ڳالهيون ڳنوارن جون … نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير ۽ سکپور ٻيلو

0
38
ڳالهيون ڳنوارن جون ... نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير ۽ سکپور ٻيلو

 سيوهڻ کان ڏکڻ طرف پهاڙي سلسلو شروع ٿيو وڃي. لڪي جابلو سلسلي جا پهاڙ وڃي رني ڪوٽ پهاڙي سلسلي سان لڳن. انهن جي اڀرندي پاسي سن وارا پٽ پٽوڙا آهن، جيڪي وڃي درياهه تي دنگ ڪن. درياهه بادشاهه لڪي وارن پهاڙن سان لڳي رخ مٽائي اوڀر، پوءِ ڏکڻ طرف وهي ٿو. سيوهڻ کي سامهون نواب ولي محمد شهر آهي. هتي ريلوي اسٽيشن هئي، جيڪا ريل ختم ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي وئي. شهر وڌندو ويو. سيوهڻ وارو پتڻ هن شهر جي سامهون آهي. هن پتڻ تي گهڻيون ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون. ٻيڙين جي ٺاهڻ وارا ڪاريگر نئيون ٻيڙيون ٺاهيندي يا پراڻين ٻيڙين جي مرمت ڪندي ڏسبا هئا. هي پتڻ اڄ به سائو آهي ۽ ٻارهو ئي وهندڙ آهي. هاڻي ان اوج ۾ ڪونهي. ڪو زمانو هو جو هتي سڙهه پيا سُڪندا هئا. نوان سڙهه پيا سببا هئا. ٻيڙيون پيون مکبيون هيون. تن پيا تنبا هئا. هن پتڻ جا پاتڻي صالح ملاح، الله بخش ملاح ۽ ٻيا ماڻهن کي پيا پتڻ پار اڪاريندا هئا ۽ مڇي به پيا ماريندا هئا.

                 ڪنداهه ٻيلي کان اوڀر طرف درياهه جي کاٻي پاسي نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير موجود آهي. نواب ولي محمد خان، غلام محمد خان لغاري جو فرزند هو، جيڪو ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي هٿان مارجي ويو هو. نواب ولي محمد خان هالاڻي واري جنگ ۾ ان جو خوب بدلو ورتو. مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان جي دور ۾ هي ملڪ جو وزيراعظم هو. خزاني ۽ خارجه تعلقات جا امور به سنڀاليندو هو. نواب صاحب چانڊڪا جو به حاڪم هو، جيڪو ڪلهوڙن جي دور ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جي زمينداري جو مرڪز هو. نواب ولي محمد خان جي حڪومت جي حد سيوهڻ کان وٺي جيڪب آباد تائين هئي. هن جي سياسي تدبر، بصيرت، دانشمندي ۽ بهادري جا مثال تاريخن ۾ درج ٿيل آهن. نواب صاحب اديب ۽ وڏو شاعر هو. عربي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪيائين. هن جا ڪتاب نزهته البرار (طب بابت) ساقي نامو، موعظت نامو، مثنوي، هير رانجها ۽ شاعري جو ڪتاب ديوان ولي فارسي مشهور آهن. سندس فارسي شعر جو نمونو حاضر آهي:

به يک حمله گرفتي ملک دلہا،

نه ذوالقرنين کردست اين نه دارا۔ (ولي)

(هڪڙي ئي حملي سان دل جو ملڪ قبضي ۾ ڪري ورتئي،

ائين نه ذوالقرنين ڪري سگهيو نه دارا).

دل ٿي چوي ته نواب صاحب جو سڄو ديوان آڻي اوهان جي اڳيان رکان پر دامن ڪاعذ ۾ ايتري گنجائش ڪانهي. نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير جي حوالي سان، ازراه تذڪره نواب صاحب جو ذڪر قلم جو نوڪ تي اچي ويو.

سٺ سال اڳي هي جاگير نواب حاجي علي خان لغاري جي هٿ ۾ هئي. سڪمي هاٺي وارو رڄ اشراف هي نواب مون پاڻ ڏٺو. جاگيردار هوندي به لاريءَ ۾ سفر ڪندو هو. نرينو اولاد ڪونه هوس. اولاد جي سڪ ڄام نظام الدين سمي وانگر هئي. ماڇي راڄ مان ٻي شادي ڪيائين پر لکيو ڪونه هو، ان گهرواري مان به اولاد ڪونه ٿيس. لاولد ٿي هي جهان ڇڏيائين. ان کان پوءِ هي جاگير ان ئي خاندان جي نواب وزير حسين لغاري سنڀالي. هي سهڻو شهزادو وڏي نواب وانگر ڇٽيهه لکڻو، خوبين جو مالڪ، هن تر ۽ راڄن ۾ مشهور ٿيو. مون فقير سان به هي نواب نهايت ئي قرب ۽ پيار سان ملندو هو. ڀٽو صاحب جي دور ۾ هن جاگير کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائون. ڪجهه زمين سکپور ٻيلي جي نالي ڪيائون. ٻيون زمينون راڄن جي قبضي ۾ آيون، جن تي وڏا جهيڙا ۽ خون ريزيون ٿيون. بهرحال هن وقت نوابن وٽ ويسو زمين جو به هن جاگير ۾ ڪونهي. ڀٽي صاحب وارا زرعي اصلاحات ڪامياب ڪونه ويا، گهڻن جاگيردارن پنهنجين جاگيرن واريون ٻنيون هارين نارين ۽ خاندان جي ڀاتين جي نالي ڪرائي، ننڍا ننڍا کاتا ٺهرائي پنهنجي قبضي ۾ رکيون، جيئن فاضل مري جي جاگير وغيره. جيڪي جاگيرون ٽُٽيون، انهن ۾ پٽ گل محمد وارن لغارين جي جاگير، نوشهري وارن جتوئي صاحبان جي ڪچي واري جاگير، نواب ولي محمد خان جي جاگير وغيره. ٻنيون ڪجهه ماڻهن کنيون، ڪجهه ٻيلي کاتي کي مليون پر ٻيلو کاتو به انهن کي سنڀالي ڪونه سگهيو. البته جتوئي صاحبان پنهنجي ٻيلي تي هٿ رکيو. اڄ به سڄي سنڌ ۾ هن ٻيلي ۾ تمام گهڻا ڦاڙها، مرون ۽ ٻي جهنگلي جيوت سلامت آهي. سٺ ستر سال اڳي نواب ولي محمد خان جي جاگير ۽ سکپور ٻيلو شڪار جي لحاظ کان شاهوڪار هئا. مونکي ياد آهي، 1965ع وارو سال هو. ميٽرڪ امتحان جي تياري اڌ ۾ ڇڏي،آئون به شڪارين جي لوڌ پويان جاگير وڃي پهتس. جاگير جي هڪڙي ٽڪري کي باهه ڏنل هئي. سر ۽ ڪانهن سڙي لوٺ ٿي ويا هئا. سرن جا ٿڏ نئين ڦوٽ سبب ساوا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. نئين ڦٽل پٻرين جا ساوا چهچ پالار هلڪي هوا تي جهومي رهيا هئا. لين جي ڪير کان پرڀرو شڪارين پنهنجي ڪيمپ هنئي. توبچين جو مهندار غلام مصطفي عرف ڊيگال (توبچين جي سرواڻ هئڻ ڪري رئيس قمبر علي خان هن کي صدر ڊيگال سڏيندو هو)، پيروڍي ذوالفقار ۽ ارباب، لوڌن جو مهندار ۽ ڪتائي محمد ماڇي ماٺ مٺيءَ ۾ ان ڪير ڏانهن جانورن جو جائزو وٺڻ لاءِ روانا ٿيا. آئون به انهن جي پويان لڳي پيس.

لين جي ڪير وٽ پهتاسين ته ڦاڙها هوا تي اسان کي لکي ويا. وٺي ڊيهڙو ڏنائون، ٽاٻڙ ٽاٻڙ پئجي وئي. ڦاڙهن جو ڌڻ جيڪو اتي چرڪي تي موجود هو، وڏي جهنگ ۾ ڀڄي ويو. اسين واپس ڪيمپ تي موٽي آياسين. چاڙهو پچاڙو ٿي رهيو هو ته اوچتو قمبر علي خان صاحب دانهن ڪئي: “باهه وسايو”. سڀ حيران پريشان ٿي ويا ته ڇا ماجرا آهي. قمبر علي خان لاڙ وارو شڪار جو شوقين، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندڙ، سهپ وارو وڏو توبچي هو. چٽڻ جو ڪوڏچٽ چوٽڙو هو. سفر ۾ سدائين ٽرانسسٽر ريڊيو پاڻ سان گڏ کڻندو هو. خبرن ۾ جو ٻڌائين ته پاڪستان هندستان جي جنگ لڳي وئي آهي ۽ حڪومت بليڪ آئوٽ جو چيو آهي. سو هن به چيو ته هڪدم باهه کي وسايو. هاڻي سائين باهه کان سواءِ ٻوڙ ڪيئن رجهي ۽ ماني ڪيئن پچي. ڪنهن هڪل ڪري چيو، “پاڻ وارا حر جو ويٺا آهن. جنگ پاڻ کٽنداسين. هتي جهنگ ۾ اسان کي ڪير ڪونه ٿو ڏسي. ماٺ ڪري ماني پچايو، بک ٿا مرون”. گولو قمبر علي خان ڪونه ٻارڻ ڏنو. باقي ٻوڙ ماني تڪڙ ۾ تيار ڪري ورتائون. ائين کلندي ٽهڪندي ۽ قمبر علي خان ۽ محمد ماڇي جون هڪلون ٻڌندي، چرچن گهٻن ۾ رات وهامي وئي. سهڻا، هي تڏهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن درياهه کي ٻنڊا ڏنل ڪونه هئا.