آئون حيدرآباد کان جنگشاهي ريل گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هوس. روئداد ڪوهستان اکين آڏو هئي. سڄو ڪوهسار رکو ۽ اڻڀو نظر ٿي آيو. ريل گاڏي نئين بارڻ وارا پٽ اورانگهي ميٽنگ جي پهاڙين ڏانهن وڌي رهي هئي. منهنجي خيالن جو سلسلو ريل گاڏي سان گڏ ڊوڙي رهيو هو.
گهوڙا ٻاريءَ کان ٺٽو، گهارو، ڪوٽڙي کان ڪراچي وارا هي پٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهڻ لاءِ ڪيئن استعمال ٿيا؟ ڳالهه گهڻي پراڻي ڪانهي. گهٽ وڌ ٻه صديون اڳ، سنڌ جا سادڙا ماڻهو، گورن جي گهيري ۾ ايندا ويا. هڪ انگريز عملدار اليگزينڊر بيلي پنهنجي ڪتاب “ڪراچي” ۾ لکيو آهي ته، انگريز سرڪار افغانستان ۽ روسي رياستن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه صديون اڳ ئي سنڌ ۽ پنجاب کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. ان مهم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪي به حيلا بهانا ڪرڻا پيا، اهي ان حڪمت عملي جو حصو هئا، جنهن تحت هر حال ۾ سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو. ٿر ۾ سوڍن ۽ کوسن جو وارداتون، سنڌ ۾ واپار جون ڪوٺيون کولڻ لاءِ زوربار ۽ پنجاب جي هيرو حاڪم رنجيت سنگهه لاءِ سوکڙيون موڪلڻ جا سڀ بهانا هئا ان مهم جوئي جا. 1830ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ ملڪ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. 1831ع ۾ گهڻي ٻڏتر کان پوءِ ٽالپر اميرن انگريزن کي سنڌو نديءَ مان لنگهڻ جي اجازت ڏني. رنجيت سنگهه لاءِ گهوڙن جي سوکڙي موڪلڻ سنڌو ندي جي سروي جو بهانو بڻي.انگريزن 1839ع ۾ ئي منهوڙي تي ڪمپني جو جهنڊو جهولائي ٽالپر اميرن جي عملداريءَ کي چيلينج ڪيو. قلعي دار طرفان ٿوري گهڻي مزاحمت ٿي پر انگريزن جي بوٽن هيٺان چيڀاٽجي اهو آواز هميشه جي لاءِ بند ٿي ويو. سيٺ نائون مل هاڻي علي الاعلان سندرو ٻڌي انگريزن جي ڌر ٿي بيٺو. انگريزي فوج لاءِ سيڌو سامان ۽ ٽرانسپورٽيشن لاءِ اٺ خريد ڪيا. پنهنجا جاچوسي ڇڏيائون، جن ماٺ مٺي ۾ حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ سنڌ جو سروي ڪرڻ شروع ڪيو. ڪئپٽن ڍلائوسي پهريون انگريز عملدار هو، جيڪو هلندو وڃي رني ڪوٽ جي قلعي تائين پهتو. بکن جا ماريل ۽ ڏکن جا ستايل سنڌي ماڻهو، چند ٽڪن جي عيوض هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. سونهان بڻجي ست ڌارئي کي پنهنجو ڏيهه ڏيکاريندا رهيا. سماجي بيچيني ماڻهن کي انڌو ڪري وڌو. “ڀورا اچي ڀيل، ساري سنڌ صديق چوي” جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون عام ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون. اهو بيت ناري ڊويزن جي هڪ شاعر صادق فقير صوفي جو چيل آهي، جنهن انگريزن جي اچڻ ۽ ميرن جي صاحبي جي خاتمي ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪئي هئي. سڄو بيت هن طرح آهي:
حيدرآباد ۾ هل ٿيو، رت وهي ٿي ريل،
ڀورا اچي ڀيل، ساري سنڌ صديق چوي.
ڪمپني کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن متعلق سڀ رپورٽون سربستيون پهچڻ لڳيون. ڪئپٽن ڊلائوسي بمبئي آرمي جو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو. هي پهريون انگريز هو جنهن رني ڪوٽ جي قلعي جي نشاندهي ڪئي ۽ ڪوٽ بابت رپورٽ بمبئي سرڪار کي اماڻي. 1874ع ۾ جيالاجيڪل سروي آف انڊيا جا عملدار ڊبليو ٽي بلان فورڊ ۽ ايف فيڊن سنڌ پهتا. هنن کي حڪم هو ته کيرٿر جبل جو سروي ڪري بمبئي سرڪار کي رپورٽ پيش ڪن. هو 1874ع کان وٺي 1877ع تائين سروي ڪندا رهيا. هو ڪجهه عرصو رني ڪوٽ ۾ به رهيا. هنن کيرٿر جبل کي پنجن جابلو سلسلن ۾ ورهايو. 1900ع ۾ ايف نوٽلنگ ۽ اي ورڊن برگ لڪيءَ وارن جبلن کي الڳ حيثيت ڏيئي ان جو نالو لڪي جابو سلسلو (Laky Rage of Hills) رکيو. 1806ع ۾ مسٽر اي ورڊن برگ ميٽنگ وارين ٽڪرين کي لڪي سلسلي جو هيٺيون ميمبر ڄاڻايو. 1826ع ۾ ڊبليو ايل ايف نٽل ميٽنگ واري چن جي پٿر جي نشاندهي ڪئي. ميٽنگ جي ٽڪرين ۾ چن جو پٿر، وارياسو پٿر، سليٽي پٿر، چاڪ وارو پٿر ۽ ڪوئلو موجود هجڻ جي رپورٽ ڪئي هئي. اڄ به ريل گاڏي ۾ هنن پٽن تان مَٽيندي ڪٿي ڪٿي ڀوري يا بوسڪي رنگ وارو رائو يا ٻورو نظر ايندو. ڪوئلي جا کوڙا ۽ چن جي پٿر مان سيڙهي ٺهندي نظر ايندي. ٻه صديون اڳي سنڌو ندي توڙي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي وارا هي جبل، بٺيون ۽ پٽ انگريزن جي توجهه جو مرڪز هئا. سيٺ نائون مل انگريزن جو ٻانهه ٻيلي ٿيو بيٺو هو. هن سندس اثر رسوخ هيٺ رهندڙ برهماڻين کان (هي بهرامي جتن جو قبيلو هو. هي ڌماچ ۽ ٿاڻي عارف خان جي وچ وارن پٽن تي اٺن جا وڳ ڌاريندا ۽ چاريندا هئا.) پنج سئو اٺ خريد ڪري انگريزن لاءِ گهاري پهچرايا. ان کان علاوه نائون مل کي ماڌو، جيڪو انگريزن جو گماشتو هو، مال جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو. نائون مل کي انگريزن چيو ته 2 هزار اٺ ۽ 8 سئو يا هزار باربردار ڍڳا مهيني جي حساب سان ڀاڙي تي ڪري هٿ ڪيا وڃن. (نائون مل جون يادگيريون ص 107)
نائون مل ان خاندان مان هو، جنهن 12-1811ع ۾ هالار، ڪڇ، مارواڙ، گجرات وغيره ۾ سخت ڏڪار جي حالت ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي هئي. نائون مل جي يادگيرين واري ڪتاب جي صفحي ستر تي لکيل آهي ته، اهو اهڙو ڪارو ڏڪار هو، جنهن ۾ امير توڙي غريب اٽي جي سير لاءِ سڪي ٿي مئا. روز صبح کان رات تائين اناج مفت ۾ ورهايو ويندو هو. ڪي سکيا ستابا شرمساري کان ڏينهن جو خيرات وارو ان وٺندي شرم محسوس ڪندا هئا ته انهن کي رات جي پردي ۾ ان ڏنو ويندو هو. غريب نادار ۽ محتاجن لاءِ سندن گهرن ۾ ان موڪليو ويندو هو، جنهن ۾ ٻاجهري ۽ نانگلي جو ان ورهايو ويندو هو. ان خاندان جو هي چشم چراغ سنڌ سان ايڏي دشمني تي ڇو لهي آيو؟ سندس عذر ۽ اعتراف هن طرح لکيل آهي: “منهنجي خاندان سان پوئين ميرن جي مذهبي تعصب هيٺ جيڪي ظلم ڪيا ويا هئا، تن جي ڪري اسان کي سخت رنج هو. انگريز سرڪار لاءِ قربانيون، مون فقط پنهنجي خاندان جي مفاد ۽ ڀلائي خاطر ڪيون. تنهنڪري جيڪي ڪرنل پاٽنجر چيو، تنهن جي مون خوشي سان تعميل ڪئي ۽ خدا جو شڪر آهي ته مان پنهنجن خانگي نوڪرن، منشين ۽ سپاهين جي مدد سان سڀ ڪم خاطر خواهه نموني پورا ڪيا. (يادگيريون ص 115)
غور طلب ڳالهه اها آهي ته، جن ڌارين لاءِ سيٺ نائون مل پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي غريب سنڌي لوڪن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو، انهن ئي انگريزن جڏهن صدر ڪراچي ۾ سيٺ جون ٺهيل چار شاندار عمارتون ڊاهي پٽ ڪري قبضو ڪيو ته سيٺ جا مٿي تي هٿ اچي ويا، اڙي مون هي ڇا ڪيو؟ ڪنهن ڏاهي ڪيڏو نه سچ چيو هو:
نانگ ناڙو نه ٿئي، ٻڪر نه وهي هر،
پرائو پنهنجو نه ٿئي، توڙي لٽي ڏينس گهر.