ڳالهيون ڳنوارن جون … سمن جي تخت گاهه ساموئيءَ جو تصوراتي نقشو

0
133
ڳالهيون ڳنوارن جون ... سمن جي تخت گاهه ساموئيءَ جو تصوراتي نقشو

 مڪلي جي ٽڪريءَ جي سيرانديءَ ۾ ساموئي جي هن پٽ تي ويٺي شام جون هي افسرده ۽ اداس گهڙيون گذري رهيون آهن. خيالن جي تيز رفتار هينئڙي کي اڏائي شاندار ماضي ڏانهن وڃي ٿي رسائي. سمن جي تخت گاهه ساموئي جي عروج جا ڏينهن اکين اڳيان ڦري ٿا وڃن.

سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي شهادت کان پوءِ سنڌ ملڪ جون واڳون، سنڌ جي ئي هڪ باوقار قبيلي سمن کي منتقل ٿيون. سومرن جي دور ۾ هر طرف ساوڪ ۽ خوشحالي هئڻ جي باوجود، ڀَٽن، ڀانن، چارڻن ۽ منگتن هر وسندي ۽ ويڙهي ۾ سمن جي سخا جا داستان ڳائي، عام ماڻهن جي دلين ۾ سمن لاءِ همدردي جي جاءِ اڳ ئي جوڙي ورتي هئي. اسين پنهنجن لکڻين ۾ ان کي سخاوت جي تحريڪ لکندا رهيا آهيون. سومرن جا وسايل شهر، سمن کي ڪين آئڙيا، هنن مهلائتو ۽ صحيح فيصلو ڪري، مڪلي جي پُرفضا ٽڪريءَ جي سيرانديءَ ۾، ساموئي جي پٽ کي سنڌ جي گاديءَ لاءِ منتخب ڪيو. سومرا ڪمزور ٿي چڪا هئا. هاڻ سمن حڪمرانن جي مد مقابل سواءِ دهلي جي ٻيو ڪير به ڪونه هو، جتي جا ٺڳ ان دور ۾ به مشهور هئا. ساموئي ۽ ٺٽو دهلي کان ڪافي ڏور هئا. درياهه بادشاهه پنهنجو رخ مٽائي ٺٽي جي ڏکڻ طرف وهڻ لڳو هو ۽ اها مضبوط دفاعي لائين هئي. هاڻ سنڌ جي حفاظت لاءِ اتر ۾ کيرٿر جا سنگلاخ پهاڙ ۽ اوڀر ۾ ٿر ۽ ڪونجي جو رڻ ته هئا پر گادي واري شهر جو محافظ اهو درياهه هو. تحفته الڪرام ۽ ٻين تاريخن جي ٽاڻن مطابق هي شهر ڄام بابيني (ڀنڀي) اول جي دور ۾ تعمير ٿيو ۽ ڄام بابيني دوئم ان کي نئين سر اڏارائي وڌيڪ خوبصورت بڻايو.

ساموئي جي پٽ تي سمن جون حويليون تعمير ٿيڻ لڳيون. زرخيز زمين تي چوڌاري باغ پوکايا ويا، جن ۾ صوف، ڏاڙهون، زيتون، ڊاک اڇي ۽ ڪاري، آما ۽ ليمان پوکايا ويا. ساموئي کي سڳنڌ ڀريو خوشبودار بڻائڻ لاءِ ولين وارا گلاب، موتيو، رابيل، چنبيلي، رات جي راڻي، زنگي، ڪيوڙي ۽ ٻين گلن جون ٻاريون ۽ ڪياريون لڳائي رنگارنگي بڻايو ويو. پاڻي جا ننڍا ننڍا حوض تعمير ڪرائي ۽ ننڍڙيون نهرون وهائي، انهن جي مٿان شيشي جون چادرون لڳائي، راڻين ۽ پٽ راڻين جي ورونهن ۽ سير و تفريح جو سامان مهيا ڪيو ويو. ٺٽي جي آڏاڻن تي اطلس ۽ ڪيمخواب جا ڪپڙا، کيس، لونگيون، لوئيون ۽ قئطونيون، پٽ راڻين جي پهرڻ لاءِ وافر مقدار ۾ موجود ڪري ڏنيون ويون. ٺٽي جي سچيت ڪاريگرن جي هٿن جون جوڙيل هاٿي جي ڏندن واريون عاج جون ٻانهيون گهڙائي رکيون ويون. ٺٽي جي سونارن کان سون ۽ چاندي جا زيور ٺهرائي سنڌي سمنڊ ۾ ٽٻي غوطا کائي غواصن هٿان هٿ ڪري، ڪڍي آيل سچن موتين جون مالهائون جوڙائي، راڻين ۽ پٽ راڻين جي نشاط جو بندوبست ڪيو ويو. شهر ۾ ڪارخانا قائم ڪري، ڪهنن ۽ قابل لوهارن کي تکيون تيغون ۽ تلوارون ٺاهڻ تي لڳايو ويو. عام ماڻهن جي خوشحالي ۽ کاڌ خوراڪ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو. جبلن تي تِر، ٻاجهريون، جواريون هيٺ ڪڻڪ ۽ ساريون ۽ ٿر ۾ گواريون ۽ ٻاجهريون ۽ ٻيا ڀلا فصل ٿيڻ لڳا. اناج جا ڪاسا، ٽويا، پاٽيون ماپي ماڻي عام ماڻهن ۾ ونڊي ورڇي ورهائي ڏنيون ويون. ڍل جي مد ۾ گڏ ڪيل ۽ ڪافي خريد ڪيل اناج کڻائي آڻي گدام ڀرائي رکيا ويا. ساموئيءِ کي سائو سٺو ۽ ستابو بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي ساموئي ٻهڪڻ ۽ چهڪڻ لڳي. وهانءُ، شادي يا ڪنهن منهه مارڪي جي موقعي تي سميون سينگار ڪري نڪرنديون هيون ته عطر اوتجي ويندا هئا ۽ سڀ ڪاڄ سڌا ٿي پوندا هئا.

ڪوڙين ڪاڄ سڌام، اڻ سڌو ڪونه رهيو (لطيف)

بهار جي موسم اچڻ تي وڏڙيون توڙي نوجوان ننڍڙيون باغن جي سير لاءِ اونچي ڳاٽ اينديون هيون ته پکي پکڻ گيت ڳائڻ لڳندا هئا. هار سينگار جي اهڙي ڳالهه جو، شاهه لطيف جي لفظن ۾: “سون ورنيون سوڍيون رپي رانديون ڪن” واري ڪار هئي. وڄ جي تجلين جهڙيون راڄ راڻيون، عاج جون ٻانهيون پائي، چوٽا چندن واسي، پٽ جون پينگهون وٽائي ليمن جي لامن تي لڏنديون ۽ چندن آج جا چرخا ڪيوڙن هيٺ ڪتينديون هيون.

پينگهه وٽايو پٽ جي ليمي لام لڏن.

چرخا چندن آج جا، ڪيوڙي هيٺ ڪَتن (لطيف)

پنهنجن ٻچڙن، ناز پرور نياڻين، سهڻن شهزادن ڏي نهاري خوشي مان ٽهڪ ڏينديون هيون، اهي ٽهڪ مڪلي جي ٽڪري سان ٽڪرائجي، پڙاڏا بڻجي واپس ورندا هئا ته پکي پکڻ جهومي پوندا هئا. دربار لڳندي هئي، رتبي آهر، امير امراءُ پنهنجن پنهنجن جاين تي براجمان ٿي ويهندا هئا. امور حڪمراني کان فارغ ٿي عام خلق جي داد رسي ڪبي هئي. سما سخي هئا. دهرا دان ڏيئي منگتن ۽ مڱڻهارن کي پنهنجو ڪري ڇڏيون هئائون. انهن چارڻن ۽ ڪيرتن پنهنجا چنگ چوري ۽ ڪينر وڄائي، سمن جي سخا جا داستان سڻائي، عام خلق کي حڪمرانن جي ايڏو ته قريب آڻي بيهاريو هو جو حاڪم ۽ محڪوم جو ڪو سنڌو به ڪونه هو. سمن سلطانن جا در غريب اٻوجهه لوڪن لاءِ سدائين کليل ۽ منتظر هوندا هئا. “ننڍي وڏي گندري مٿي ماڙي ڌوم” واريون لطيف سرڪار جون چوڻيون ان جو مثال آهن. عوام پنهنجي محبوب حاڪمن ڏانهن، دور دراز علائقن کان سوکڙيون موڪلي سرها پيا ٿيندا هئا. بِهه، مڇي ۽ لوڙهه سمن ڏانهن سوکڙي ٿي پيون اينديون هيون.

سجاڳ سچيت سرحدي رکپالن کان دهلي جي ڪنهن گهل جي اچڻ جو اطلاع حڪام تائين پهچندو هو ته تيز رفتار گهوڙن تي چارڻن هٿان پڙها ڏياريا ويندا هئا. جنهن به پڳ جو ور ڏنو هو، اهو اتان ئي کنو کنيو جنگ جي ميدان تي پهچي ويندو هو. دشمن جي گهل پهچڻ کان اڳ ئي سمن جون چاڪ و چوبند فوجون پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ چوڪس ٿي وينديون هيون. جنگ لڳندي هئي ته شڪست دشمن جو مقدر بڻجي ويندي هئي. تاريخ فيروز شاهي ان مثال لاءِ ڪافي آهي.

غير ملڪي تجارتي ٻيڙن کان ڪوبه ناجائز سونگ ڪونه ورتو ويندو هو. لنگر انداز ٿيل ٻيڙن تان سما شهزادا پاڻ خريداري ڪرڻ ايندا هئا ۽ دل گهريا دان ڏيئي سوداگرن کي همٿايو ويندو هو. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ جنسن ۽ سامان جا ٻيڙا ڀرجي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا. توڙي جو ان دور جي اقتصادي معاشي حالتن جو ڪو خاص رڪارڊ ڪونهي. سنڌ جون سموريون تاريخون رڳو حاڪمن، جنگي معرڪن يا ان دور جي پيرن فقيرن ۽ اوليائن جي ذڪر سان ڀريون پيون آهن پر پوءِ به لوڪ ادب جي داستانن مان ملڪ جي خوشحالي ۽ اقتصادي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. سمن ڄامن جو سخا ۾ منگتن کي دل گهريا دان ڏيڻ، ناڻو لٽائڻ، ڀلا گهوڙا ۽ مينهون ڪاهي ڏيڻ جا مثال اهو ٻڌائين ٿا ته ملڪ ۾ ڪيڏي نه آسودگي هئي. مير علي شير قانع جي مڪلي نامي ۽ طاهر محمد نسياني جي تاريخ طاهري مان ان دور جي سماجي معاشرتي ۽ ثقافتي سرگرمين جي بخوبي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن مان ان دور جي اقتصادي خوشحالي ۽ سماجي ڀلائي جي تصوير اڀري اڳيان اچي ٿي.

اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال جي ڄاڻ نه هئڻ ڪري تاريخون، درٻاري منشين جا روزنامچا ٿا لڳن، جن ۾ حڪمرانن جي گهوڙن جي سنبن سان ماريل لاشن جا ڍير، ڪنگرن تي ٽنگيل سرن ۽ ڪرنگهن جون قطارون ۽ جنگي معرڪن جا تير پتيرا داستان شد و مد سان لکيل ملن ٿا. ڏڪار به ضرور ايندا هوندا پر هن ملڪ جي جاگرافي ڀاڳ ڀري آهي. هتي جابلو سلسلا آهن انهن جي پوٺن تي ماڻهن جي محنت سان ٺاهيل ٻنڌيون، برسات ۾ انهن تي آباد ٿيندڙ کيٽ، هر طرف هريالي ٿي ويندي آهي. درياهه جا ڪچا چيٽي فصل لاءِ بنهه ڀلا آهن.

/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

 ٻيلن مان ماکي لاک کنئور جي پيداوار ٿيندي آهي. ڪاٺ ڪم اچي ٿو. اهي سڀ خوشحالي آڻڻ جو سبب بڻجندا آهن. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ سڄي خوشحال ۽ شاهوڪار هئي.

سامهون بيٺل وڻن تي ڪانگن اچي ڪانگيرو ڪيو آهي. ان شور و غل تي خيالن جو سلسلو ٽُٽي ٿو وڃي. آئون موٽي ساڳئي ماڳ تي ٿو اچان. سج بسمل پکيءَ وانگر ڌرتي تي ڪري رهيو آهي. کينءَ جهڙي لالاڻ جا ڪرڻا ڀوائتا ٿيندا پيا وڃن. منهنجا ساٿي اڃان ڪونه رسيا آهن. خدا شل خير ڪري.