ڳالهيون ڳنوارن جون … درياهه شاهه! تون اسان کان وسريو ڪونه آهين

0
19
ڳالهيون ڳنوارن جون ... درياهه شاهه! تون اسان کان وسريو ڪونه آهين

 درياهه جون ڳالهيون لکندي، قلم جولان ۾ اچي ٿو وڃي. درياهه ته درياهه هو پر ان جا واهڙ به درياهه جهڙي دهشت جو ڏيک ڏيندا هئا. ڀلي گهوڙي جي رفتار جهڙو تيز واهڙ لليا پتڻ يا موجوده دادو- مورو پل کان گهڻو اتر طرف جتوئي واري ڪيٽيءَ کان درياهه کان ڇڄي ڌار ٿي سئو ڪوهي وارا ور وڪڙ کائي، سيوهڻ کان وري به وڃي درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هي واهڙ جتان جتان مَٽيندو هو، مقامي ماڻهن ان جا الڳ الڳ نالا رکي ڇڏيا هئا. ان کي ڪٿي “چريو واهڙ” ته ڪٿي “ڇِتو واهڙ” سڏيو ويندو هو. ڪي ته ان کي “خوني واهڙ” سڏيندا هئا. سئو فوٽ ويڪرو ۽ پندرنهن فوٽ کن اونهو هي واهڙ آبڪلاڻي ۾ رعد وانگر رڙندو، ٻيلاٽيون ٻوڙيندو، ڪچي جي جاگرافيائي نقش نگاري جا چِٽ چِٽيندو اڳتي وڌندو ويندو هو. هڪڙي ڀيري مونکي به هن سائو واهڙ مان گذرڻ جو تجربو ٿيو هو. 1964ع جي ڳالهه آهي. مئٽرڪ جا امتحان ويجها هئا. ڳوٺاڻا شڪار تي سنبريا. شڪار جي جنون ۾ آئون به بابا سائينءَ جي بندوق چوري کڻي انهن جي پويان لڳي پيس. آبڪلاڻي جي مند هئي. درياهه ۾ ڌڌڪا هئا. ٻيڙي، ياد ٿو پويم ته هدايت الله ملاح جي هئي. سير ۾ لهواري ترندي پئي وئي. ڪٿي ڪپر ڪن ٿي ڪيا ته ڪٿي پٽيون ۽ لسهڙو هو. اوچتو اسين اوڀاري اوڙاهه ۾ وڃي اڙياسين. پاڻي چڪر کائي اوڀارو وهي رهيو هو. ٻيڙي ڪن ۾ اهڙي طرح پئي ڦري، جيئن ڏاند نار جي چوڌاري ڦرندا آهن. ٻيڙائتا مڙس ماڻهو هئا. انهن گهڻيون ئي پئي سڙهه کي سَٽون ڏنيون پر اڳيان به، لطيفي لفظن ۾، “آڏو چڪڻ چاڙهه منهنجي موج نه سهي مڪڙي” واري ڪار هئي. سڄاڻ ناکئن کي ڊپ هو ته ٻيڙي ڪبال ۾ وڃي آجهار واري پڪي زمين سان ٽڪرائجي پرزا پرزا نه ٿي وڃي. ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي اٺ، شڪاري ڪتا، پنجوڙون ۽ چالهيارو کن شڪاري موجود هئا. شايد انهن مان ڪنهن جو ٽڪر اگهاڻل هو، اوچتو درياهه پٽي ڪئي، پاڻي جيئن اڀاميو، ٻيڙيءَ کي کڻي وڃي، ڪن کان اڌ ميل اڳتي ڇڏيائين. سنئوڻ سٺو ڪونه هو پر اسين خير سان وڃي نائون مل جي ڪيٽي پهتاسين. سيٺ نائون مل جي ڪيٽيءَ تي پهچي هڪ ٻه مهاڙي تڙي وئي پر شڪار ڪونه لڳو. ڦاڙها گسائي پوئين پير نڪري ويا. شڪار جو اهو پهريون ڏينهن هو. سڀهه سٺو نه ڏسي، شڪارين موٽي عين واري ٻيلي ۾ هلي شڪار ڪرڻ جي صلاح ڪئي. اسين گهڻو ڏکڻ طرف نڪري ويا هئاسين. عين ٻيلو اتر ۾ هو. درياهه ۾ تک هئي. واءُ به اڻائو هو. ناکئي صلاح ڏني ته شڪراڻي واهڙي مان مَٽي، چرئي واهڙ مان اوڀارو هلي عين ٻيلي ۾ پڙاءُ ڪجي. شڪراڻين وارو واهڙ ننڍو هو پر ان جو وهڪرو تيز هو. ست اٺ همراهه لهي رس ڇڪڻ لڳا. لين، ٻٻرن ۽ ڪنڊين جا پالار اسان جا منهن رهڙيندا رهيا يا ائين چوان ته پري کان آيل شڪارين جا چهرا چمندا رهيا. هن ننڍي واهڙي مان مَٽي ڇِتي واهڙ مان پهچندي ڪافي وقت لڳي ويو. ڇِتي واهڙ مان ٻيڙي کي اوڀارو هاڪارڻو هو. پندرنهن همراهه به رس ڇڪيندي پورا نه پيا پون. پاڻي ڀلي گهوڙي جي رفتار سان وهي رهيو هو. پاڻي ۽ ٻيڙي واري ڪشمڪش وارو اهو منظر، سٺ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به وسريو ڪونه اٿم.

منهنجا پيارا پڙهندڙؤ، اهي سٺ سال اڳي جا احوال آهن، جيڪي اڄ توهان سان اوري رهيو آهيان. ڪالهه دادو- مورو پل وٽان گذرڻ ٿيو. دل اداسائي مان اڌما ڏيڻ لڳي. درياهه ۾ سينواريل گدلو سائو پاڻي ڏسي، اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن مند ۾ چيٽي لڙها ايندا هئا. اسان واري (وچولي سنڌ) تر ۾ انهن کي ماٽي يا ماٽري لڙها سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته هن مند ۾ مٽرن جون لوڙهون ٿينديون هيون. ان سان گڏ ٻيا چيٽي فصل جهڙوڪ چڻا، موهر، سؤنف، ڌاڻا وغيره به لهندا هئا. هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي يا اڄوڪي عرف عام لفظ ۾ آبادگار تڙ تڪڙ ۾ فصل گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويندا هئا. اهو ڊپ لڳندو هو ته متان چيٽي لڙهن سان ڍوريون ڍٻيون يا ننڍڙيون واهڙيون وهي پٽ پسائي فصل لوڙهي وڃن. انهن چيٽي فصلن سان لاڙڪاڻي ۽ سکر جون اناج بازارون ڀرجي سرهاڻ سان واسجي وينديون هيون.

خيري ديري ٻيلي جي وچان درياهه وهندو هو. درياهه جي ساڄي توڙي کاٻي پاسي گهڻا ئي ڀاڻ هئا. زنگي جتوئي جو ڀاڻ، گل حسن جتوئي جو ڀاڻ، ڪرڙ جتوئي جو ڀاڻ، نواب جتوئي جو ڀاڻ، غيبي ٻگهئي جو ڀاڻ، ٺارو خان نونڌي جو ڀاڻ، حاجي صالح شڪراڻي ٻگهئي جو ڀاڻ، راوت لغاري جا ڀاڻ، جانڻ لغاري جا ڀاڻ، حسن لغاري جا ڀاڻ، حاجي هاشم ٻگهئي جا ڀاڻ، دوسن لغاري جو ڀاڻ، کوسن جو ڀاڻ وغيره وغيره. گهڻو مشهور سرائي شوڪت علي لغاري جو ڀاڻ هو. سرائي پاڻ پوتر ۽ پاڪ درياهه جو پاڻي پي، ساري ڄمار پاڪ دامني ۾ گذاريائين. رڄ اشراف مڙس هو. پنهنجي پيءُ حاجي خان محمد احمداڻي جي ڇڏيل ڇهه سئو ايڪڙ زمين جو اڪيلو وارث هو. رهندو خيري ديري ۾ هو. مال سان عشق هئس. چار سئو کن مينهون هيون. ڪنڍيون، ڪاريون، ڀلون، ڏٻيون، چالون، گجريون، ٽهاڻيون، سڪرون، موملان مينهون هيون. چار سئو کن ڳئون، بگيون، ڪڪڙيون، ڪانوريون، گابيون جهنگ ڄايون، جهنگ نپنيون. چار سئو کن ٻڪريون، ڪاموريون، بڊيون، ٽپريون، جابلو، ائٺون، ڇيليون ۽ ڇيلا هئا. ان کان علاوه اورڀون ۽ ڪاموريون رڍون به ڳپل تعداد ۾ هيون. سرائي به جتوئين وانگر پنهنجي مال سڃاڻڻ جو ماهر هو. سندس هاري ۽ ڌراڙ ماڇي ۽ ملاح ذات وارا هوندا هئا، اهي سڀ سرائي جي پاڪ دامني، شرافت ۽ سخاوت جي ساک ڀريندا هئا ۽ سڱاونديون به سرائي جي صلاح سان ڪندا هئا.

مال اڪثر گور پيو چرندو هو. ڪجهه مال وٿاڻين به وري ايندو هو. شام جو مال جي موٽ ٿيندي هئي ته پاڻ اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪندو هو. جنهن ڍور کي تنواري سڏيندو هو ته اهو ڍور ڍڪون ڀري تنوار جو جواب تنوار سان ڏيندو هو. سرائي سال ۾ وڏي خيرات ڪندو هو، جنهن ۾ ويهه ڪوهي تان خلق اچي گڏ ٿيندي هئي. اها خيرات ٽي ڏينهن هلندي هئي. سرائي کي نرينو اولاد ڪونه هو. هڪڙي نياڻي ٿيس، جيڪا سندس ڀاڻيجي عبدالحميد خان احمداڻي لغاري جي نڪاح ۾ آئي. پاڻ سئي سڳي سميت سموري ملڪيت پنهنجي نياڻيءَ جي نالي ڪري ڇڏيائين.

اهڙا درياهه دل ڀاڳيا درياهه شاهه جي ڪنڌيءَ سان پنهنجي راڄ ۽ ڀاڳ سان خوش رهندا هئا. درياهه جي ڪچي وارو اهو سکيو ستابو دور هاڻ نه رهيو هو. نه مال رهيو نه مال جا ڌڻي ۽ نه ئي درياهه بادشاهه جا اهي جوش ۽ جولان.