ڳالهيون ڳنوارن جون … سدائين سورن ۾ گذاريندڙ ٿر جو هاري

0
27
ڳالهيون ڳنوارن جون ... سدائين سورن ۾ گذاريندڙ ٿر جو هاري

 ٿر ۾ علو ڪوٽڙيو جو هڪ ڀريو ڀڪلو شاندار ڳوٺ موجود آهي. علو جا وڏا راجپوت نسل سان تعلق رکندڙ هئا. هندستان ۾ ڪوٽلو (جيڪو هاڻ تعلقو آهي) هنن جو ڳڙهه هو. علو ڪوٽلو جي پٽيل جو دادلو پتر هو. چون ٿا هو وڏو ڪوڏ چٽ هو. هڪ ڀيري ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري پنهنجي سرتين سان تڙ تان پاڻي ڀري اچي رهي هئي. علو ڪوڏ مان ان جي گهاگهر کي چِٽيو. چٽ گسي وڃي نينگري کي لڳو ۽ نينگري فوت ٿي وئي. علو ڳوٺ ڇڏي ٿر ۾ اچي سوڀارو شاهه ۾ رهڻ لڳو. اتي ئي مسلمان ٿيو ۽ هڪ سنگراسڻ ڪنوار ماڻيائين. موجوده پٽ تي ڍاڻي ٻڌي کوهه کوٽايائين. علو ڪوٽڙيو جو کوٽايل ڏيڍ سو سال پراڻو کوهه ۽ ان دور جو نم جو وڻ اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. علو جو پونئير ڪوٽلو پويان ڪوٽڙيا سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ ۾ هينئر ڪوٽڙيا، ساند، سنگراسي، ڀيل، ڪولهي ۽ مينگهواڙ آباد آهن. هن ڳوٺ جو بنياد رکندڙ ۽ شاندار کوهه کوٽائي وسينهن ڪندڙ علو ڪوٽڙيو جي لاءِ چند دعائيه بيت زبان تي اچي ويا:

ادا علو ڪوٽڙيا، تو جي ٻڌا ڳوٺ،

سڪل سڙيل لوٺ، وڻ ٽڻ سڀ ساوا ٿيا.  (م.ب)

****

ادا علو ڪوٽڙيا، تو جي کوٽيا کوهه،

ٽهڪي پيا ٽوهه، ٻاجهاري جي ٻاجهه سين. (م.ب)

****

ادا علو ڪوٽڙيا، اچي ڏس پنهنجو ڪيڙ،

ماڻهو ڪريو ميڙ، تنهنجا ڳڻ ڳائين پيا. (م.ب)

علو ڪوٽڙِيو کي ٽرائيبيوٽ پيش ڪري، اسين روانا ٿياسين ته ڳوٺ جي مارن ۽ مورن مرڪندي اسان کي الوداع ڪيو.

اسين مهراڻي مان مٽي رهيا هئاسين. هر طرف ڀٽن مٿان ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي. مهراڻو ٿر جو انتهائي خوبصورت ڀاڱو آهي. مهراڻي جي بايوڊائيورسٽي ۾ اچي وڃن ٿيون، هتان جو وڏيون واري جون ڀٽون، مڙهيون ۽ مڙها، ترايون ۽ تل، ڏهر ۽ ڏرڙ، آباد ٻنيون، گئوچر لاءِ ڇڏيل مڙها ۽ اتي چرندڙ مال. هينئر آباديون آهن هر ڌڻ سان ڌراڙ پهريل آهي. انگريزن جي دور ۾ جيئن مسٽر ريڪس لکيو آهي، ٿرپارڪر ۾ اٺن جو تعداد ڏهه هزار کن هو. ان دور ۾ ڇڪڙا اڃان ڪونه نڪتا هئا. باربرداري ۽ سواري اٺن تي ڪئي ويندي هئي. اٺ کوهن مان پاڻي ڪڍڻ ۽ هر ڦار لاءِ به ڪم ايندو هو. جيئن جيئن ٽرانسپورٽيشن جو ڪم آسان ٿيندو ويو، ٿرپارڪر ۾ اٺن جو تعداد گهٽجي ويو. ٻڪريون ٿرپارڪر ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. انگريزن جي دور ۾ هر سال پنج هزار کن ڏاند واپار لاءِ گجرات اماڻيا ويندا هئا. ڳائي مال جو تعداد ۽ واپار اڳ جهڙو ئي هلي رهيو آهي البت پئسي جو مان ڪونهي. ٻاڪرو ۽ ڳائو مال ٿرين جي پيٽ قوت جو وڏو سهارو آهي. رڍن جو تعداد به گهٽجي ويو آهي. رڍ نازڪ مال آهي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ان جو تڳيپو مشڪل ٿيو پوي. انگريزن جي دور ۾ ٿرپاڪر ۾ گهوڙن جو تعداد چوڏنهن سو کن هو. گهوڙن جون ٽنگون سگهاريون، بج کان لسيون ۽ ٺاهوڪيون هونديون هيون. (ٿر پارڪر جو احوال ص 105) هاڻوڪي دور ۾ گهوڙن جو تعداد به گهٽجي ويو آهي.

هينئر نومبر شروع ٿي چڪو آهي. فصل پچي راس ٿيا آهن. ٻاجهري، گوار، مڱ، تر، موٺ لڻي ڳاهي وائري هاري ڪجهه گهر کڻي وڃي رهيا آهن ته ڪجهه واپارين کي ڏيئي قرض چڪائي رهيا آهن. توڙي جو مارڪيٽ ۾ مهانگائي جي حساب سان اگهه گهٽ آهن پر پوءِ به ان آهي ته ايمان آهي واري ڪار آهي.

گهڻو پوئتي ڪونه ٿا وڃون انگريزن جي دور جو رڪارڊ موجود آهي. آڪٽوبر مهيني کان سرڪاري ڪاردار (ائين کڻي سمجهو ته اڄوڪي دور جو مختيارڪار) حد جي زميندار سان گڏجي جمع بندي لاءِ نڪرندو هو ۽ پڪل فصل جي دان بندي ڪري روڪ ڏوڪڙن جي صورت ۾ سرڪاري حصو مقرر ڪندو هو. ٿر جا پنڌ اڻانگا، سي به اٺن تي. جمع بندي ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويندا هئا. هارين کي ڪنهن هڪ جاءِ تي کرا رکڻ جو حڪم ڪيو ويندو هو. هاري ويچارو ول ڊوهي ان مقرر جاءِ تي کرن ۾ اچي گڏ ڪندو هو. ڳاهه ڳاهي وائري ڇنڊي ڦوڪي راهه ڪري ويٺو نهاريندو هو ته ڪڏهن ٿا سرڪاري ڪارندا اچن ۽ سرڪار جو حصو (ڍل) کڻي وڃن. مهينن جا مهينا هاري ويچارو پنهنجي ان تي چوڪيدار ٿيو ويٺو هوندو هو. هن کي اختيار ڪونه هو، جو ان مان داڻو کڻي کائي. پنهنجي ان هوندي سوندي به ڀلي ملهه وڃي وٺي کائي يا قرض تي کائي. ٻيو آزار اهو هوندو هو جو جمع بندي ڪرڻ وقت، جي ڪنهن هاري جو پاڇاٽو فصل اڃان سنگن ۾ هوندو هو يا فصل ڪچو هوندو هو ته ان جي ڍل به اندازي تي مقرر ڪئي ويندي هئي. بعضي پيداوار سرڪاري تخميني کان گهڻو گهٽ لهندي هئي ۽ صحيح انگن اکرن کان ڪاٿو وڌيڪ لڳايو ويندو هو ته هاري جا وڻ ئي وڄي ويندا هئا. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ۽ اڄ به ٿي رهيو آهي ته اناج مارڪيٽ ۾ پهچڻ ساڻ ئي ان جو اگهه گهٽائي ڇڏيندا هئا. هاري ويچاري کي ڀرڻا ڀرڻ کان پوءِ ڪجهه به ڪونه بچندو هو.

ٿر جو هاري آبادگار جهڙو اڳي سورن ۾ هو، هاڻ به اهڙي ئي ويل ۾ آهي. پوءِ به ٿر جي واري ۽ وٿاڻن سان وفاداري ۽ ساڻيهه جي سڪ هنن لوڪن کي ٿر کان پري ٿيڻ ڪانه ٿي ڏئي. ٽالپر اميرن جي دور ۾ ڏيپلي پار جا ڪي سوڍا سردار ۽ ڍاٽي قبيلن جا ماڻهو آفيسرن جي عتاب کان ٿر ڇڏي وڃي ڪڇ پهتا. ڪڇ جي راءِ انهن کي نوڪريون ڏنيون ته وڃي سرڪاري زمينون آباد ڪريو. ٽالپر امير ڪڇ جي راءِ سان صلح واري، انهن سوڍن سردارن کي ته پرچائي واپس وٺي آيا پر ڍاٽي قبيلن جا غريب لوڪ ڪڇ ۾ ئي رهجي ويا ۽ راءِ صاحب جي هاريپ ڪندا رهيا. آيو انگريزن جو دور ته انهن ڍاٽي قبيلن کي اچي ٿر جي اڪير ورايو. نيٺ راءِ صاحب کان موڪلائي واپس وري اچي پراڻن پڊن تي پهتا. ان سان به ڪي مسئلا پيدا ٿيا. ڪي ٻنيون جيڪي ان عرصي دوران خالي پيون هيون، ٻين ماڻهن اچي آباد ڪيون. ان مسئلي جو حل وري هينئن ڳوليائون جو جيڪي زمينون اڃان خالي پيل هيون ڪڇ مان واپس وري آيل لوڪ انهن  تي ڍاڻيون اڏي، ويئرون کوٽي ويهي ويا ۽ پنهنجي مال رزق ۽ ٻني مان ايندڙ ٿوري گهڻي اپراسي تي ئي راضي ٿي رهڻ لڳا. انهن ڍاٽيئڙن تي لطيف سرڪار جو هي بيت ڪيڏو نه ٺهي ٿو بيهي.

ننگا آهيون، نڱڻا، اسين مارو لوڪ،

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو. (لطيف)

ٿر سچ پچ ڍاٽيئڙن جو ڍڪ آهي. انهن ڍاٽي لوڪن جي ڪڇ مان موٽي اچي پنهنجا پڊ، ڀيڻيون ۽ ڀاڻ وسائڻ تي ڀٽ ڌڻي جو هي بيت به ڪيڏو نه مهلائتو آهي.

وهيان ٿيڻ وٿاڻ، ڏوکائي هئان جي،

اوءِ ڀيڻيون ۽ ڀاڻ، موٽي مارن اڏئا. (لطيف)