اڳوڻو مورو گڏيل آبادي وارو شهر هو. مسلمان ۽ سنڌي هندو ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهندا هئا. ويڙها الڳ الڳ هئا پر خوشي ۽ غمي ۾ هڪٻئي جا حال ڀائي هئا. مسلمانن جي عيد تي هندو به خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ مسلمان به هندن جي ڏڻن جو احترام ڪندا هئا. شڪارپور ۽ هالا جي شهرن وانگر موري جي به ڍڪ بازار هوندي هئي. بازار ۾ مسلمانن ۽ سنڌي هندن جا دڪان هوندا هئا. ان شاهي بازار جي چونڪ تي چينچل واڻئي جو مٺائيءَ جو دڪان هوندو هو. سيٺ ليلومل ۽ سيٺ مينگهو مل جا ڪراڻي جا دڪان هوندا هئا. پيسو پنساري ۽ مکي مونگهر جا پنسارڪا دڪان هئا. جهمومل ۽ لاهوري مل جا سونارڪا دڪان هئا. گل محمد لوهار بندوقن ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. شاعر به هو. سيٺ قاسم سيٺ يوسف ميمڻ ۽ صالح ٻرڙو نانوائي هئا. ڀائي ڀوڄرام حڪمت جو ڄاڻو هو. چيلومل ۽ سيٺ موڏو مل جا جتين جا دڪان هوندا هئا. قاسم ٻرڙي جو بوٽن جو دڪان هوندو هو ۽ سيٺ نٿرمل جو به بوٽن جو دڪان هوندو هو. عيد جي موقعي تي هنن دڪانن تي ماڻهو ڳاهه پيا ٿيندا هئا. هر ڪو عيد لاءِ نئين جتي يا بوٽ خريد ڪندو هو. موري جون چانديءَ واريون جتيون مشهور هونديون هيون. علي محمد موچي چانديءَ جي مڙهائي جو شاهه ڪاريگر هو. شهر جا ميمڻ ۽ سرهيا ڪپڙي پائڻ جا شوقين هئا. عيد تي سڄي شهر ۾ سڀني کان ڀلو ۽ قيمتي وڳو سائين محمد ڇتل جي لاڏلي پٽ انور سرهيو کي پاتل هوندو هو. سائين محمد ڇتل لڳ ڀڳ پندرنهن سال موري جي مين پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو. هو هر عيد تي ڊراما ڪرائيندو هو، جيڪي رات جو ڏيکاريا ويندا هئا. عيد جي شام پرائمري اسڪول جي اڳيان ڪٻٽي راند ڪرائيندو هو، جنهن ۾ شهر ۽ ٻهراڙي جا وڏا رانديگر حصو وٺندا هئا. دينو درزي تري جو ڪاريگر هو. ننڍو هاشم ۽ وڏو هاشم ڪينچي جا ماهر هئا. پنڊول موچي ڪينچي جو بادشاهه رانديگر هو. انهن مقابلن ۾ هندستان ۽ پنجاب جا رانديگر به ڪَهي اچي شريڪ ٿيندا هئا. عيد جي موقعي تي درزين جي دڪانن تي وڏي پيهه هوندي هئي. ڪؤڙو سرهيو، جمال ڀٽي، محمود ڀٽ، پنهون لانگاهه، مقبول پنهور، ڏوڏو ساٽي، پيرل جويو، ڀلوڙ درزي هئا. عام ڏينهن ۾ هڪڙي وڳي جي سبائي اٺ آنا هوندي هئي. عيد جي موقعي تي هڪ وڳو سبڻ جو هڪڙو رپيو ورتو ويندو هو. ڪپڙو البت گهٽ هو. ٻي جنگ عظيم دوران ڪپڙو اچڻ بند ٿي ويو هو. پوءِ ان جي راشن بندي ٿي. ڪپڙي جي پرمٽ سيٺ سليمان ميمڻ کي مليل هئي. سيٺ سليمان اعليٰ اخلاق جو ڌڻي هو. سندس اوطاق مهمانن سان ڀري پئي هوندي هئي. عيد کان مهينو کن اڳ ڪپڙو کڄي ايندو هو. شهر توڙي ٻهراڙي جي ماڻهن کي في ماڻهو هڪ وڳو جي حساب سان ڪپڙو ملندو هو. مرداڻي ڪپڙي ۾ پاپلين، ويهوراڻي هرک ۽ پندرنهن هزار هرک وارو ڪپڙو هوندو هو. ان کان علاوه سنهي پٽ وارا پٽڪا ۽ بافتو به ملندو هو. انگوڇا موري ۽ گچيري ۾ ٺهندا هئا. زناني ڪپڙي ۾ ڇيٽ ۽ جهمي ملندي هئي. ڪي سريال هالا جي کاڌي ۽ گربي جو ڪپڙو گهرائي وٺندا هئا. عورتون گج، لانوڻ ۽ ڀرت پريل چولا ۽ چنيون پائينديون هيون. ڀرت ڀرڻ جو رواج هر گهر ۾ موجود هو. عورتون پنهنجن نياڻين کي ننڍي هوندي ئي ڀرت ڀرڻ سيکارينديون هيون. ٽونئرن واريون جتيون پائبيون هيون. گهڻن گهرن ۾ پنهنجا چرخا ۽ ائٽ هوندا هئا. ڪپهه پڃاري کان پڃائبي هئي. انهن جا به بازار ۾ دڪان هوندا هئا. کٽين جا به دڪان هوندا هئا، جتي رڱاوت جو ڪم ٿيندو هو. هر دڪان جي ڇت تي جهلي ٽنگيل هوندي هئي. جهلي ڇڪڻ لاءِ ننڍي عمر جا ڇوڪرا رکيل هوندا هئا.
خاوند ڏنو شيخ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين هوندو هو. ان زماني ۾ سيپريٽ اليڪٽورل رولز تحت ووٽ ڪرايا ويندا هئا. مسلمانن ۽ هندن جا هڪ جيترا ووٽ هوندا هئا. خاوند ڏنو شيخ شهر جي صفائي سٿرائي جو گهڻو خيال رکندو هو. نيرن پاڻي ڪري گهوڙي تي چڙهي سڄي شهر جو گشت ڪندو هو. چاندي سان مڙهيل نيٽ جو لڪڻ هٿ ۾ هوندو هوس. بجلي ڪانه هئي. شام ٿيندي ئي شهر جي هر چؤسول تي فانوس ٻاريا ويندا هئا.
واڻين جي ويڙهي واريون گهٽيون سوڙهيون هونديون هيون. بازار جي ڏکڻ طرف واڻين جو ويڙهو هو، جتي هنن جون محل نما شاندار جايون ٺهيل هيون. سنڌي گجراتي فن تعمير (Architecture) واريون اڏيل اهي شاندار جايون هوادار هونديون هيون. هر جاءِ ۾ ٻه غسل خانا هوندا هئا. هڪڙو مردن لاءِ ۽ ٻيو عورتن لاءِ “پسيا” الڳ هوندي هئي. هر گهر ۾ پاڻي لاءِ کوهي کوٽيل هوندي هئي. جر جو پاڻي مٺو هو. جن گهرن ۾ کوهي نه هوندي هئي ته انهن گهرن جو پاڻي پخالي ڀريندا هئا. پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪن وٽ ڪنواٺيون هونديون هيون. نوتومل انڌو هوندو هو. ڪنواٺي تي پاڻي ڀريندو هو. هنئين جو اهڙو سڄو هوندو هو جو گهر جي در تي پهچي گهرڌڻي جو نالو وٺي تنواريندو هو. “پاڻي وارو” يا “نوتو”.
راشن تان ڪپڙو ملندي ئي عيد جي تياري شروع ٿي ويندي هئي. درزين کان ڪپڙا سبائڻ، جتيون مڙهائڻ، ڦاٽل جتين کي چتيون هڻائي پالش ڪرائي رکڻ جهڙا ڪم اڳواٽ ڪرائي رکبا هئا. مائرن ۽ پيئرن کي ڏاڙهي لهندا جوان پٽ به وڻندا هئا پر عيد تي ننڍن ٻارن جو خاص خيال رکيو ويندو هو. انهن کي نياڻين توڙي پٽن جي ڪپڙي لٽي ۽ سونهن سينگار جي اون هوندي هئي.
عيد لاءِ سيويون (سَيون) گهرن ۾ تيار ڪيون وينديون هيون. اٽو جنڊ تي ڪڻڪ جو سنهو پيهي، ان کي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، ڳوهي، چاڻا ٺاهي، هٿرادو مشين تي سيويون ٺاهي، ڪنهن کٽ تي صاف ڪپڙي تي رکي سڪائبيون هيون. عيد جي رات اچڻ جا اهڃان پسي ٻهراڙي ۾ ڪڪڙ ڪُهي ٻوڙ چاڙهبي هئي يا ساٽيءَ کان خريد ڪيل پلو سيئبو هو. سيويون ضرور رڌبيون هيون. شهر ۾ مارڪيٽ مان خريد ڪيل آڏاري رکيل گوشت چاڙهبو هو. ان سان گڏ چانور ۽ سيويون به رڌبيون هيون. سج لٿي مهل چنڊ ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا، چنڊ ڏسڻ سان دهل ۽ شرنايون وڄي وينديون هيون. موري ۾ اسماعيل فقير ۽ اڪ فقير شرناءِ جا درياهه ڪاريگر هئا. بلاول فقير ۽ احمد فقير دهلاري هئا.
سيويَن جو ٿالهيون ڀري پاڙي وارن ۽ مِٽن مائٽن ڏانهن موڪلبيون هيون. صبح سان ننڍو وڏو نوان ڪپڙا پهري نماز لاءِ نڪرندو هو. سيويُن جون ٿالهيون ڀري مسلمان، هندن جي گهرن ۾ به موڪليندا هئا، موٽ ۾ سنڌي هندو پوريون، پيهون ۽ پاپڙ مسلمانن ڏانهن موڪليندا هئا. عيد نماز پڙهي هڪٻئي کي مبارڪون ڏبيون هيون. سڄي بازار کي رنگ به رنگي جهنڊين، بانبٽين سان سينگاريو ويندو هو. ٻهراڙيون شهر جو رخ ڪنديون هيون. ڏسندي ڏسندي بازار ڀرجي ويندي هئي. ائين عيد جو ڏينهن مِٽن مائٽن سان ملندي ۽ دوستن سان گڏ گهمندي ڦرندي گذري ويندو هو.