ڳالهيون ڳنوارن جون … هلو ته هلي ڌراڙن کي درياهه جو پرسو ڏيون

0
23
ڳالهيون ڳنوارن جون ... هلو ته هلي ڌراڙن کي درياهه جو پرسو ڏيون

 هلو ته هلي ڌراڙن کي درياهه بادشاهه جو پرسو ڏيون. پاڻ ڪيٽي لليا کان لهي درياهه جي ساڄي پاسي واري ٻيٽاريءَ تان مَٽي رهيا آهيون. ٽانڊن جهڙي ڪوسي هوا جا جکڙ، اسان کي واريءَ جي ننڍڙن ذرڙن جا اکا هڻي، ناله و فرياد ڪري رهيا آهن. پاتڻي چارن تان پانڌيئڙن جي پيرن جا نشان مٽجي چڪا آهن. جهٻير پنهنجون ڪونتلون ڪاهي ڪنهن اڻ ڀونئين ڀونءِ ڀڻي ويا. وڍجي ويل لاڪڙ جا سڪل ٿڏ ۽ بوکر ٻانڊ ڪنهن هارايل جنگ ۾ ٽڙيل پکڙيل لاشن جيان پکڙيل آهن. ڪٿي ڪو کنجهو سهڻيءَ جي وکريل وارن وانگر اڌ واري ۾ ڏسجي رهيو آهي. اولهه طرف کان ٿورو وٿيرڪو سڪل ڀڙڳ ڪانگڙيءَ جا بنا سنگن جي سٿرا ڏسجي رهيا آهن. سٺ سال اڳي هي عين ٻيلو نالي وارو ڪڙڳاهه ٻيلو هوندو هو. ٻن مڙسن جي ڀاڪرن کان به وڏا نهرا ٻٻر جي ڪاٺ جا ٿڙ، مضبوطي سان ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪيو، پنهنجي ٽارين کي هوا ۾ لهرائيندي ڏسبا هئا.

                 هي پلڙن جي مند آهي. هن مند ۾ ئي هيٺ ڍينگراٺي ۾ ٻڪرين جا ڌڻ پلڙن جا ڪيرا چرندي ڏسبا هئا. اجرڪن جي رنگ جهڙيون ڊگهين ڪنن واريون ڪاموريون ٻڪريون نرا کڻي، لڙڪندڙ ٽارين مان پلڙا پٽيندي ڏسبيون هيون. مٿي گهاٽن ٻٻرن ۽ ڪنڊين جي ٽارين ۾ لڙڪندڙ ماکيون هندوري وانگر جهولندي ڏسبيون هيون. هيٺ گهاٽي ڪنڊ جي ويڙهن ۾ ککرن جا چلڪندڙ مانارا ۽ انهن جي پاسن کان چيلاٽن جا ننڍڙا مانا، پنهنجن ٻچڙن جا محافظ هوندا هئا. سرن جي تيلن ۾ سوراخ ڪري گهر ٽاهي ويٺل ڪارا ڀونئر، ٻاهر نڪري ڪڏهن لين جي گلابي ڪونگو ٽارن تي واس وٺندي، ته ڪڏهن ڪانڊيرن جي گلن تي لامارا ڏيندي ڏسبا هئا. انهن ئي ڪانڊيرن تي زوزاٽ ڪري اُڏامندڙ رنگين ٻنڊا بي خوف ۽ بي پرواهه پروازون ڪري رهيا هوندا هئا. ڪامنهن جون ويڙهون، ڪنڊين ۽ ٻٻرن تي گولاڙن جون جهالرون، انهن تي لامارا ڏيندڙ آزاد اڏامندڙ پوپٽ ۽ رات جو ٻل ٽنڊڙن جي روشني ۾ چمڪندڙ جهنگ حَسين ترين لڳندو هو. ائين ۽ اورڀن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين ۽ ڀورڙن جا سريلا ساز پيا ڪنن ۾ ٻرندا هئا. اهو سڄو سمورو طلسماتي منظر فطرت جي لازوال بازيگريءَ جو اهڙو ته عمدو ۽ بي مثل مظهر هو، جو لڳندو هو ته ڄڻ ڪنهن جادو نگري مان گذرڻ ٿيندو هجي.

درياهه سُڪي ويو. ٻيلا سُڪي وڍجي ويا. اهي حَسين منظر اکين اڳيان اوجهل ٿي ويا. عين واري ٻيلي جي مُنهن ۾ هوندا هئا موريي ماڇي جا ڀاڻ. ڪنڍيون، ڏٻيون، ڀلون، گجريون مور مينهون ۽ ڪڪڙيون ڳئون هن ڀاڻ جي سونهن ۾ سرسي ڪيو بيٺيون هونديون هيون. ان مال سان ئي درياهه جي تڙ تي ڌراڙن جي پنهنجي دنيا آباد هئي. مال رات ڏينهن جهنگ ۾ پيو گور چرندو هو. مال پنهنجا چارا ٺاهي ڇڏيا هئا. مال ڌنار جي تنوار تي ڪن اپڙا ڪري، ان پاسي هلي پوندو هو. انهن جا چڙا، سانڀرون ۽ کڙڪون پيون وڄنديون هيون. مينهون جهنگ کان ٻاهر نڪرنديون هيون ته انهن جي سڱن ۾ پور پيل هوندا هئا. صبح مان چاهڪ چري تڙ تي لهي، تانگهي مان وڃي تار ۾ ويهنديون هيون ۽ سارو ڏينهن پاڻيءَ ۾ پيون تڙڳنديون هيون.

ماڇڪا ٻار درياهه ۾ ٽٻي هڻي، هٿن سان ڪرڙيون جهليو پيا ايندا هئا. ٻڪريون ۽ رڍون چري وڻڪار جي ڇانوري ۾ وڃي ويهنديون هيون. انهن جا ڌنار بوڻينڊا ۽ چنگ وڄائيندي ڏسبا هئا. ڪي منچلا نينگرا پينگهن ۽ چيڪلن تي لڏندي يا ڏاڪ چم راند رهندي پيا دليون پرڀائيندا ۽ وندرائيندا هئا. دودي جي ڳوٺ جي لوهارن جون ٺهيل ڊگهي ڪاري ڳن واريون بگيون ڪهاڙيون هنن جو زيور هونديون هيون. هُو وڻن تي چڙهي ماکيون لاهيندا هئا. گدڙ جي ڏر تي گداڙي کي ستائڻ، ٿمن مان مرن کي اُٿارڻ ۽ گهاٽي ڪنڊ ۽ گودر مان ڦاڙهن جون زيلون ٻڌڻ، هنن جو بهترين مشغلو هوندو هو. سهن جهلڻ لاءِ ٽاپون، بگڙن تترن لاءِ ڳاريون ۽ ڪارڙن تترن لاءِ ڪوڙڪيون ۽ گيڙو رتا ڪپڙا ڪم آڻيندا هئا.

درياهه ڪائو ڏيئي وڃي سوڙهو ٿيو. ٻيلا ختم ٿي ويا. مال جي جوءِ نه رهي. ڀاڻ ڦٽي ويا. پوءِ ان جي پونئير، مير محمد سولنگي جي نالي سان، وڏڙن واري ڀاڻ کان ڪوهه ڏيڍ ڏکڻ طرف وڃي نئون ڳوٺ ٻڌو. اهو ڀريو ڀڪلو ڳوٺ مير محمد کان پوءِ سندس لائق فرزند اسد سولنگي جي نالي سان به سُڃاتو وڃي ٿو.

عين واري ٻيلي جي جڙ سان دنگائي ٻيلو هو، “خيروديرو ٻيلو”. اڄ خيري ديري جو نالو ته موجود آهي پر ٻيلي جو نشان به ڪونهي. هن ٻيلي ۾ ٻين ذاتين کان علاوه بڻيائتن ڀاڳين جتوئين جا ڀاڻ هئا. بهرام، گهرام، ڳهڻو، ارباب، زنگي، سردارو، ٻاجهي، ڪرڙ، ڪهڙا ڪهڙا نالا لکان، خيري ديري ٻيلي جا ڀاڳ ڀريا ڀاڳيا هئا. وٽن ماهيو مال گهڻو هوندو هو. رڳو هڪڙي ڀاڳئي بهرام وٽ يارنهن سئو مينهون هونديون هيون. گهڻيون ته اڻ ڏڌيون پهربيون هيون پر جن آلوڙين ۽ ڪانگهارين جو ڏوڀ ڪري، کير ڄمائبو هو ته، ان مان به مڻ مکڻ جو  روز نڪرندو هو. ولوڙي جي لاءِ ميهين جي ڳوٺ وارن بهار شاهه ۽ ٻين شاهن ڪنڀارن کان وڏيون چاڏيون ٺهرائي کڻي ايندا هئا. ڪرڙ ۽ ڪنڊيءَ جي ڪٺ ڪاٺ جون وڏيون منڌيون (مانڌاڻيون) لغارين بجراڻين جي ڳوٺ وارن ڊکاڻن علي گوهر، مٺو، ايوب ڊکڻ وارن کان گهڙائي آڻي رکندا هئا. وڏي اسور جو ولوڙا ٿيندا هئا. اڪن جي آڪاري جون ٺهيل مالهون، ٻه ٻه مڙس گڏجي مانڌاڻيون ڇڪيندا هئا. مال جي سونهن ۽ سينگار لاءِ ڳانيون ۽ ڳانڍيئڙا، مهارون، ٻلهڙون، ونگ، پينگهون ۽ نڪتا ته هو پاڻ ٺاهيندا هئا پر چڙا، چڙيون، ڀورڙا، سانڀرون، ڊگرون، ڪڙڪيون ۽ کرڪيون ٽلٽي جي لوهارن کان ٺهرائي کڻي ايندا هئا. سياري جي اتر جهل لاءِ وڏيون لانڍيون ۽ ڇپرا اڏيل هوندا هئا. نهيلن تي مانجهي ٽنگيل ٿانو پري کان پيا جهرڪندا هئا. شام ۽ صبح جو دوهيون ڪبيون هيون. مڏ ۽ منجڻيون ٺهيل هونديون هيون، جن مان ڪن تي پاڻ سمهندا هئا ته ڪن تي کاڌي پيتي جو سامان رکيل هوندو هو. واهي پانڌي ۽ سيوهڻ جون ٿوٻيون ماني پچائڻ لاءِ هونديون هيون. ننڍن ڦرن لاءِ اڙلون ڏيئي واڙ ٺاهبي هئي، جتي ڪلا منيون کوڙي مال ٻڌبو هو. مال سان پهريل ڦرن کي بولا ٻڌي ڇڏيندا هئا.

هو پنهنجي مال جو نسل سُڃاڻڻ جا ماهر هئا. ڀلي ڪنهن ڍور جي پنجين پيڙهي جو ڦر ڦروٽ، ڪنهن ڌڻ ۾ نظر ايندو هون ته هڪدم سُڃاڻي وٺندا هئا. مال ته پنهنجي جاءِ تي پر ڏهه ڪوهي واري ماڻهوءَ جي نسل سُڃاڻڻ جي به وٽن ساڃهه ۽ ڏات هئي. عالم خان علي خان ڪيسراڻي واري ڳالهه ڪئي ته، هڪڙي ڀيري زنگي جتوئي اسان جي ڳوٺ ۾ مهمان ٿي آيو. چاچي شير علي لغاري آزمودي خاطر “ڄام” نالي واري هڪ نوجوان نينگر (جيڪو مال چاريندو هو ۽ زنگي جتوئي جو ڏٺل به ڪونه هو) ڏانهن اشارو ڪري چيائين، “زنگي ڀلا هن کي سُڃاڻ”. زنگي چيو، اٿاري ٻه ٽي وکان کڻائينس. ڄام اٿي اڃان چار وکون مس کنيون ته زنگي چيو، “شير علي، هي نينگرو “گولي” وارن مان ٿئي، پٻان تي پيو هلي. ڳجهارت ڀڄي پئي. گولو ڄام جو مامو. جتوئين وٽ ايترو مال هوندو هو جو خيروديرو ۽ عين ٻيلي ۾ پيو گور چرندو هو.

درياهه بادشاهه ۾ پاڻي نه رهيو. وڻڪار ته سڀ سُڪي وئي پر گاهه جون پارون به سُڪي ويون. نه رهيا اهي ڀاڳيا ۽ نه ڀاڻ ۽ وٿاڻ.