ڪنهن دور ۾ دولتپور امير شهر ليکيو ويندو هو. صفن واري پتڻ ذريعي هِي شهر سيوهڻ سان ڳنڍيل هو. ان ئي پتڻ جي نسبت سان دولتپور صفن سڏيو ويندو هو. هِي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو سرحدي شهر هو. سنڌ جي ٻن اهم واٽن جي چوسول تي هِي شاهوڪار وسندي قديم زماني کان قائم رهندي آئي آهي. انهن مان هڪ واٽ گجرات کان عمرڪوٽ، رتوڪوٽ، دوڙ، ٺل مير رڪڻ کان اچي دولتپور پهچندي هئي، جتان صفن وارو پتڻ ڪراس ڪري، سيوهڻ کان مٽي جهانگار وٽ ان وڏي واپاري واٽ سان گڏبي هئي، جيڪا ڀنڀور کان نڪري ڄنگهڙي، رني ڪوٽ، نئينگ، جهانگار، واهي پانڌي، خضدار کان قنڌار هلي ٿي وئي. ٻي واٽ ملتان کان بکر، اروڙ جو اولهندو پاسو ڏيئي روهڙي کان مٽي، ڪوٽڏيجي، هالاڻي، بهلاڻي، درٻيلو، مورو گچيرو کان دولتپور صفن، هالا، نصرپور، حيدرآباد وڃي، گجرات کان ڀنڀور ويندڙ واٽ سان گڏبي هئي. دولتپور مرڪزي شهر هو. هن تجارتي شهر جو واپار انهن خشڪيءَ وارين واٽن سان اٺن ذريعي ۽ صفن واري پتڻ سان سنڌو نديءَ تي ٻيڙين ذريعي هلندو هو. ان دور ۾ ڀنڀور، ديبل بندر ۽ ٺٽو مکيه سامونڊي بندر هئا. ڏيساور کان مال انهن بندرگاهن تي اچي لهندو هو، جتان پوءِ ٻيڙين ذريعي ڪوٽڙي، دولتپور صفن، جوڻالو، روهڙي، بکر ۽ ملتان ويندو هو. روانگي واپار به انهن پتڻن، بندرن ۽ بندرگاهن وسيلي هلندو هو. اهڙي طرح دولتپور جو هِي ننڍڙو خوبصورت شهر پنهنجي جاڙي پتڻ صفن ذريعي ڏيساور جي ولايتن سان ڳنڍيل هو.
سومرن جي ساڍا پنج سئو سالا شاندار حڪومتي دور کان پوءِ سمن جي سخاوت تحريڪ جي نتيجي ۾ حڪومتي اقتدار سومرن کان سمن ڏانهن منتقل ٿيو. سمن ڄامن جي پوڻا ٻه سئو سالا شاندار دور کان پوءِ سنڌ ملڪ شهبيگي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جون مارون کائيندو رهيو. ان ظالماڻي دور ۾ سنڌ جي ماڻهن خاص طور سومرن، سمن ۽ ماڇين سان جيڪي عقوبتون ٿيون ۽ ويل وهيا، ان جي نتيجي ۾ انهن نسلن جا لوڪ ڇڄي ڌار ٿي وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويا. ۽ روزگار خاطر پيٽ پالڻ لاءِ مختلف پيشن سان وابسطه ٿي ويا. پنهنجي پنهنجي پيشي يا شعبي جي لحاظ سان ان ال پويان سڏجڻ لڳا. مثال طور ميد ماهيگيري جي پيشي جي لحاظ سان ماڇي يا مهاڻا سڏجڻ لڳا. ٻين شاهي قبيلن لوهاڻن، سومرن ۽ سمن مان ڪپڙي اڻڻ وارا ڪوري ٿي ويا ۽ چمڙي جي ڌنڌي وارا موچي. ڪپڙي رڱڻ وارا کٽي، گهاڻو هلائي تيل جو ڪاروبار ڪرڻ وارا چاڪي، ڪاٺ جي ڌنڌي وارا ڊکڻ ۽ واڍا، لوهه ڪٽڻ وارا آڳڙيا يا لوهار سڏجڻ ۾ آيا. اهڙي طرح چاڪي جي ال سان سڏجندڙ سومرن جو هڪ ڪٽنب ڪنهن دور ۾ دولتپور ۾ اچي آباد ٿيو. رڳن ۾ شاهي نسل جي خون هئڻ جي ڪري، هي پنهنجي خودداري کان دستبردار ڪونه ٿيا. بلڪه نياز نوڙت سان گڏ شاهاڻي ڊگنٽي برقرار رکيو آيا. ويجهي ماضيءَ ۾ ڊگهي نظر رکندڙ تر جي ڀلوڙ وڏيري رئيس گلڻ ڄام ڏاهري (جيڪو پڻ شاهي نسل مان هو ۽ دولتپور ۽ ان جي پسگردائي ۾ سندس سرداري هئي.) سان هن ڪٽنب جا تعلقات وڌيا. 1960ع ڌاري جڏهن آئون دولتپور پڙهڻ آيس ته رئيس گلڻ ڄام جي حمايت سان دولتپور شهر جو چيئرمين ان ئي ڪٽنب جو حاجي قاسم سومرو هو. هي شخص قد جو پورو پنو، بت ۾ ڀريل، پڪيرڙو ڪڻڪائون رنگ، سڄو ڏينهن سماجي ڪمن ۽ شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪوششان رهندو هو. سندس فرزند سڪندر اسان سان گڏ پڙهندو هو. ڏاڍو سُهڻو هوندو هو ۽ نهايت ئي شريف لڳندو هو. شهر جي آباديءَ ۾ اڪثريت راجپوت رانگڙن جي هئي، جيڪي ورهاڱي جي نتيجي ۾ هندستان کان لڏي آيا هئا ۽ سنڌي هندن جي ڇڏيل دڪانن، خوبصورت محلن ۽ ماڙين جا مالڪ بڻجي ويا هئا. شهر ۽ پسگردائيءَ وارن راڄن ۾ ڏاهري، سومرن ۽ سمن جي نسل وارا مختلف نکن سان سڏجندڙ هوٿيپوٽا، اوٺا، ڪاٺيا، راهو، پريا، ڊکڻ، کٽي، لوهار، ڪوري ۽ ڪنڀار وغيره اچي ٿي ويا. هڪ ڪٽنب لانگاهن جو به شهر جي ڏاکڻين ڇيڙي تي رهائش پذير هو. هي ملتان تي حڪومت ڪندڙ لانگاهه قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا. اتان لڏي درٻيلي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ آيا.
اتان وري ڪي ڪٽنب زماني جي گردشن ڪري لڏي شاهپور جهانيان جي اوڀر طرف موري تعلقي جي سکن جي نسبت سان سڏجندڙ تپي خالصي ۾ اچي ويٺا. زماني جي حادثن خاص طور ويجهڙائي واري ڌاڙيلي ڪلچر واري دور ۾ آهستي آهستي لڏيندا دولتپور جي پاسي ۾ اچي ويٺا. زمينون هٿ ڪيائون، پڙهي لکي ۽ ڪاروبار ڪري پنهنجي سهنجي وارا ٿيا. سومرن جي ڪٽنب جو پنهنجي هنر ۽ ڪاروبار سان گڏ تعليم ڏانهن لاڙو هو. هن ڪٽنب مان سائين محمد عيسيٰ سومرو پڙهي ماستر ٿيو. قدآور، بردبار، باوقار، معصوم چهري وارو هِي فرشته صفت انسان پڙهائڻ ۾ هوشيار ۽ محنتي هو. مونکي تمام گهڻو ڀانئيندو هو. اسان جو ڳوٺ دولتپور شهر کان يارنهن ميل پري هو. منهنجو ماما محمد بخش لغاري دولتپور اسڪول ۾ استاد هو. ان للهانگري سان منهنجي داخلا به لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول دولتپور ۾ ڪرائي وئي. ان وقت هيڊ ماستر سائين محمد نوح ميمڻ هوندو هو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مسٽر ڪمالاڻي آيو ۽ پوءِ سائين عبدالفتاح ميمڻ هيڊ ماستر مقرر ٿيو، اسڪول جا سڀ اُستاد پڙهائڻا ۽ مارڻا هوندا هئا. سائين شمس الدين ڪورائي، سائين محمد عيسيٰ سومرو ۽ منهنجو ماما محمد بخش لغاري پڙهائڻ جا هوشيار ۽ مارڻ جا جڏا هوندا هئا. اصل ڪنهن به شاگرد کي ڪڏهن ڪو ڇينڀو به ڪونه هنيائون. سڀني استادن ۾ گهڻو مارڻو سائين ڏاهري هوندو هو. ٻئي نمبر تي سائين عبدالغني درس هو، انهن جي ڪلاسن جا شاگرد هوشيار هوندا هئا. سائين غلام قنبر لانگاهه به چڱو مارڻو هو. ٻين استادن ۾ سائين عزيز الله ملهوجو ٻگهيو ۽ رانگڙ راجپوت استاد ڪبير، سائين اقبال ۽ سائين وزير وارا هلڪي سلڪي تنبيهه پيا ڪندا هئا. دولتپور جو شاندار شهر اڄ به سنڌي هندن جي ڇڏيل عمارتن، محلن ۽ ماڙين جي ڏيک سان نهايت ئي خوبصورت لڳندو آهي پر اهي استاد سڀ جا سڀ لڏي ان پار هليا ويا جتان ڪوبه اڄ ڏينهن تائين واپس ناهي وريو، البته انهن جي ڪيڙيل شاگردن مان ڪو ڪو حال حيات آهي ۽ پنهنجا ڪيتا پيو لوڙي. سنڌي هندن جي پڙهيل لکيل ۽ واپاري طبقي جي لڏي وڃڻ کان پوءِ دولتپور صفن جو اهو عروج برقرار رهي نه سگهيو. درياهه بادشاهه ۾ پاڻي سڪي وڃڻ جي ڪري ٻيڙين جي آمد و رفت ختم ٿي وئي. صفن وارو پتڻ برباد ٿي ويو. ٻيڙين ذريعي هلندڙ واپار بيهي ويو. خشڪي وارن واٽن سان هلندڙ واپار به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، ان خوفناڪ تبديليءَ جي ڪري دولتپور صفن سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور سڪار بدران ڏڪارجي ويو.