ڳالهيون ڳنوارن جون … جبل جا مسڪين ماڻهو ۽ انهن جي غريبيءَ جو غم

0
10
ڳالهيون ڳنوارن جون ... جبل جا مسڪين ماڻهو ۽ انهن جي غريبيءَ جو غم

حضرت لعل شهباز قلندر جو هڪڙو شعر آهي:

يڪ ولايت با دو سلطان بادشاهي راست نيست

در ولايت دائماجز شور و غوغا ڪئي بود۔

(هڪ ملڪ ۾ جيڪڏهن ٻه بادشاهه هوندا ته اهو ملڪ هلي نه سگهندو،

اهڙي بادشاهي ۾ هميشه هل هنگامي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو).

هتي ته بادشاهه ئي بادشاهه نظر ٿا اچن. هر ضلعي، تعلقي بلڪه تپي جو به الڳ بادشاهه ٿو سڏجي.

هڪڙي ڀيري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن وارن جي دعوت تي گورک هل ڏسڻ جو موقعو مليو. موري مان جو نڪتاسين (مورو اڄڪلهه ٽانڊن تي پچي رهيو آهي) ته هڪڙي بورڊ تي لکيل نظر آيو، “فلاڻو سردار زنده آباد”. درياهه مَٽي دادو ضلعي ۾ داخل ٿياسين ته اتي لڳل هڪ بورڊ تي به ساڳيا اکر لکيل نظر آيا. پوءِ ته گورک تائين اهو جملو، ڪٿي ڪنهن پٿر تي، ته ڪٿي ڪنهن ديوار تي مختلف سردارن جي نالن سان لکيل نظر آيو.

دادو ۽ جوهي جي وچ وارو پٽ، جيڪو هينئر برپٽ ۽ بيابان لڳو پيو آهي، البت ڪي کوهه هن يتيم ڌرتي جو تيل اوڳاڇيندي نظر ايندا، سمن جي دور ۾ باغبان پرڳڻو سڏبو هو. سڄو پرڳڻو آباد هو. آبادي کوهن تي وڌي ويندي هئي. ٻنيون سرسبز. هر طرف هريالي ۽ خوشحالي هئي. هن پرڳڻي ۾ ان دور ۾ پنهور، ابڙا، سميجا، جوڻيجا، پريا، بڪيا ۽ ٿيٻا آباد هئا. ان خوشحالي جو ثبوت تاريخ جو اهو جملو اڄ به نشتر وانگر دل ۾ چڀي ٿو وڃي ته، “شاهبيگ ارغون پهرئين حملي ۾ هزار اٺ وهندڙ نارن مان ڇوڙي ڦري قنڌار ڪاهي هليو ويو هو”. مٿي ذڪر ڪيل راڄ ڏاڍو وڙهيا. مرڪزي حڪومت جو هيڊڪوارٽر ٺٽو هو. اتان فوجي ڪمڪ پهچڻ تائين، قنڌاري سڀ ڪجهه ڦري لٽي ڀڄي ويا هئا.

گاڏي جوهي مٽي ڪاڇي جي حد مان هلڻ لڳي. ڪاڇي جا پٽ ۽ پٽوڙا ساڳي ويراني جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا. مغلن جي دور ۾ هي علائقو نيرون پرڳڻي ۾ هو. هن جا شهر جوهي، ڇني ۽ واهي پانڌي ان دور ۾ مشهور شهر هئا. تاريخ مظهر شاهجهاني فارسي نسخي جي صفحي 66 تي لکيل آهي ته، “موضع چھار جوی ۔۔۔۔ این موضع بدست مردم “ماڇي” بود۔ بختيار بيگ ترڪمان آن جماعت را تاختہ استحصال نمود”. افسوس آهي نيرون پرڳڻي جي خبر نه پئجي سگهي آهي ته ڪٿي هو. خود يوسف ميرڪ تاريخ مظهر شاهجهاني جو ليکڪ هن ڪتاب جي تڪميل (1039هه ۽ 1044هه جي درميان) وقت به پرڳڻي نيرون قلعي لاءِ لکي ٿو، “قلع يا قصبہ باين نام موجود نيست” (تاريخ مظهر شاهجهاني ص65) مهجور غلام حيدر سولنگي پنهنجي شاندار ڪتاب، “تاريخ راجپوت سولنڪي (سولنگي)” ۾ لکن ٿا ته، سنڌ ۾ سيوهڻ (سيوستان، شواستان) سولنگين جي اسٽيٽ هئي. (ص35) هن قبيلي سان ٿيل ناروا سلوڪ بابت ساڳئي ڪتاب جي صفحي 186 تي، “ميان وال تحريڪ ۽ ماڇي” جي عنوان هيٺ لکن ٿا، “هن تحريڪ کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي زور وٺرايو. هنن ماڇين کي معاشري ۾ پليت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايتري قدر جو دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺن ۾ جتي سندن تحريڪ جو زور هو، اتي پاڻيءَ جو ذخيرو تلائن ۾ ڪيو ويندو هو. انهن تلائن مان ماڻهو ۽ مال خواهه هر جانور پاڻي پيئندو هو پر انهن تلائن مان ماڇيءَ کي پاڻي پيئڻ جي منع هئي.” خير سنڌ جا کوڙ سارا قبيلا يا هاڻي عام استعمال ۾ ٿيندڙ انگريزي لفظ ڪميونٽيز، پنهنجن پيڙهين کان رهندڙ اباڻن پڊن تان بيدخل ٿيندا رهيا ۽ پنهنجون ذاتيون (شناخت) مٽائي ڪنهن ٻي ڀونءِ ۾ خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاري پنهنجو نسل بچائيندا رهيا.

سنگت ته گهڻي هئي. جيپون ماڻهن کي کڻي، مٿي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن ڏانهن اڏاڻيون ٿي ويون. آئون ڪمزور دل. اڳئي ڊپريشن جو مريض. منهنجي دل وڌائڻ لاءِ منهنجا ساٿي اسلم عباسي ۽ اسد سولنگي وارا ڪنهن پٿر تي لکيل مٿيون جملو پڙهي چوڻ لڳا، سائين هاڻي فلاڻي سردار (بادشاهه) جي بادشاهي مان پيا هلون. ان بادشاهه جي رعيت جو حال ڏسي، اسين سڀ غمگين ٿي ٿي وياسين. سوچيم انهن مسڪين لوڪن جو غمي غريبي ۾ ڪهڙو حال هوندو؟

ڀٽائي سرڪار غم کي وري سور جي ڪيفيت ۾ بيان ڪيو آهي.

اچو سورن واريون ڪريون سور پچار،

ڪنين ٿورا، ڪنين گهڻا، ڪانهي سورن ڌار،

ڏنا جي ڏاتار، سي مون جهوليءَ پائي جهليا.

غمن ۽ سورن کان برابر ڪير به خالي ڪونهي پر هتي ڳالهه ئي اور هئي. پهاڙن تي ڪنهن چشمي، جابلو نئين جي ڪنهن ڪنب يا چکر جي پاڻي جي سهاري تي پنهنجن اباڻن پڊن تي ويٺل پهاڙي لوڪ، پيش ڪپي گذران ڪندا آهن. جابلو ٻڪرين جا پهرو چاري، انهن جي ڏاس مان خرزينون ۽ گبرا ٺاهي وڪڻندا آهن. لوهيڙي، ڪهو ۽ لهو جون ڪاٺيون جبل مان ڳولي ڪهاڙين ۽ ڪوڏارين جا ڳن ۽ بانٺا کڻي شهرن ۾ وڪڻي ايندا آهن. پيش مان واڻ، ڇليون، کرڪڻا يا رانديڪا ٺاهي وڪڻندا آهن. جبل جي کنئور، ماکي، جابلو ٻوٽيون ۽ بگهڙن جو کلون وڪڻي به پيٽ پاليندا آهن. جبل ئي انهن جو اجهو، جياپو ۽ آجپو آهي. اوچن پربتن، سنگلاخ پهاڙن جي اوٽ ۾ زندگي گذاريندڙ ارڏا جابلو لوڪ، ڏاڍا سگهارا ۽ سخت جان آهن. اسان کي انهن جون ڪکائون جهوپڙيون پري کان نظر اچي رهيون هيون. ڪٿي رستي جي پاسي ۾ ڪپي ڍير ڪري رکيل پيش جا ڦڙها ۽ ٺهيل تڏا ۽ انهن تي واهي ويٺل ڪو ڪرڙ وڍ سنڌي ٻروچ، وٽيل سونهاري سان نظر اچي رهيو هو. هزارن سالن کان آبشار وانگر ڪرندڙ برساتي پاڻي جي گاٺ تي پهاڙي ٽڪرن تي جيڪا چٽسالي ٿيل هئي، اها فطرت جي ايبسٽريڪٽ آرٽ جو اعليٰ شاهڪار ڀاسي رهي هئي. فطرت جي ان لازوال مصوري جي بيان ڪرڻ جي منهنجي ڪمزور قلم ۾ طاقت ڪانهي. اتي رهندڙ سخت جان پهاڙي لوڪ، انهن جا سڪل چهرا، ڪاريون وٽيل ڏاڙهيون ۽ رت جهڙيون ڳاڙهيون اکيون ڏسي، دل عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ٿي وئي. اهڙي منظر تي قلندر لعل شهباز جو هي شعر ڪيڏو نه منظر نگار آهي:

دمبدم عثمان زچشم سوز دل

خون فشاني خون فشاني خون فشان

(اي عثمان درد دل جي اثر سبب تنهنجي اکڙين جو رنگ لعل هئڻ گهرجي. اهڙو جهڙو اکين مان ڳاڙهو رت وهي رهيو هجي).

دل جي سوز وغم کان ڪيئي سال پراڻو هي قصو، اوهان سان شيئر ڪري رهيو هئس، ته نگاهه ٽائيم نيوز تي نظر پئي. کيرٿر کي باهه لڳل هئي. پيش، لهو، ڪهو ۽ ٻيا قيمتي وڻ ۽ ٻوٽا باهه ۾ سڙي رهيا هئا. اتي رهندڙ جهنگلي جيوت هرڻ، سرهه، گڊ، بگهڙ، ڳورنار، جيت جڻيا، پکي پکڻ سڙي ٻري خاڪ ٿي رهيا هئا. سنڌ حڪومت جا عملدار اهو چوندي ٻڌا ويا ته، “هي جبل بلوچستان جي حد ۾ آهي” ۽ بيوس بڻيل جابلو سنڌي ٻروچ لوڪ، المدد المدد جون صدائون بلند ڪري رهيا هئا ۽ ڏور ويٺل پوٺوهاري اکين کي منڊي ماڪوڙي ته ڏسڻ ۾ اچي وڃي ٿي پر هي باهه جا شعلا نظر ڪونه ٿي آيا.