سنڌو درياهه هزارن سالن کان گجگوڙون ڪندو، ٻنيون ٻوڙيندو، راڱي واري راڙ ڪندو وهندو رهيو. ان دوران هن سئو کن وهڪرا بدلايا، ۽ سنڌ جي سموري زمين سيراب ڪئي. آرين سنڌو جي ساراهه کي عبادت سمجهيو. ان جي شان ۾ گيت رچيا. گهڻو پوءِ لطيف سرڪار ان جي دهشت جي تشريح هن طرح ڪئي:
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
انگريزن درياهه بادشاهه جي ساڄي توڙي کاٻي پاسي بند ٻڌي پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آبڪلاڻي ۾ پاڻي پکڙجي بندن سان اچي لڳندو هو. ڍوريون ڍٻيون وهي پونديون هيون. واهڙ وهي ايندا هئا. درياهه ڪٿي جهول ته ڪٿي ڪنبال ۽ ڪوهريون ٺاهيندو هو. بندن تائين ڇرون، ڇاڙهون ۽ ڇڇ ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي ۾ مٿانهين وارا جهنگ جيڪي ٻوڏ کان بچيل هوندا هئا، اتي جانور اچي سوڙها ٿيندا هئا. ماري شڪاري به انهن جهنگن ۾ سڪل ٻيٽارين تي ٻيڙيون بيهاري لهي پوندا هئا. شڪار ڪري چاڙها پچاڙها ڪندا هئا.
هي سٺ سال پراڻي ڳالهه آهي. شڪارين ۾ ڪيئي اوڀر اڀرندا هئا. راتيون وهامنديون هيون. ڏک ۽ درد ڏور هليا ويندا هئا. جي ٻيو ڪو شڪار نه لڳندو هو ته، ڀنڀراڪي جو اٿي شڪاري بندوقون کڻي نڪري پوندا هئا. واهيري تي ويٺل تترن جون تنوارون ٻڌي، ويچارن معصوم پکين تي وڃي ڪند ڪشيندا هئا. شڪار ظلم به آهي، راحت به آهي. انسان بنيادي طور شڪاري رهيو آهي. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ شڪار ان جي ضرورت ۽ جياپي جو ذريعو هو. شڪار ڪرڻ گناهه آهي يا ثواب، ان کان قطع نظر اها هڪ حقيقت آهي ته انسان شڪار ڪندو رهيو آهي. پهاڙن تي ۽ درياهه جي ڪچي وارن ٻيلن ۾ اڳي شڪار گهڻو هوندو هو. درياهه بادشاهه پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان وهندو هو. ملڪ ۾ خوشحالي هوندي هئي. ٻيلا گهڻا هوندا هئا، جن مان وڏي اپت ٿيندي هئي. چيٽي فصل ڀلا ٿيندا هئا. بوسي ڪڻڪ، سرنهه، ڄانڀو، سئونف، آرڻ، هرٻو، موهر، چڻا، مٽر ڀلا ٿيندا هئا. ڪچي ۾ مال، (مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون) گهڻو هوندو هو. ڪچي جا ماڻهو چيٽن کان واندا ٿي پوءِ شڪار جي ڪندا هئا.
درياهه جي کاٻي پاسي نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير کان ڏکڻ طرف لاکاٽ ٻيلو آهي. لاکاٽ ٻيلي ۾ شڪار گهٽ هوندو هو. ڪتن جي باهوڙ ۽ شڪارين جي خوف کان ڪي جانور جاگير مان ٽرڪي جوءِ ڇڏي لاکاٽ ٻيلي ڏانهن رخ ڪندا هئا. جاگير مان شڪار نه لڳڻ جي صورت ۾ شڪاري لاکاٽ ٻيلي ڏانهن هليا ويندا هئا. لاکاٽ ۾ ڪاٺ گهڻو وڍبو هو. لوٺ گهڻي هوندي هئي. مونکي هن ٻيلي کان وحشت ٿيندي هئي.
درياهه جي کاٻي پاسي واري هن سفر ۾ اڄ اسين نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير مٽي، لاکاٽ ٻيلي ۾ داخل ٿيا آهيون. لاکاٽ وارو هي ٻيلو لاکاٽ پرڳڻي ۾ هو. سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ هتي سميجا انڙ اڪثريت ۾ آباد هئا. سميجن جا ڪيترائي پاڙا هئا، جيڪي اڳتي هلي ڌار ڌار ذاتين ۾ تبديل ٿيا. مثال طور سميجا انڙ، سميجا اوٺا، سميجا پريا، سميجا بڪيا، سميجا ٿيٻا، سميجا جوڻيجا، سميجا ڏاهري، سميجا دل، سميجا راهوجا، سميجا ساند، سميجا کيبر، سميجا ڪيريا، سميجا لاکير، سميجا دل سماواتي وغيره.
سيوهڻ جو هي خطو، جنهن کي سنڌ ۽ پنجاب جا لوڪ قلندر جي نگري سڏيندا آهن، اڄ به چکيا تي چڙهيل آهي. هن خطي جي تاريخ پڙهڻ سان ڄاڻ ملي ٿي ته، 326 ق،م ۾ سڪندر اعظم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته، هن خطي تي سامبس جي حڪمراني هئي. سامبس کي سائين محمد ابراهيم جويو سمن سان تعبير ڪيو آهي. هن علائقي کي سنديمن سڏيو ويندو هو. سامبس ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا. هنن لوڪن سڪندر اعظم جي فوج سان وڏي ويڙهه ڏني. آخر مقابلي جي ست نه ساري لڪيءَ جي پهاڙن تي چڙهي ويا، جتان گوريلا ويڙهه شروع ڪيائون. بهرحال ڪجهه وقت کان پوءِ ليمبرگ موجب، سياسي مصلحتن خاطر سڪندر اعظم سان ٺاهه ڪيائين ۽ سڪندر کيس وائسراءِ مقرر ڪيو. اڳتي هلي هن آزادي جو اعلان ڪيو يا بغاوت ڪئي ۽ نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. (سنڌ ۾ قديم آثارن جا ماڳ ص 173)
اڳوڻي دور ۾ لاکاٽ وارو خطو لوهاڻه پرڳڻي ۾ شامل هو. لوهاڻه پرڳڻو تمام وڏو هو. هن پرڳڻي ۾ پراڻو نوابشاهه سڄو ضلعو، حيدرآباد ضلعي جو تعلقو هالا ۽ سانگهڙ ضلعي جا شهدادپور ۽ سنجهورو تعلقي وارا علائقا اچي ٿي ويا. هن ۾ لاکن، سمن ۽ سهتن جي ايراضي شامل هئي. راءِ گهراڻي جي آخري دور ۾ لوهاڻه پرڳڻي جو حاڪم “اگهم” لوهاڻو هو. هو وڏو بهادر هو. چچ اٽڪل سان اروڙ جو تخت حاصل ڪيو ۽ اگهم تي چڙهائي ڪيائين. وڏي جنگ لڳي. اگهم برهمڻ آباد جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي سڄو سال ويٺو رهيو. ان دوران اگهم وفات ڪئي. چچ ان جي پٽ سان ٺاهه ڪيو ۽ اگهم جي بيواهه زال سان شادي ڪيائين ۽ پنهنجي ڀائٽي ڏهر سينه جي نياڻي اگهم جي پٽ کي پرڻايائين.
هڪ ڊگهي خاموشي کان پوءِ مغلن جي دور ۾ لاکاٽ الڳ پرڳڻي جي صورت ۾ سيوهڻ سرڪار جو حصو نظر اچي ٿو. هن دور ۾ سڄي سيوهڻ سرڪار سورن ۾ هئي. باغبان، ڳاها، سن، پاٽ، بوبڪ، سيوهڻ حويلي، جوڻيجا ۽ لاکاٽ پرڳڻا عذاب ۾ هئا. مغلن جي دور ۾ لاکاٽ پرڳڻي جي سميجن انڙن سان جيڪي ويل شمشير خان ازبڪ ۽ احمد بيگ وهايا، ان سان تاريخ مظهر شاهجهاني ڀري پئي آهي. لاکاٽ واري هن خطي جي جيڪا صورتحال رهي، ان کي سمجهڻ لاءِ تاريخ مظهر شاهجهاني جو هي جملو ڪافي آهيِ “درعمل احمد بيگ خان بالکلدھ اين پرگنہ رامردم سميجا انڙ ويران کر دند”. (مظهر شاهجهاني ص 78).
ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نصير محمد سيوهڻ جي مغلن کان هي پرڳڻو اجاري تي حاصل ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ساهتي پرڳڻو به ميان صاحب جي قبضي ۾ اچي ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾، جڏهن سندس ڀاءُ ميان محمد دائود مخالفت ڪئي ته، ميان صاحب ان ڏانهن پيغام موڪلي کيس لاکاٽ پرڳڻي ۾ وڃي رهڻ لاءِ اجازت ڏني. ميان نور محمد جي وفات وقت هن جيڪو وصيت نامون لکيو، ان ۾ لکيائين، “پرڳڻو لاکاٽ جيڪو سرڪار سيوستان ۾ آهي ۽ پرڳڻو لڌو گاگن روهڙي سميت نورچشم راحت جهان خداداد خان کي ڏجن ٿا.” (تاريخ سنڌ جلد دوم ص 256)