ڳالهيون ڳنوارن جون … عيدون اڳوڻي دؤر جون ….

0
28
ڳالهيون ڳنوارن جون ... عيدون اڳوڻي دؤر جون ....

 اسان جي ڏاڏي ڳالهه ڪندي هئي ته ٻهراڙيءَ ۾ رهندا هئاسين. اسان جو ڳوٺ وڏو هو، جنهن ۾ ست اٺ گهر واڻين جا هئا. عيد دسهڙو يا ڏياريءَ جو ڏينهن سڀ گڏجي ملهائيندا هئا. ٻارڙن کي نوان ڪپڙا پارايا ويندا هئا. عيد جي ڏينهن واڻياڻيون حلوو، پوريون، پاپڙ ۽ پيهون پچائي پاڙي وارن مسلمانن جي گهرن ۾ موڪلينديون هيون. ٿالهي خالي موٽائڻ عيب سمجهيو ويندو هو. اسان جي گهرن مان به سيون، مٺا چانور ۽ اڇا چانور موٽ ۾ انهن ڏانهن موڪليا ويندا هئا.

                 عيد ۾ اڃا مهينو پيو هوندو ته، عيد جي تياري شروع ٿي ويندي هئي. قميص يا ڪڙتي لاءِ پاپلين جو ڪپڙو ۽ سلوار لاءِ ويهوراڻي هرک يا پندرنهن هزاري هرک (لٺو) خريد ڪبو هو. هونءَ ته سلائي سستي هئي پر عيد جي موقعي تي درزي ڪپڙن جي وڳي جي سلائي هڪ روپئي کان گهٽ ڪونه وٺندا هئا. سچ ته اهو هو جو سنڌ ۾ ايڏي غربت هئي جو هر ماڻهوءَ وٽ فقط هڪ وڳو ڪپڙن جو هوندو هو، اهو جمعي جي ڏينهن ڌوئي سڪائي پوءِ پائيندا هئا. بس اهو عيد جو موقعو ئي هوندو هو، جنهن تي ڪس ڪوس ڪري ڪپڙن جو نئون وڳو سبرايو ويندو هو. سستائي ته هئي پر پيسو ڪونه هو. قوتِ خريد بنهه گهٽ هئي. ٻهراڙين ۾ مالوند ڀاڳيا ئي سکيا ستابا سمجهيا ويندا هئا. شهرن ۾ واپاري طبقي جا لوڪ هٽ واڻيا شاهوڪار هئا. جُتي موچيءَ کان ٺهرائبي هئي. ننڍي يا وڏي ماڻهوءَ جي پير جي ماپ ڏبي هئي. سادي توڙي چانديءَ جي زريءَ واري جُتي يا ڪرم جو سليپر اهڙو ٺهي ملندو هو، جو هلڻ وقت چيڪٽ پيا نڪرندا هئا.

اسان جي ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ جي ٻاهران کوهيون هونديون هيون. درياهه ويجهو هو، ان ڪري جر به مٿي هو. پاڻي ڏولن تي ڇڪي ڪڍبو هو. پاڻي ڀري ڪواٺين تي کڻي گهر پهچبو هو. گهر ۾ پسيا هوندي هئي. سنان پاڻي ڪري مرد توڙي عورتون حال آهر ڪپڙا لٽا پائي عيد جي سنبت ڪنديون هيون. سَين ٺاهڻ واريون ڪلون سريالن جي گهرن ۾ هونديون هيون، جيڪي سَيون ٺاهڻ لاءِ سڄي ڳوٺ ۾ پيون ڦرنديون هيون. سنهو اٽو پيهي، ان کي گهڻو ڳوهي، مايون مٺيا ٺاهينديون هيون. کٽ جي واڏڻ واري پاسي سيويون ٺاهڻ واري ڪل (مشين) کي ٻڌي هڪڙي مائي مٿي ويهي مٺئي کي ڦيرائيندي هئي. هيٺ منجي تي ويٺل زال مٺيو مشين ۾ وجهندي هئي. هيٺين ڄاري مان سَين جا ڇڳا پيا نڪرندا هئا. ڪنهن کٽ تي رلي پکيڙي مٿان صاف چادر وڇائي ان تي اهي ڇڳا ڪڍي سڪڻ لاءِ رکبا هئا. اهڙي طرح سَيون هٿن سان ٺاهبيون هيون. عيد جي ڏينهن رڌي، پسي جي ٿالهي ۾ وجهي مٿان مکڻ مکي، مٺائي ٻرڪي اول ٻارڙن کي کارائبيون هيون. پوءِ وڏڙا کائي ڪپڙا لٽا پهري عيد نماز پڙهڻ لاءِ نڪرندا هئا. اسان واري ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد سنڌي هندو هوندا هئا. پهريون مسلمان استاد سائين ميوو خان ماستر مقرر ٿي آيو. ڊسيپلين وارو ماڻهو هو. اڳيان سائين ان جي پويان ان جو ڀاءُ ۽ انهن جي پويان ٻارن جي قطار عيد نماز پڙهڻ لاءِ نڪرندا هئا. نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. ڳوٺ جي ٻاهر پپر جا گهاٽا وڻ هوندا هئا. انهن جي ڇانوَ ۾ عيد نماز ادا ڪئي ويندي هئي. عيد نماز پڙهي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيئي هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو هو. سائين ميوو ساڳي قطار قطاريو واپس گهر موٽندو هو. دلچسپ ڳالهه اها هئي جو ڳوٺ وارا سنڌي هندو انهن ئي وڻن جي پوڄا ڪندا هئا.

ٻهراڙين ۾ عيد الاضحى جي موقعي تي ڳوٺاڻا ڦنڊر جون ست پتيون ڪندا هئا. سرندي وارا پنهنجي پتيءَ جو گوشت پنهنجي گهر کڻي ويندا هئا. خير وارو گوشت وچان ڪڍي وانٽا ٺاهي ورهايو ويندو هو. شهرن ۾ وڏي ڦنڊر جو گوشت ضرور ورهايو ويندو هو. البت ڇيلي جو گوشت مالڪ پاڻ يا وڌ مان وڌ ويجهي عزيز قريب کي ٿورو گهڻو ڏيئي وٺي، ٻيو سڀ فرج ڀري رکي ڇڏيندا هئا، جيڪو سڄو هفتو پيو پچائبو ۽ کائبو هو.

سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ عيد ملهائڻ جو اهو ئي انداز هوندو هو. آئون رڳو پنهنجي شهر جي ڳالهه ڪريان. اسان جي شهر موري ۾ عيد جون خاص تياريون ٿينديون هيون. ڪپڙا سبرائڻ لاءِ درزين وٽ ماڻهن جون قطارون لڳي وينديون هيون. ڪوڙو سرهيو، جمال ڀٽي، محمود ڀٽ، پنهون لانگاهه، مقبول پنهور، دودو ساٽي، مظهر نونڌو/جويو رات ڏينهن ڪري ڪپڙا ڪڍي وٺندا هئا. عيد جي ڏينهن هر ڪو نئون وڳو پهري گهران نڪرندو هو. ان دور ۾ ڪپڙو ۽ کنڊ راشن تي ملندي هئي، جنهن جي پرمٽ سيٺ حاجن ميمڻ جي خاندان وٽ هئي. شهر جا سادات، ميمڻ، قاضي، سرهيا، ساٽي، نونڌا، ٻرڙا، ڪلهوڙا، ماڇي، سرائي سولنگي، موچي لانگاهه، جويا، ڪلي سيال، نول ڀٽي سڀ جا سڀ ڪپڙي پائڻ جا شوقين هئا. ڪپڙي جي جيئن ته قلت هئي پر پوءِ به هڪ هڪ وڳو ضرور سبرائبو هو. ٻارڙن جو خاص خيال رکيو ويندو هو. انهن جي لباس ۽ پهراڻ ۾ گهٽتائي ڪانه ڪبي هئي. نياڻين لاءِ چوڙيون، ميندي، مساڳ ضرور آڻبو هو. وڏڙين لاءِ ٽئونرن واريون جُتيون ٺهرائبيون هيون. ميلن تان خريد ڪري آيل سڳيون ڦڻيون هڪيون حاضر ڪري ڏبيون هيون. مرد نماز لاءِ نڪري ويندا هئا. عورتون مٽن مائٽن جي گهرن ۾ وڃي عيد مبارڪون ڏينديون هيون. ٻارڙا سوکڙيون يا عيد تي پچايل خاص کاڌي جون ٿالهيون ڀري ڍاڪون ڍڪي پاڙي وارن کي پهچائيندا هئا.

مسلمانن کان علاوه سنڌي هندو به عيد جي ڏينهن سهڻا وڳا پهريندا هئا. انهن ۾ مسٽر چيلا رام وڪيل، مورندو واڻيو اخباري نمائندو، اٺومل گهورڙيو، پرڀو مل ڪلاد، ٻيڙين جي مانڊڻي وارو چئينچل واڻيو، مٺائي وارو، ليلومل ۽ مينگهومل ڪراڻي وارا، پيسو پساري، مکي منگهر پساري، مڙهو واڻيو، درو ڪونڊي مل وارو، گيهي مل، لکي مل، چوهرمل، پيرومل ٽانگا وهائڻ وارا، پارو مل سرن جي بٺي وارو، جهمومل سونارو، لاهوري مل سونارو، سڀ جا سڀ عيد تي نوان ڪپڙا پهري پنهنجو پنهنجو ڪاروبار کولي ويهندا هئا.موري جي عيد جي خاص ڳالهه ڪٻٽي راند جو مقابلو هوندو هو، جنهن جو محرڪ سائين محمد ڇتل مين اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو. سائين ڇتل سرهين جي سهڻي چمن جو اهڙو گل هو، جنهن پنهنجي خوشبو سان مورائن کي واسي ڇڏيو هو. سائين پاڻ سالن جا سال مين اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو. ڊراما ڪرائيندو هو. سماجي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندو هو. محرم جي ڏينهن ۾ ڪاري پوشاڪ پهري مشڪ پٺن تي کڻي پياسن کي پاڻي پياريندو هو. عيد جي موقعي تي ڪٻٽي راند جو انتظام ڪندو هو. انهن مقابلن ۾ سائين پاڻ سيٽي هٿ ۾ کڻي ريفري ٿي بيهندو هو. پنجاب کان به ڪٻٽي راند جا رانديگر اچي مقابلي ۾ حصو وٺندا هئا. ٻهراڙين جا سگهارا ڳڀرو جوان ۽ شهر وارا رانديگر ايندا هئا. موري وارو دينو درزي تريءَ جو ڪاريگر هو. ننڍو هاشم ۽ وڏو هاشم ڪئنچي جا ماهر هئا. پر سرسي سدائين پنڊول موچي جي ٿيندي هئي…. سائين اڳوڻي دور جي عيد ملهائڻ جو انداز اهو ئي هو.