ڳالهيون ڳنوارن جون … ڏُڪارَ جا ڏِينهن ۽ ڏکويل ڪوهستان

0
53
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ڏُڪارَ جا ڏِينهن ۽ ڏکويل ڪوهستان

 کيرٿر جبل جي پاڇاڙ وارين ٽڪرين ۾ هڪڙي ٽڪري کي “ڀاڏ” واري بٺي ڪري سڏيندا آهن. ڪاروارو، ڪروٺڙو، ڪنڀارڏ، ٺڪر، مارو، ڍانڍاڻ ۽ ٻيون سوين هزارين کيرٿر جي پڇور يا پوڇانڊي واريون اهي بٺيون پنهنجن خوبصورت خاصيتن ۽ نالن سان سڏيون ۽ سُڃاتيون وڃن ٿيون. شيخ اياز جڏهن منهنجي شاعري جي ڪتاب “ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو” جو مهاڳ لکي رهيو هو تہ، ان ۾ انهن بٺين تي رچيل منهنجا چند بيت پڙهي مونکي چيو هئائين تہ، سنڌي ٻولي ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ شاهوڪار ٻولي آهي. لاڙ ۾ بُٺي، ٽڪريءَ کي سڏيندا آهن ۽ اتر پاسي قبر کي بُٺي سڏيو ويندو آهي. مون عرض ڪيو: سائين، ڏڪار جي ڏينهن ۾ لاڙ پاسي واريون اهي ٽڪريون ڪنهن ڪلراٺي قبرستان ۾ بوسيده بُٺي (قبر) وانگر اجاڙ، بيران ۽ بُٺ جو ڏيک ڏينديون آهن. تڏهن تہ لاڙ جا ماڻهو انهن کي بُٺيون سڏيندا آهن.

                 ڪجهه بہ هجي بُٺيءَ جو لفظ بُٺ مان نڪتو آهي. ڪچي ۾ آبڪلاڻي جي موسم ۾ درياھ پائڪ ڪري، ڪٿي ٻهر تہ ڪٿي وارياسي لٽ وجهي ويندو آهي. جتي چيڪي لٽ پوندي آهي، اها زمين نهايت ئي زرخيز هوندي آهي. ان زمين تي چڻا ۽ ٻيا چيٽي فصل پوکيا ويندا آهن. ٻهر ۽ ڪجھ لٽاسي زمين تي سئونف، ميها، گدرا، ونگا، ڇانهيون وغيره پوکيون وينديون آهن. جنهن زمين تي درياھ واري ڇڏيندو آهي اها بُٺ ٿي ويندي آهي. ان تي ڪابہ آبادي ڪانہ ٿيندي آهي، البت اڪ، لئي ۽ سر اهڙي اڻوٺ ۽ بُٺ واري زمين تي ڏٺا ويا آهن.

هتي جابلو بُٺين واري زمين ڪجھ مختلف آهي. ان زمين تي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ويراني ضرور ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر وسڪاري جي مند ۾ ان تي اڪيچار اوڀڙ اڀري پوندا آهن ۽ اهي بُٺيون باغ عدن جو ڏيک ڏيڻ لڳنديون آهن. هر طرف هريالي هوندي آهي. وليون وڻ ٻوٽا گاھ، گل و گلزاري جو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

اهو سچ آهي، ڪوهستان ۾ هي ڏڪار جا ڏينهن آهن. ڪالھ ڀاڏ بُٺيءَ جي هڪ ڳوٺاڻي خانو جوکيي جو فون آيو، هن جي ڳالهائڻ مان لڳي رهيو هو تہ نہ رڳو خانو پر سڄو سمورو ڪوهستان اٻاڻڪو ۽ اداس آهي. ترائن ۾ پاڻي چڪي ويو آهي. کونهر سڪي ويا آهن. پکي پسون پياسا آهن. کيٽن کرن ۽ پهاڙي پيچرن تي بہ پهرا لڳي ويا آهن. پٿر ٽڪي، ريتي روڙي بجري گڏ ڪري گذر ڪندڙ ماڻهو هاڻ روزگار لاءِ تنگ آهن. اهڙي قسم جي سموري معدنيات قبضاگيرن جي قبضي ۾ اچي وئي آهي. مال جا چار پهرو جيڪڏهن ڪنهن وٽ هئا تہ اهي بہ بک پيا مرن. ڪک سڪي وڃڻ جي ڪري رڍون ۽ ٻڪريون ٻاٿن ۾ آهن. اڻڀيون ۽ اگهاڙيون بُٺيون ويران آهن. ڇپر جا ماڻهو هاڻ پنهنجي اباڻي ڀونءِ ۾ بہ اڻ ڀونئيان ۽ اڻڀا ٿي پيا آهن. ڪاري ڏڪار جو اڻڀو هٿ هاڻ هنن جي ڳچين تائين اچي پهتو آهي. شايد فطرت جو امر اهو آهي جو ڏير بہ ڏنگا تہ ڏينهن بہ ڏنگو ٿي پيو آهي.

ڇا جا ڏنگا ڏير، شل منهنجو ڏينهن ڏنگو مَ ٿيي،

هي ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو اچي. (لطيف)

هاڻ تہ ورلڊ بينڪ کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ بہ ستر سيڪڙو ماڻهن جو غربت کان هيٺ هجڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي. اسين مُني صدي کان ان غربت جو ٻڌندا پيا اچون. ڇا اهو پاڪستان جي اقتصادي پاليسين جي ناڪامي جو سنگين اعتراف جرم نہ آهي؟ مشهور بيوروڪريٽ ايم ايم احمد کان وٺي اڄ تائين جيڪي اقتصادي ماهر آيا، انهن هميشہ سرمائيدار طبقي جي نمائندگي ڪئي. جيڪي بہ اقتصادي منصوبا جوڙيا اهي سڀ سرمائيدار يا وڌ ۾ وڌ شهري طبقي جي ٿوري گهڻي ڀلائي لاءِ جوڙيا ويندا رهيا. ٻهراڙين کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. اهو بہ تسليم ڪيو وڃي ٿو تہ ستر سيڪڙو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو. شهري طبقي جو ان ڪري بہ خيال رکيو ويندو آهي جو اتي شهري هڪٻئي کي ويجها ۽ منظم هوندا آهن. مزدور يونينون مضبوط هونديون آهن، اهي ڪيڏي مهل بہ ڪارخانن ۾ هڙتال ڪرائي سگهنديون آهن. شاگرد تنظيمون آهن، جن کان حڪمران هميشہ خوفزده رهندا آهن. انهن کان علاوه دڪاندارن جون تنظيمون، ويلفيئر آرگنائيزيشنس ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون گروهي تنظيمون بہ هڙتالون يا هنگاما ڪرائي سگهن ٿيون. بهرحال هاڻ تہ سڀني جا ڪم لهي ويا آهن. جيئن جيئن واءُ اڻائو لڳندو ويو، مزدور اڳواڻ يا ليڊرشپ جون صلاحيتون نہ هجڻ جي باوجود پاڻ کي ان جو دعويدار سمجهندڙ طبقو پوئتي هٽندو ويو. پوءِ ‘ڪامپرومائيز’ جو دور اهڙي تہ ڌوم ڌام سان آيو جو انهن اڳواڻن يا ليڊرن جا ٻار يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڃي پڙهڻ لڳا. جنهن جيترو ‘ڪامپرومائيز‘ ڪيو، اهو اوترو وڌيڪ عقلمند سمجهيو وڃڻ لڳو. هر ڪو پنهنجي اگھ اگهاڻو واري ڪار ٿي وئي. سڀ کڻي اهڙا نہ بہ هوندا.

ٻهراڙين جا ماڻهو ڇڙ وڇڙ. اٽي جي سير ۾ جهليل. نہ ڌڻي نہ سائين. ڪوهستاني ماڻهن جو حال تہ اڃا بہ وڌيڪ ابتر آهي. نئين بارڻ ۽ اونگر جي ڍوري کان وٺي رن پٽياڻي، ويندي گهگهر جي ڍوري تائين پاڻيءَ جي لپ لاءِ ماڻهو سِڪي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن واھ يا کونهر ۾ ٿورو گهڻو پاڻي آهي تہ اهو بہ کارو يا ٻاڙيل. حياتيءَ لاءِ هاڃيڪار. ماڻهو پنهنجا مال ڪاهي، هيٺ ميداني علائقن ڏانهن لهي ويا آهن. جبل تي هاڻ اهي ماڻهو رهيل آهن، جن جو ڪوبہ سهارو ڪونهي. پالاري اوٺار، ٻٻر، خاصخيلي، برفت، جوکيا ۽ جاکرا ڌراڙ ۽ ڪي چن ۽ ڪوئلو ٺاهڻ ۽ پٿر ڪڍڻ وارا پورهيت پوئتي رهيل آهن. ڪوهستان هاڻ الله جي آسري آهي.