اهو جيڪو وڏو شاهي رستو حيدرآباد کان ڪراچي وڃي ٿو، جنهن کي انگريزي زبان ۾ سپر هائي وي ٿا سڏين، اهو روڊ اڃان ڪونه ٺهيو هو. انهن ڏينهن ۾ جبل جي فطري سونهن جو ڇيهه ئي ڪونه هو. سوڪهڙي ۽ ڏڪار ۾ هر شئي سڪي ٻانڊ ٿيل هوندي هئي ته به ان کي پنهنجو حسن هوندو هو پر وسڪاري ۾ ته هر طرف وڻن ٻوٽن ولين ۽ گاهن جي گلزاري ٿي ويندي هئي. پاڻي سان هر سڪي ويل وڻ ٽڻ ۾ ساهه پئجي ويندو هو. پٽ ڀربا هئا. زوردار برسات ۾ کيٽ ڀرجي بيهندا هئا. ماڻهن جي محنت سان ٺاهيل ٻنڌيون جهري پونديون هيون. تلاءُ ڀرجي بيهندا هئا. جهنگلي جيوت ۾ سرهائي ايندي هئي. جهنگلي جيوت ئي جهنگ ۽ جبل جي سونهن هوندي آهي. فلورا ۽ فانا سان جهنگ جهر، ڌرتي، جبل تي هڪ فطري مانڊاڻ جڙي پوندو آهي. ان رستي ٺهڻ کان پوءِ اهو مانڊاڻ ڦٽڻ لڳو. ان رستي جي ٺهڻ ڪري تيز رفتار زندگي ۾ تيزي ته آئي پر ٻهراڙي جي ماڻهو جي نظر ۾ ان جي ٺهڻ سان وڏو نقصان ٿيو.
حادثن جي ڪري ماڻهن جون مماتيون وڌيون. جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿيو. رستي جي ٻنهي پاسن واريون زمينون غيرمقامي ماڻهن ۾ ورهايون ويون. ڪوڙا کاتا ٺهرائي قبضا گيرن جاوا ڪيا. پٿر، چن ۽ ڪوئلي جون کاڻيون کوٽي زمين کي اکيڙيو ويو ۽ هاڻي هوا تي بجلي پيدا ڪندڙ ڦرڻيون لڳائي رهندي ڪسر پوري ڪئي وئي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي. ان رستي سان پري پري جي اجنبي مخلوق جوق در جوق سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ايندي رهي. ڪراچي هٿن مان نڪري وئي. هاڻ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن تي آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي. رزق جو ذمو پروردگار جي ذات تي آهي پر وسيلا ختم ٿيندا پيا وڃن. ٻهراڙي جي ماڻهن جي گذران جو واحد ذريعو زراعت وڃي بچي آهي پر زرعي پيداوار به گهٽجي وئي آهي. ان جا ڪارڻ پاڻي جي کوٽ، نقلي دوائون، وائرس وارا ٻج، زرعي پيداوار جو بازار ۾ اڌ ملهه، غيرقانوني وياج جو ڌنڌو وغيره آهن. سرمائيدار جي هر پيداوار چوٽ مهانگي. اڳڙين جي ٺهيل سرڪاري مشينري ۽ رشوت جي بازار ۾ تيزي جي رجحان، معاشي ۽ معاشرتي تباهي جا اهم اسباب بڻيا.
ٻاهرين ايندڙ خلق جي ڪراچي شهر ۾ آبادڪاري لاءِ زمين تي قبضاگيرن جو فعال نيٽورڪ ديده دليري سان ڪم ڪندو رهيو. ڪير ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڇو آيو آهي؟ ۽ هتي ڇا ڪندو؟ ڪنهن وٽ ڪوبه جواب ڪونه هو. روز شهر ۾ داخل ٿيندڙ ان مخلوق لاءِ کاڌي خوراڪ ۽ پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻو پيو. حب، هاليجي ۽ ڪينجهر مان پاڻي جي رسد لاءِ شاخون اڳئي نڪتل هيون. هاڻي وري ڪي- فور نالي وارو منصوبو ٺاهي ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي پهرا لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. جوکيا، جاکرا، ماڇي، مهاڻا، منڇري، خاصخيلي، گندرا، بروهي، چانگ، شورا، پالاري، برفت ۽ ٻين ذاتين وارا هنن علائقن ۾ رهندڙ وسندڙ لوڪ سوڙها ٿيندا ويا. هن ترقي يافته دور ۾ ڪنهن ترقياتي منصوبي جي مخالفت ڪرڻ صحيح به ڪانهي پر ان لاءِ اهڙي پلاننگ ٿيڻ گهرجي، جنهن سان ڪو آزار ۾ نه اچي. سڀ جو ڀلو، سڀ جو خير ٿيڻ گهرجي.
جهمپير جي ڏکڻ طرف سنڌ جي حسين ترين سهڻي ڍنڍ ڪينجهر موجود آهي. هن ڍنڍ سان گڏ سونهري ڍنڍ آهي. هي ٻئي جاڙيون ڍنڍون سڏبيون آهن. پوءِ ٻنهي ڍنڍن کي گڏائي ڪلري نالو ڏنو ويو. نيٺ پوءِ ڪلريءَ جو طوق ٽُٽو ۽ ڪينجهر نالو وري بحال ٿيو. هن ڍنڍ تي امير پير جي درگاهه موجود آهي. هتي هر سال خواجن جو ميلو لڳندو آهي. 1968ع ڌاري هن ميلي کي ڏسڻ لاءِ اسين ڪميا ڪم ڪري ٺٽي مان جنگشاهي اچي، ريل گاڏي ۾ سفر ڪري جهمپير لٿاسين ۽ اتان کان پنڌ ئي پنڌ امير پير جي درگاهه تي پهتا هئاسين. ڦوهه جواني جا ڏينهن هئا.
لا ابالي طبيعت، غيرسنجيدگي، منچلائي ۽ ٻاراڻا خيال، خواجا ڪميونٽي جي سونهن جي ساراهه، اعليٰ اخلاقي اقدار، منفرد ۽ ايڊوانس طرز زندگي جون ڳالهيون ٻڌي هينئون هرکجي پيو. ٻي اهم ڳالهه جيڪا اسان کي هتي گهلي آئي هئي، اها هئي هن ميلي ۾ هندستاني فلم ڏيکارڻ جو بندوبست. هي اهو دور هو جو پاڪستان ۾ فقط پاڪستاني فلمون ڏيکارڻ جو حڪم صادر ٿيل هو. هن ميلي ۾ خصوصي اجازت سان خواجا ڪميونٽي جي انٽرٽينمينٽ لاءِ هندستاني فلم ڏيکاري ويندي هئي ۽ اسان کي هندستاني فلمن جي هاڪ هتي ڇڪي آئي هئي. ان رات “نوڪر” فلم هلي رهي هئي. اسان اها فلم ڏٺي.
خواجا ڪميونٽي جي لوڪن جي ڊسيپلين، معيار زندگي، معاشي خوشحالي ۽ بنا پردي عورتن جي خود اعتمادي جو مشاهدو ڪري، ان وقت سچ پچ ڏندين آڱريون اچي ويون هيون. اها ڳالهه گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي، جڏهن آغا خان ٿرڊ جو ڪتاب “دي ممائرس آف آغا خان” پڙهيم. سر آغا خان تي سندس ڪميونٽي جي امامت جو بار اٺن سالن جي ڄمار ۾ پيو. سندن والده پنهنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. عربي، فارسي ۽ انگريزي سکڻ لاءِ قابل استاد مقرر ڪيا ويا. ڪئليگرافي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو، جنهن لاءِ پاڻ لکيو هئائون ته اهو وقت سندن لاءِ ڏکئي ۾ ڏکيو هوندو هو. گهوڙي سواري هر حال ۾ ڪرڻي پوندي هئي. انگريز بادشاهي ٻارن سان دوستي اڳتي هلي شاهي گهراڻي سان ويجهڙائي آندي. بهرحال ان اعليٰ تعليم و تربيت ۽ پڙهيل لکيل تعليم يافتا شاهي خاندان جي صحبت سندن زندگي تي وڏو اثر ڪيو.
پاڻ پنهنجي ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ جيڪي اصلاحات ڪيا، انهن ۾ ٽي نهايت ئي اهم هئا. هر آغا خاني لاءِ تعليم لازمي قرار ڏني وئي. صحت ۽ تندرستي لاءِ ڪميونٽي جي هر فرد لاءِ صاف سٿرو ۽ خوش لباس رهڻو هو ۽ پردي کي مڪمل ختم ڪرڻو هو. انهن اصلاحات اهو اثر ڏيکاريو جو هندستان ۾ گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو آغا خاني ڪميونٽي ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
خير قصو وڏو آهي. انهن عملي قدمن جو مظاهرو هتي ڍنڍ جي ڪنڌي تي امير پير جي ميلي جي موقعي تي پهريون ڀيرو ڏسي، دل ۾ عجيب و غريب خيال پيدا ٿيڻ لڳا. سڄي رات ميلي ۾ گهمي، فلمون ڏسي، سج اڀاريوسين. صبح جو سوير ڍنڍ جو پاڻي اکڙين تي لائي نگاهه ڪيم. مهاڻن جون ڀُتيون ٻيڙيون سڙهه سنوان ڪيو، مڇيءَ جا رڇ سارڻ لاءِ اندر ڍنڍ ۾ روانيون ٿي چڪيون هيون. انهن جا سڙهه وهندي جي واءُ ۾ جهومي رهيا هئا، ميرڙيون سيرڙِيون مهاڻيون پنهنجن اگلڙن ٻارڙن جي پرگهور ۾ رڌل هيون، جن کي تعليم ۽ صحت جي نالي جي به خبر ڪانه هئي.