جاگرافيائي لحاظ کان ٿر جي بيهڪ ڪجهه هن طرح آهي. اوڀر ۾ گجرات ۽ مارواڙ آهن. ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ان کي ڪڇ کان ڌار ڪري ٿو. رڻ جي اڳيان سمنڊ آهي. اولهه ۾ سنڌو ندي جا ميداني علائقا ۽ اتر ۾ اڇڙي ٿر کان بهاولپور جي روهي تائين وارا علائقا اچي وڃن ٿا. اهي علائقا ٿر کي سيراب ڪندڙ هاڪڙي درياهه جي ڪمانڊ ايريا ۾ هئا. اهي پنجاب کان الڳ پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿا. هتي ٻولي سنڌي ۽ سنڌيءَ جي سرائيڪي لهجي واري ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪري روهي وارا علائقا جاگرافيائي طور ٿر سان لاڳاپيل سمجهيا ويندا آهن. جيئن نهٽو ڪانفرنس جي موقعي تي پنجاب ۽ بهاولپور جي دانشورن پنهنجن مقالن ۽ تقريرن ۾ واضح چيو هو ته، هو هر حال ۾ ٿر سان گڏ آهن.
ٿر جي اولاهين پاسي واري ڀاڱي يعني مهراڻي واريون ڀٽون اوڀر وارين ڀٽن کان اتاهيون آهن. انهن جي ڊگهائي اولهه کان اوڀر طرف ڏسڻ ۾ ايندي. ٿر جي اندرين علائقن ۾ جر جو پاڻي گهڻو اونهو آهي. عام طور ان کي سٺ پرهه سڏيندا آهن. وٽ واري علائقي ۽ ڇاڇري واري پاسي جر جو پاڻي ويجهو آهي. پاڻي گهڻي ڀاڱي پيئڻ جي لائق آهي، البت ٻاڙو ضرور آهي. پارڪر واري پاسي ڪارونجهر ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ٽڪريون گهڻيون آهن. جن جي اوچائي وڌ مان وڌ 350 فوٽ کن ٿيندي.
تاريخي طور ٿري وڏا بهادر رهيا آهن. ڏاڍو وڙهيا آهن. مارون به ڏاڍيون کاڌيون اٿن. سومرن ۽ گجرن جي لڙاين ۾ هي گجرن پاران وڙهيا. سومرن جي سوڀ ٿي. سومرن ۽ دهلي جي ويڙهه ۾ هي سومرن پاران وڙهيا. گجرن ۽ واگهيلن جي لڙاين ۾ هي ٻنهي طرفن کان وڙهيا. سومرن ۽ سمن جي ويڙهه ۾ هي سمن پاران وڙهيا. هي مظلوم مرندا مارون کائيندا رهيا. تاريخ کي هنن تي ڪڏهن به رحم ڪونه آيو.
ٿر ۾ سوڍا، نهڙيا، راهمان ۽ کوسا طاقتور قبيلا سمجهيا وڃن ٿا. ٻيا مارو يا سانگي لوڪ جن ۾ ماڙيچا، ٿوري، پنهوار، ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ يا انهن جون الڳ الڳ شاخون ڪمزور تصور ڪيا ويندا آهن. دراصل ائين آهي ڪونه. اهي ئي بهادر وير لوڪ هئا، جن هر حملا آور جو مڙسان مڙسي مقابلو ڪيو. ٿر ۾ اهي ئي مارو لوڪ سڀني کان اڳي اچي آباد ٿيا ۽ وسندڙ ٿر تي پنهنجا ويڙها ۽ وٿاڻ اڏيائون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي لوڪ سنڌ جي اوڀارين پٽي جي علائقن کان آيا، جيئن سائين راءِ چند سميت تاريخدانن جو خيال آهي. اهي مالوند لوڪ ڪڇ، گجرات، واڳڙ، ٿراڊ ۽ مارواڙ کان کنوڻين جي کجڻ تي پنهنجي مال جا ڌڻ ڪاهي ٿر طرف آيا هوندا. ٿر جي ٿڌي واري جي سڪ ۽ ڇڪ هنن کي پوئتي موٽڻ ڪونه ڏنو ۽ هي ڍاڻيون ٺاهيندا ويئرون کوٽيندا ويهندا ويا. آهستي آهستي هو ٿر جي جهنگلي جيوت جانورن ۽ پکين تاڙن ۽ مورن سان مانوس ٿيا. انهن مان ڪي نانگن بلائن جي ڪکجڻ، قدرتي آفتن ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿيا ته انهن آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنن جي مدد گجرات جي سناسين، جوڳين ۽ سامين ڪئي. جهنگلي ٻوٽين سان علاج ڪري چڱو ڪيائون يا ڪي سنسڪرتي اوپٽو لفظ بار بار دهرائي پڙهيٽي تي هنن جي دل جي تسڪين جو باعث بڻجندا رهيا. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڏٿ ميڙي هنن پنهنجي جيئدان جو ذريعو ڳوليو. جڏهن ٿر مڪمل آباد ٿي چڪو ته اوچتو اجين، مالوا ۽ ان جي اوسي پاسي حڪومت ڪندڙ راجپوت نسل وارا پرمار سوڍا، ڪن سببن جي ڪري پنهنجون حڪومتون وڃائي، هٿيارن پهوارن سان نڪري پيا ڪنهن نئين جاءِ جي ڳولا ۾. ان دور ۾ مارواڙ کان هڪ شاهي واٽ ڇاڇري، عمرڪوٽ کان ٿيندي سنڌو ندي وارن ميداني علائقن جي شهرن ڏانهن ويندي هئي. هنن راجپوتي نسل جي ويڙهاڪن، تير ۽ تلوار جي ماهر مهاويرن، اها ئي واٽ ورتي ۽ اچي ٿر پهتا. عمرڪوٽ يا امرڪوٽ، جيئن سائين راءِ چند لکيو آهي ته، نه ئي امر سنگهه سوڍي ٺهرايو هو نه ئي عمر سومري. اهو تمام پراڻو آهي، جيڪو ڪنهن دورانديش (ٿي سگهي ٿو راءِ گهراڻي جي ڪنهن حاڪم) ٺهرايو هوندو. عمرڪوٽ کان ٽيهارو کن ميل اتر طرف ٿر ۾ هڪ ٻيو پراڻو قلعو جنهن کي رتو ڪوٽ سڏيو ويندو آهي به ان دور ۾ ڪنهن ڊگهي نظر واري حاڪم ٺهرايو هجي. بهرحال اهي ٻئي ٿر جا محافظ قلعا ئي انهن حملا آورن سوڍن جي نظر ۾ هئا. پرمار سوڍن اهي ٻئي قلعا ٿرين کان فتح ڪري ٿر ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا. آڳاٽا ٿر ۾ اچي آباد ٿيندڙ سانگي قبيلن جي لوڪن انهن جو ڀرپور مقابلو ڪيو پر سوڍا زور پئجي ويا. ۽ قبضو ڄمائي ورتائون. (ٿر ۽ پارڪر جو احوال، ريڪس صفحو: 18) سنڌ جي تاريخن ۾ اهو سومرن جو دور لکيو ويو آهي. اڳتي هلي سومرن جنگيون ڪري زور تي اهي ٻئي قلعا سوڍن کان ڦري لاٿا. هوريان هوريان سومرا ٿر تي قابض ٿيندا ويا. عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ وارا علائقا وڃائڻ کان پوءِ يارهين صدي عيسوي ڌاري وڃي پارڪر جي علائقي تي قبضو ڪيو. پارڪر ۽ ويرا واهه جون ٻنيون قبضي ۾ ڪيائون. پارڪر جي قبضي کان پوءِ سوڍا آهستي آهستي وٽ واري پاسي اڳتي وڌندا ويا. ڍاٽي قبيلن جي لوڪن کي زيربار ڪري انهن جون ٻنيون هٿ ڪيائون. پوءِ صدين تائين پارڪر ۽ ويرا واهه جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي هيٺ رهيون. انگريزن جي رڪارڊ موجب پارڪر جي سوڍن جي مکي کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويو. عمرڪوٽ پاسي به سوڍا راڻا جي خطاب سان سڏجڻ لڳا ۽ اڄ به سڏجن پيا. گذريل صدي انهن جو مکي سردار راڻا چندر سنگهه هو. موجوده سردار راڻا همير سنگهه آهي.
ٻيا اهم قبيلا نهڙيا ۽ راهمان آهن. هنن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سورهين صدي عيسوي ۾ ٿر ۾ اچي آباد ٿيا. هي شاندار رتبي وارا لوڪ سڏيا وڃن ٿا. ٿر جي اولهندي حصي ۾ وٽن گهڻيون زمينون آهن. موجوده دور ۾ ٿر ۾ هنن جا وڏا راڄ آهن. انگريزن جي دور ۾ جيئن مسٽر ريڪس لکيو آهي، ٿر ۾ نهڙين جو تعداد 900 ۽ راهمن جو تعداد 1100 کن هو.
کوسا قبيلي جا لوڪ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿر ۾ آيا يا سوڍن جو زور ٽوڙڻ لاءِ آندا ويا. هي رڻ پٽ ۽ مارواڙ تائين ٽڙي پکڙي ويا. وڏا جنگجو ۽ بهادر سڏيا ويندا آهن. ٿري لوڪ ميرڙا، ڪوجهڙا ۽ سادڙا لوڪ ضرور آهن پر ڪل ملائي ڏٺو وڃي ته هنن جو سماج هڪ رتبي وارو سماج آهي، جنهن ۾ بک ڏک ۽ غربت جي باوجود، وطن جي حب، آزاد رهڻ جي امنگ ۽ سماجي ميٺ محبت سمايل آهي.