ڳالهيون ڳنوارن جون … ساموئيءَ جا سٻاجهڙا ماڻهو ۽ شيل شڪار

0
166
ڳالهيون ڳنوارن جون ... ساموئيءَ جا سٻاجهڙا ماڻهو ۽ شيل شڪار

 هن ڀيري سير و سفر جي شروعات ساموئيءَ جي پٽ کان ٿي. هن سفر دوران پاڻ سان گڏ هم سفر ساٿين جي اوهان سان سڃاڻپ ڪرائيندو هلان. علي نواز جاکرو حاجي نمازي ساموئيءَ جي پڊ جو مڙس ماڻهو ڀلون ڀل ڀاڳيو، وچن پاڙڻ وارو، اوکي مهل ڪم اچڻ وارو، سٻاجهڙو انسان آهي. ٻه شاديون ڪيل اٿس. پنهنجن ڀائرن جي ڀلوڙ ڪيڙ سان گڏ رهندو آهي ۽ آسودي زندگي گذاريندو آهي. الهڏنو هيجب به هن پٽ جو ارڏو ۽ اڻ موٽ، محنتي ۽ محبتي ماڻهو آهي. کل ڀوڳ چرچي وندر ۽ ورونهه وارو هي شخص هاڻ موٽيل هئڻ جي باوجود هشاش بشاش لڳندو آهي. ٻه شاديون ڪيل اٿس. ٻارهن تيرهن ٻار اٿس. ڏلها کڻي محنت مزدوريون ڪري اڳتي وڌي آيل، هاڻ خوشحال ۽ آسودو آهي. محمد علي جاکرو ساموئيءَ جي پٽ جو مسڪين ماڻهو آهي. سدائين منهن تي مرڪ، ٽهڪن تي ٽهڪ. غربت جي ڪري ڪنوار ڪٿان به ڪانه ٿي مليس. پوءِ هڪ ملاحڻ مائي سيني تي هٿ هڻي هاڪار ڪري ويٺي. گهوٽ ڪنوار لانئون لڌيون. شادي ٿي. ڪجهه وقت خير خوبي سان گذريو، هاڻ ٻنهي جا ڄنڊن ۾ هٿ آهن. نه مڙس کان ڪم پڄي، نه زال کان گهر هلي. البته مائي ڪُني مانيءَ جي سگهڙ ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار آهي پر همراهه ضد تي چڙهيل آهي ته ٻي شادي ضرور ڪندس. ٽئي همراهه رڄ راڄائتا، پرائي سڄي ڪرڻ وارا، شڪارن جا شوقين، سنگت سان ڪچهرين ۾ راتيون وهائي ڏينهن ڪرڻ وارا مڙس ماڻهو آهن.

گهڻو گهڻو اڳي جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌ جي درياهه بادشاهه جي ٻه درياهي هئي ته اولهه طرف واري شاخ هتان ساموئيءَ جي پٽن وٽان وهي، گهارو نار ۽ رتو نار ذريعي سمنڊ ۾ داخل ٿيندي هئي. باربيريڪان ۽ ڀنڀور وارا مشهور بندرگاهه به هن شاخ تي وسندڙ ۽ شاد آباد شهر هئا. انگريز عالمن جي راءِ آهي ته سڪندر اعظم جي فوج جو هڪ حصو هن درياهه جي ڪنڌي وٺي اڳتي وڌي ڪروڪولا تائين پهتو هو پر هتي آئون ٻي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهيان ته درياهه جي هن شاخ ۾ سانوڻي جي موسم ۾ اتر وارين جابلو بُٺين جو برساتي پاڻي کڻي کوڙ ساريون نئيون ۽ ڍورا اچي ڇوڙ ڪندا هئا. انهن ۾ اڀرندي طرف واري وڏي نئين بارڻ هئي. اونگر ۽ جهرڪن وارا ڍورا به وهي ايندا هئا. سونڊا، ساپا ۽ جهرڪن وارين ٽڪرين جو پاڻي به وهي اچي هن ۾ پوندو هو. نئين جهمپير، نئين لوٽ ماڻ، نئين جنگ شاهي ۽ نئين رن پٽياڻي ٻيون وڏيون نئيون هيون، جيڪي جبلن جو پاڻي کڻي هن درياهه کي ڀرتي ڪنديون هيون. آبڪلاڻي کان پوءِ، جڏهن درياهه ٿڌو ٿي رڳو پنهنجي پيٽ ۾ وهندو هو، ته به ان ۾ ايترو پاڻي ضرور هوندو هو، جنهن تي ٻيڙا آسانيءَ سان آمد و رفت جاري رکي سگهن. هيٺانهين يا ڊپريشن وارن هنڌن تي پاڻي بيهي ويندو هو ۽ ڍنڍون ۽ ڪوهريون وجود ۾ اينديون هيون. اهي سونهري، ڪينجهر، هڏيرو، ڇتيري، ۽ هاليجي واريون ڍنڍون ان ئي قديم دور جي پيداوار آهن. درياهه جي هي شاخ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ، انهن ڍنڍن جو تڳيپو فقط جبلن تان وهي آيل انهن نئين ۽ ڍورن تي هو. انگريزن اچي ڪينجهر ۽ هاليجي تي بند ٻڌي، انهن کي باقاعدي مستقل ڍنڍن جي صورت ۾ بيهاريو.

تاريخ شاهد آهي سومرا ۽ سما دهلي ۽ قنڌار جي گهلن سان وڙهندي مارجي ويا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خوب وارا وڄايا. ڪلهوڙن مان ڪجهه آسرو پئدا ٿيو ۽ سنڌ ڪجهه اک پٽي پر پوئين دور ۾ اهي به پاڻ ۾ وڙهي مري کپي ويا. ٽالپر اميرن به هٿ پير هڻي ڪجهه خوشحالي آندي پر پاڻ ۾ رسڻ پرچڻ جي نتيجي ۾ سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪري، ڏاڏاڻي ورهاست وانگر ورهائي کنيائون. عسڪري قوت ۽ ذهنيت جي ڪري اچي جانورن ۽ پکين جي پويان پيا. روجهون، هرڻ، ڦاڙها، تلورون، تتر ۽ ٻاٽيڀڙ انهن جي “ناز پرين” جو نشانو بڻجندا رهيا. (مير عبدالحسين سانگي جي هٿ جي بندوق جو نالو، “ناز پري” هو) نوبت ان حد تائين اچي پهتي جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن انگريزن هٿان سوڙها ٿيا ته، انهن کي اها وينتي ڪيائون ته سنڌو نديءَ مان ڀلي ٻيڙا ڪاهي پنجاب وڃو پر اهو سو خيال رکجو جو، اسان جو شڪار نه ٽهي. مهينن جا مهينا جهنگن، ٿرن ۽ برن ۾ تنبو هنيو لٿا پيا هوندا هئا. مير عبدالحسين سانگي جا شعر/غزل ان مثال لاءِ ڪافي آهن.

بدستم شدہ “ناز پوری”  تفنگ

کہ نزدش ز هي چست شيرو نھنگ  (سانگي)

غير شوخن جي، ۽ بغير شڪار

دل کي هرگز اچي ٿو ڪين قرار (سانگي)

آئون جتي ويهي پنهنجن همسفر ساٿين جو انتظار ڪري رهيو آهيان، اهو ڪنهن دور ۾ درياهه جو پيٽ هو. ڏکڻ طرف مڪلي جي ٽڪري ۽ ٺٽي ننگر جو شاندار شهر هو. هن پٽ جي اتر طرف کيرٿر جي پاڇاڙ وارا ٽڪر ڪروٺڙو جبل، لنياري واري بُٺي ۽ چڱل جا ٿڙا واريون بُٺيون اڄ به سلامت بيٺيون آهن. هن پٽ جي موجوده جاگرافيائي صورتحال هي آهي: هن پٽ جي اتر طرف کان اهو اهم واهه آهي، جيڪو انگريزن ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪلري بگهياڙ فيڊر لوئر مان ڪڍي، هاليجي ڍنڍ ۾ ان جي اوڀر پاسي کان ڇوڙ ڪرايو هو. ڍنڍ کي چوڌاري بند ٻڌي، وڻ پوکي ان کي خوبصورت بڻايو ويو هو. هن ڍنڍ جي ڏکڻ طرف کان ٻيو واهه ڪڍي داٻيچي آندو ويو هو، جتي فلٽر پلانٽ تعمير ڪري صاف ۽ مٺو پاڻي ڪراچي شهر کي پهچايو ويو هو. روزگار خاطر يا ڪنهن ٻئي سبب وڏي تعداد ۾ اپ ڪنٽري جي لوڪن جي لڏي اچڻ ڪري شهرن تي آبادي جو دٻاءُ وڌيو. ڪراچي گهڻو متاثر ٿي. ان کي پاڻي پهچائڻ لاءِ هن پڊ جي اتر طرف کان ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نالي واري اداري جي طرفان ڪينجهر ڍنڍ مان سڌو سنئون وڏو واهه کوٽي ڪراچي کي پاڻي جي رسد وڌائي وئي. هڪ ٻيو ويڌن، جنهن هن علائقي جي سڄي جاگرافي تبديل ڪري ڇڏي، اهو هو آر بي او ڊي جي اجگر سم نالي جو هن علائقي جي اتر طرف کان کوٽجڻ. هن نالي جي ٻنهي طرفن سم جي ڪري پاڻي جا دٻا ٺهي ويا ۽ زرخيز زمينون تباهه ٿيڻ لڳيون. ايريگيشن لاءِ هڪ ٻيو ڄام واهه جي نالي وارو مٺي پاڻي جو واهه به هن علائقي مان کوٽي وهايو ويو. اهڙي طرح ساموئي جي سونهن رفته رفته ختم ٿيندي وئي.

شام جا پاڇا وڌندا ٿا وڃن، هي واهيري جي وير آهي. تتر چڙهاڪن تي چڙهڻ لاءِ وڻن جي وٽ سان ڦري رهيا آهن. ڪانگ، جي ڪنهن هڪ هڙيءَ تي گڏجي رات گذاريندا آهن، اهي به ولر ڪيو وڃي رهيا آهن. ٻگها به وڻن تي ويهي رات ڪاٽيندا آهن ۽ اڪثر ڪانگن سان گڏ واهيرو ڪندا آهن، اهي به پنهنجن وڳرن سان ويندي پيا پسجن. پيڻون دَين جي چوڳي تي هڏيري ڍنڍ ڏانهن اڏامندي ڏسجي رهيون آهن. جيئن ئي سج پنهنجي ڪارگذاري پوري ڪري لهي ويندو ۽ رات جو راڄ شروع ٿيندو، ته پوءِ جيت جانور پنهنجن ٿمن مان نڪري کاڌي جي تلاش ۾ هلي پوندا.

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي راتيون جاڳي اهو مشاهدو ماڻيو آهي. مانچيسٽر جون ٺهيل ڀليون بندوقون کڻي، ڦاڙهن ۽ مِرن جي شڪار لاءِ پارڻن تي ويهي يا جيپن تي چڙهي سرچ لائيٽون ساڻ ڪري، ٻيلن جي پهن ۾ يا روهي جي ڀِٽن تي رات جي پهرن جا پهر رلندي گذاريا آهن. مهربان فطرت جي لاتعداد مهربانين سان گڏ هڪڙي مهرباني اها به ٿيندي رهي آهي، جو هٿ جو سڄو نه هئڻ ڪري، اڄ ڏينهن تائين نه ڦاڙهو، نه مِرون منهنجي هٿن سان شڪار ٿيو آهي. بس دوستن سان رلندي، فطرتي رنگينيون پسندي، ٽاهه کائيندڙ جانورن جون چمڪندڙ اکيون ڏسندي راتيون وهامي وينديون آهن.  ڳاڙهڪي ٻيلي وارو خانو ٻروچ، ساڪري وارو الهه پرايو منڌير، ڀاڏ جبل جو موسو جوکيو، ڪنداهه ٻيلي وارو پنهون چانڊيو يا ٻائو پورن داس ٻيلي وارا قادري ۽ جمن سومرو هجن. شڪار، چاڙها پچاڙا، ڪچهريون ۽ روح رچنديون رهاڻون. هي نماشام جي مهل آهي. همسفر ساٿي اڃان تائين ڪونه رسيا آهن. نگاهون ستين واري اداس قبرستان تان ڦري، جهنڊي پاتڻي جي مقبري تي اچي، ٽڪ ٻڌي بيهي رهن ٿيون.