون … کيرٿر جبل، باهه جا الانبا ۽ حڪومت جي بي حسي

0
29
ڳالهيون ڳنوارن جون ... کيرٿر جبل، باهه جا الانبا ۽ حڪومت جي بي حسي

 ڪيئي سال ٿيندا، هڪڙي سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ گورک پهاڙ يا ممٿل جبل ڏانهن اسان جو وڃڻ ٿيو. ڪو ڇٽو پاٽو ماڻهو پيش جي پٺارک کنيو، جبل تان هيٺ پنهنجي جهوپڙي ڏانهن ويندي ٿي ڏٺاڻو. اهو لطيف سرڪار جي هنن سٽن جي هوبهو تصوير ٿي لڳو.

سڪا منهن سندن، کرڪڻا پيرين،

وهاڻي ويرين، اڻ تڻ هين اڳ جي (لطيف)

هنن غريب ۽ بي سهارا لوڪن جو اڄ حال جيڪو اسين ڏسي رهيا هئاسين، صديون اڳ ڀٽ ڌڻيءَ به ساڳي صورتحال ڏسي چيو هو.

مون کاهوڙي لکيا، ويهي نه ويرم ڪن،

ڏينهن تتي ۾ ڏونگرين، ڪارڻ قوت ڪهن،

جهنگل ۾ جهڻڪن، جه ڏوٿي ڏٿ گڏ ڪئا. (لطيف)

                 ته صدين کان پوءِ به هن غريب الوطن سنڌي ٻروچ جي حالت نه بدلي. بقول شخصي دنيا جا ڪمند تارن تائين وڃي پهتا. هن مسڪين جي هٿ ۾ اها ئي هيڻي ڏاچي جي مهار. پيش جي لڏ يا لهو ۽ ڪهو جون ڪاٺيون. هاڻ ته اهو جبل به هن جي پيرن هيٺان کسڪندو پئي ويو.

                 هي جو پندرنهن ڏينهن کن اڳ کيرٿر جبل کي جيڪا باهه لڳي هئي، ان جا شعلا دنيا ڏٺا. ڏسڻ وارين جي اکين ڏٺو ته ڪيڏو نه ڀيانڪ، قيامت جو منظر هو. وڻ سڀ قيمتي آهن پر لهو، ڪهو، ڪرڙ ۽ ڪنڊي، ڄانڱري ٻيريون ۽ ڄاريون جابلو لوڪن لاءِ نهايت ئي اهم آهن. انهن جو ڪاٺ ڪپي هو پنهنجو گذران ڪندا آهن. پيش هنن لاءِ ساهه جي سڳي وانگر آهي. ان پيش مان جبل جي هزارن گهرن جو گذرسفر هلندو آهي. پيش مان تڏا، ڇٻا وغيره ٺهندا آهن. پيش جو واڻ مضبوط ۽ جٽادار هوندو آهي. ٻهراڙي جي ماڻهن لاءِ اها هڪ صنعت جو درجو رکي ٿي. پيش ڪپيندڙ جابلو لوڪن کان وٺي واڻ وڪڻندڙ شهري دڪاندار تائين اهو روزگار جو اهم ذريعو آهي. ان کان علاوه گاهه، هنن جي مال جو قوت سڙي ٻري خاڪ ٿي ويو. سڪل گاهه سائي گاهه کان به وڌيڪ طاقتور هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ان هوندو آهي. اهو وس ۾ وري ٻج ٿيندو آهي. هتي سڀ ڪجهه سڙي ختم ٿي ويو. سڙيل جهنگ اسان به ڏٺا آهن. لوٺ جو ڏاڍو دردناڪ منظر هوندو آهي. لطيف سائين به ان جو مشاهدو ڪيو هوندو جو جڏهن ڪاڪ ڪڙهي هئي، وڻ ٻرئا هئا، محل ماڳ، رنگ رتول سڀ سڙي لوٺ ٿي ويا هئا تڏهن فرمايو هئائون.

ڪاڪ ڪڙهي، وڻ وئا، لوٺو لڊاڻو،

تو پڄاڻان سپرين، آتڻ اجهاڻو،

مين سين ماڻو، مناسب  نه مينڌرا.  (لطيف)

رسول حمزاتوف جو لکيل ڪتاب “ماءِ داغستان” گهڻو ڪري سڀني پڙهيو هوندو. هو لکي ٿو ته، هڪڙي ڀيري سخت سرديون پيون. ماسڪو سرڪار هن کي ڌراڙن جي خبر چار لهڻ لاءِ داغستان جي ڪنهن دوردراز علائقي ڏانهن موڪليو، جتي اهي ڌنار ريڍو مال چاريندا هئا. حمزاتوف گهوڙي تي چڙهي ڏکيو پنڌ ڪري اتي وڃي پهتو. ريڍار بيوس هئا. رڍون سيءَ ۾ مري رهيون هيون. منهه ڇاپرا يا ڪا ٻي اجها ڪانه هئي. صورتحال انتهائي ڳنڀير هئي. انهن ڌراڙن کي  دم دلاسا ڏيئي هي همراهه تڪڙو واپس موٽيو. ماسڪو سرڪار کي رپورٽ ڏنائين. بنا دير منهه يا ڇاپرن لاءِ ضروري سامان اوڏانهن اماڻيو ويو. مال جي لاءِ گاهه، قوت، چارو به روانو ڪيو ويو. ان طرف واري پئنچائت کي حڪمنامه جاري ڪيا ويا ته هنگامي طور سرزمين تي پهچي انهن ڌراڙن جا سمورا مسئلا حل ڪن. ان حڪم تي بنا دير عمل به ٿيو هتي اسان وٽ ته ڳالهه ئي اور آهي. ڇا کيرٿر جي باهه متاثرين غريب جابلو لوڪن جي بحالي ۽ مال جي چاري ۽ قوت جو جو بندوبست ٿيندو.؟ ڀلي اهو علائقو سنڌ يا بلوچستان جو هجي يا هو مرڪزي حڪومت جو ادارو پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ حرڪت ۾ ايندو؟ ڪو غريب جابلو لوڪن جو واهر وسيلو ٿيندو؟ ڪي ٽوئا ٿوڻيون ٿنڀ کڻي، قوت چاري ۽ گاهه جون گاڏيون ڀري ڪي عملدار اوڏانهن ويندا؟ ڪلي کونهر واري ڊگار پالاري جي لفظن ۾ ته، “هتي يار ائين ڇندو ڪونه” (هتي ائين ڪونه ٿيندو) هاڻي اهي بي سهارا جابلو لوڪ لڏي پلاڻي ويندا ڪيڏانهن؟ شايد اوڏانهن جتي ڪنهن ٻئي بادشاهه جي بادشاهي هوندي.

ڳالهه پئي ڪيم گورک جبل ياترا جي. اسين واهي پانڌي ڳوٺ پهتا هئاسين. گورک جبل ڏانهن کڻي هلڻ لاءِ، تين هٽي وارن سنڌي مڪراني لوهارن جون آلٽر ڪيل فورويل سوزوڪي جيپون ڀاڙي تي بيهاري ڇڏيون هئائون. هاڻي ته واهي پانڌي جو هي نئون ڳوٺڙو مچي ويو آهي. واپار ورڙو به چڱو ٿيندو آهي جو جبل ۽ ڪاڇي جي دنگ تي آهي. جمعي جي ڏينهن مال پڙي لڳندي آهي، جنهن ۾ جابلو لوڪ لهو ۽ ڪهو جون ڪاٺيون کيرٿر جي پٿر جون ٺهيل ٿوٻيون، پيش ۽ ان مان ٺهيل تڏا وغيره آڻي وڪڻندا آهن. آئون هڪڙي ڀيري ڪميان ڪم ڪري اها پڙي ڏسڻ ويو هوس. مال گهڻو هو پر اڀرو هو. ڪاڇي ۾ ڏڪار هو. جبل جا ماڻهو ٻڪريون، رڍون ۽ ڪي اٺيون ڪاهي وڪڻڻ لاءِ پهتا هئا. ٻاهريان واپاري اهو مال سستي اگهه تي سودي رهيا هئا. ڪاڇي ۽ جبل جا مجبور ماڻهو ڀڳڙن ڦار تي پنهنجو مال وڪڻي رهيا هئا، جيئن گهر جو سودو سامان وٺي واپس جبلن تي پنهنجن اجهن تي موٽي وڃي ٻچن جي ڪن.واهي پانڌي جي وسندي آمري ڪلچر واري دور جي تاريخي وسندي هئي. هي وسندي ان قديم واپاري واٽ (Trade Root) تي قائم هئي جيڪا ڀنڀور کان نڪري گجو، جهمپير، ڄنگهڙي، جهانگار کان ٿيندي واهي پانڌي پهچندي هئي. پوءِ اتان قلات ۽ قنڌار ڏانهن هلي ويندي هئي. سچيت ساربان ڪاروان قطاريو پيا ايندا ويندا هئا. هي ماڳ موجوده واهي پانڌي جي ڳوٺ کان اتر طرف ناڙي (نلي) نئين جي هڪ ڇاڙهه راڄ واهه جي ڪڙ تي دڙي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي توڙي جو ماڻهن ان مان مٽي کوٽي بند ٻڌي ۽ قبرستان ٺاهي ان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ان تي وري ڪنهن ٻئي ڀيري لکنداسين.