ڳالهيون ڳنوارن جون … نه جبل تي برسات، نه درياهه ۾ پاڻي

0
27
ڳالهيون ڳنوارن جون ... نه جبل تي برسات، نه درياهه ۾ پاڻي

اهڙو ڪو اڻائو واءُ وريو آهي جو، سڄي سنڌ سوڪهڙي جو شڪار آهي. درياهه ۾ واري پئي اڏامي ۽ جبل ٻري رهيا آهن. درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري بئراج بند آهن. ڪڻڪ جو فصل اڌو اڌ گهٽ لٿو آهي ۽ اها به اڌ ملهه تي وڪامجي رهي آهي. ڊي اي پي، يوريا ۽ پيسٽيسائيڊ ٻيڻ تي مهانگي. آبادگارن قرض کڻي فصل پوکيو. واپارين طرفان ان تي ڀري وياج لڳايو ويو. هاڻ سنڌ جو آبادگار جهليو پيو آهي. سريهن جو اگهه به ڪونه ٿيو. سوڪهڙي جي ڪري ڪمند کي ڪيڙو کائي ويو. ان جي پيداوار ڪري وڃي چاليهه سيڪڙو تي بيٺي. مرد قرضائي، زائفائون پن پويان. جيڪا سنڌ سڄي دنيا کي کارائيندي هئي، هاڻ ان جي ٻچڙن جي نڙين تي نهن اچي ويا آهن. جيڪا آپدا آئي هئي، اها ڏينهون ڏينهن زور وٺندي پئي وڃي. بئراجي علائقن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي بند آهي. جن آبادگارن ڪمند ويريو هو، اهو سڪي ڪاٺيون ٿي ويو. وونئڻن ۽ سارين جي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. ٻهراڙين ۾ مال جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناپيد آهي. جر جو پاڻي اڪثر ڪري کارو آهي، ماڻهو نلڪن تي مال کي پاڻي پياري رهيا آهن، جن سان جانورن ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن.

سڄي سنڌ سورن ۾ آهي. هر طرف پاڻي ڙي پاڻي جي پڪار آهي. عام خلق ته ويچاري ليکي ۾ ئي ڪانهي پر حاڪم حڪمران به بيوس ٿا نظر اچن. اهي به پاڻي ڪاڻ عام ماڻهن سان گڏجي رستن تي نڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب. درياهه بادشاهه جي صورتحال جانچڻ لاءِ اوهين کاري ڇاڻ پار، کاري مٺي جي دنگ تي ويندا، ته اوهان کي رڳو کارو ئي کارو پاڻي ڏسڻ ۾ ايندو. مٺي پاڻي جو ڪو نشان به نظر ڪونه ايندو. ڏهه لک ماڻهن جو گذران انڊس ڊيلٽا تي آهي. ان مان هڪ لک ماڻهو فقط مڇيءَ تي گذر ڪن ٿا. درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري مٺي پاڻي جي مڇي اڻلڀ آهي. کاري جي مڇيءَ جو حال اهو آهي جو، مهاڻا سنهو رڇ استعمال ڪري گراٺ جيتريون پلڙيون (پلي جو ٻيجارو) ماري هن ناياب نسل (پلي) جي نسل ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. وير چڙهڻ تي سمنڊ جو کارو پاڻي اچيو گهوڙاٻاڙي دنگ ڪري. ماڻهو ۽ مال سم نالين مان پاڻي پيئڻ تي مجبور هئا. هاڻ سم ناليون به سڪي ويون آهن. ايڏي بدحالي آهي جو ماڻهن جا آنڊا وات ۾ اچي ويا آهن.

جنهن درياهه بادشاهه مان وڏا وڏا ٻيڙا بار کڻي شاهبندر کان جهرڪ، ڪوٽڙي، حيدرآباد، سيهوڻ، روهڙي، بکر ۽ ملتان کان به اڳتي ويندا هئا، هاڻ ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. ان درياهه ۾ پاڻي جو ڊهو به ڪونهي. ٻيلا ختم ٿي ويا يا هٿ سان وڍي تباهه ڪيا ويا. ڦاڙهن جو نسل ختم ٿي ويو. مرون، گدڙ، سيڙهون، سها، سوئر سڀ جا سڀ سورن ۾ آهن. جهنگلي جيوت جو خاتمو اچي ويو. دنيا جو يڪتا انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي ويو. جهنگ جي سونهن ڏينڀو، ککرون، چيلاٽا گم ٿي ويا. ماکي ملڪ مان سانگ ڪري وئي هلي. پکي پکڻ پنهنجا واهيرا ڇڏيو الائي ڪهڙي ڀونءِ ڀڻي ويا.

تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا. (لطيف)

12 اپريل منهنجي ڄم جو ڏينهن لکيل آهي. ٿيندو ائين آهي ته سالگرهه ماڻهو پنهنجي گهر ۾ پٽن، پوٽن، پوٽين، ڌيئرن ڏهٽن ۽ ڏهٽين سان گڏجي ملهائيندا آهن. منهنجي سالگرهه وارو اهو ڏينهن جنگشاهي (ٺٺي ضلعي) ۾ گذريو. ٿري دوستن ڊاڪٽر بقا محمد، دولت علي، هدايت الله ۽ گلاب ڪوٽڙيو وارن بانبي بيڪري تان ڪيڪ گهرائي دعوت جو انتظام ڪيو. رحمت الله جوکيو، سليم جوکيو، شڪيل جوکيو ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪري مبارڪون ڏنيون. ان ڏينهن اسلام آباد کان فون آيو. هڪڙي مخلص دوست مبارڪون ڏيندي ٻڌايو ته، منهنجي ڪتاب، “ننگر ٺٽي جو سماج (مطالعو ۽ مشاهدو)” تي اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد طرفان ادبي ايوارڊ ڏنو ويو آهي. قدرت طرفان سالگرهه جو اهو تحفو عنايت ٿيو. پوءِ ته رکيل مورائي، اسلم عباسي، محمد علي پٺاڻ جا فون آيا. مبارڪون ملنديون رهيون. فون ايندا رهيا.

سچي ڳالهه اها آهي ته حساس دل کي قرار ڪونه آيو. آئون پنهنجي پراڻي دوست جبل جي سونهين خانو جوکيو کي ساڻ ڪري “ڪارو ارو” جبل ڏانهن نڪري ويس. جتان جنگشاهي نئين برسات ۾ جبل جو پاڻي کڻي نڪري ٿي. اڳتي هلي ڪامنهن واري ڍوري جو پاڻي به هن ۾ اچيو وڃي پوي. ڪامنهن جي ڍوري کي اڳيان هلي ملئون وارو ڍورو به سڏيندا آهن. هي ڍورو ڪيرئي جبل وٽان نئين جنگشاهي ۾ پوندو آهي. ڄٻڙ جبل مان هڪ ڍورو نڪرندو آهي، جنهن کي نمن وارو ڍورو سڏيندا آهن. هي ڍورو ڪنڊي سڃ واري بٺيءَ کان جنگشاهي نئين ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ڄٻڙ جبل مان هڪ ٻيو ڍورو به نڪرندو آهي جنهن کي ٽمائي وارو ڍورو به سڏيندا آهن. هي ڍورو به ڪنڊي سڃ کان جنگشاهي نئين ۾ ڪرندو آهي. مارو جبل کان هڪ ڍورو نڪرندو آهي اهو به وهي اچيو ڪنڊي سڃ کان جنگشاهي نئين ۾ پوي. ڪيرئي جبل ۾ اتر کان قابل واري جهوپڙي هوندي هئي. هتي جبل جا شڪاري اڪثر شڪار ڪري اچي چاڙهو پچاڙو ڪندا هئا. نڪ ڇني جبل کان هڪ نئين آس پاس جي ٽڪرين جو پاڻي کڻي نڪرندي آهي. اونگر واري بٺيءَ جو پاڻي به هن نئين ۾ پوندو آهي. اڳتي هلي ڪنڀار اڏ جبل جو پاڻي به هن نئين کي ڀرتي ڪندو آهي. هي نئين يارنهن دري مٽي ڇتيري ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڇتيري ڍنڍ کي ڀري جيڪو باچتو پاڻي ٿيندو آهي اهو ڄنگهه واري ڍوري کان وڃي جنگشاهي نئين ۾ پوي. اڪري جبل کان هڪ ڍورو نڪرندو آهي، جنهن کي چينگهي وارو ڍورو سڏيندا آهن. اڳتي هلي انگئي جبل جو پاڻي هن ڍورو ۾ پوندو آهي. ان کان علاوه لوٽ ماڻ ۽ ٻين نئين ۽ ڍورن جو پاڻي جنگشاهي وارا پٽ ڀري کيٽ آباد ڪندو آهي، پر اهي نظارا فقط برسات جي ڏينهن ۾ ڏسبا آهن. هاڻ اهي بٺيون، نئيون، ڍوريون وغيره برسات لاءِ سڪي رهيون هيون. اڄ جڏهن موٽرسائيڪل تي چڙهي انهن ڀڙڀانگ ٿي ويل بٺين تان گذرڻ ٿيو ته سڃ ئي سڃ ڏسڻ ۾ آئي. سچ پچ ته افسردگيءَ جي عالم ۾ اسين هڪ ٻئي سان گهڻو ڳالهائي به ڪونه سگهياسين. هر طرف سوڪهڙي جو راڄ. رڳو رائو ۽ رڃ. وڻ، وليون، ٻوٽا ۽ گاهه سڀ سڪي ويا هئا. پکي پکڻ به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سانڊا به بکين مري رهيا هئا.

بس، نه جبل تي برسات آهي، نه درياهه ۾ پاڻي آهي.