ڳالهيون ڳنوارن جون … برسات ۽ سم نالين جي ٻوڏ ۽ نهٽو ڪانفرنس

0
143
ڳالهيون ڳنوارن جون ... برسات ۽ سم نالين جي ٻوڏ ۽ نهٽو ڪانفرنس

سنڌ جي ممتاز اديبن جو قافلو، هاڪڙو درياهه جي بحاليءَ لاءِ ڪوٺايل نهٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٿر وڃي رهيو هو. بدين ضلعي جي حدن مان گذرندي اتي جي تباهه ٿيل معيشت کي اکئين ڏسڻ جو موقعو مليو. برسات جي تباهه ڪارين جا نشان هر طرف صاف نظر اچي رهيا هئا. افسردگي جو ڀوائتو راڄ هو. ڇنل ڇپر، پسيل پکا ۽ پالها پڊ پسي ساهه مُنجهڻ ٿي لڳو. رستي سان ڪنهن ڪنهن اسٽاپ تي ٿوري گهڻي رونق ڏسڻ ۾ ٿي آئي. چند دڪانڙا، خالي هٿين خريدار، ڪي ٿورا موٽر سائيڪل، ريڙها ۽ بس. مليريا جا سٽيل ماڻهو، جهڙا خاموش مجسما. ناتوان نادار ۽ مرجهايل چهرا، ڦڪڙا ڏند، ڏرا ڏيئي ويل اکڙيون ۽ هڙٻاٺيون نڪتل جسم. برسات ۽ ايل بي او ڊي جا هاڃا. فصل ٻڏي ويا، مال لڙهي ويو. چوڌاريءَ پاڻي ۽ کنجهو ٿي ويل پکڙن وارا گهرڙا.

                 بدين ضلعي جي معيشت جو دارو مدار مڇي، زراعت ۽ مالونديءَ تي آهي. زراعت جو انحصار آبپاشيءَ تي آهي. بدين ضلعي جو اريگيشن نيٽ ورڪ چئن واهن تي مشتمل آهي، جن مان ٻه مدامي ۽ ٻه غير مدامي آهن. اڪرم واهه (لائينڊ چينل) ۽ نصير ڪئنال مدامي (Perennial) ۽ گوني ۽ ڦليلي غير مدامي (Non Perennial) واهه آهن. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق بدين ضلعي جي اسي سيڪڙو زمين 9 سيڪڙو خاندانن جي ملڪيت آهي. پنجهٺ سيڪڙو ماڻهو بي زمين ۽ پنجاهه سيڪڙي کان مٿي هاريپ جو ڌنڌو ڪندا آهن. ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق بدين ضلعي جي اٺاسي سيڪڙو ماڻهن جي سالياني آمدنيءَ جو اسي سيڪڙو پيٽ قوت تي خرچ ٿيو وڃي. هڪ ٻي رپورٽ مطابق بدين ضلعي جي 65% آبادي جو گذران ڪڻڪ ۽ چانورن جي ڳڌي (مُلهه وٺڻ) تي آهي. هاڻ جڏهن برسات ۽ ايل بي او ڊي جي تباهه ڪارين سبب فصل مڪمل ختم ٿي ويو، ماڻهن جي آمدني ٻڙي تي وڃي پهتي ته زندهه رهڻ به مشڪل ٿي ويو. ساڳي رپورٽ ۾ ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن مطابق سامونڊي ڪناري سان 700 ڪلوميٽر ايراضي ڍانڍي ايريا آهي، جتي 30 وسندين ۾ 12 هزار کان 15 هزار ماڻهو رهن ٿا. انهن غريبن جي آمدني فقط 500 کان 600 رپيا ماهانه آهي. هي ماڻهو زندگيءَ جو ضرورتون ته ٺهيو پر ماني به پيٽ ڀري نه ٿا کائي سگهن. انهن انگن اکرن ڏيڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي، جيئن سمجهي سگهجي ته جتي 79% ماڻهو انتهائي خطرناڪ حالتن ۾ جياپي جا پهر پورا ڪندڙ هجن ۽ غربت جو راڪاس معصوم ٻارڙن ۽ وڏڙن جي حياتين کي پٽيندو کائيندو هجي، اتي برسات ۽ هٿرادو ٺهيل سم نالين (ايل بي او ڊي) جي پاڻيءَ جون ڇرون سڀ ڪجهه لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏين ۽ ڳوٺ ڌڻين جو ڪجهه به نه بچي ته جياپي جو باقي ڪهڙو ذريعو ۽ طريقو وڃي ٿو بچي. آخر اهي ٻچڙا وٺي ڪنهن در دانهين؟

خيالن جو اهو سلسلو تڏهن وڃي ٽُٽو، جڏهن وين نئون ڪوٽ واري قلعي جي شاهي دروازي آڏو اچي بيٺي. هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر 1814ع ڌاري تعمير ڪرايو هو. دفاعي لحاظ کان انتهائي مضبوط قلعو ٿر جي عظمت جو اهڃاڻ اڄ به سلامت بيٺو آهي.

نهٽو ڳوٺ پهتاسين. هي هينئر جيڪا غريب ۽ بيوهه وسندي آهي، ڪنهن دور ۾ هاڪڙي درياهه جو شاندار پتڻ هوندو هو. چوطرف آباديون هيون. خوشحالي هئي. ماڻهو پنهنجي سنهجي وارا هئا. زماني جي حادثن ۽ جاگرافيائي تبديلين جي ڪري هاڪڙو درياهه سڪي ويو. اڄ ان درياهه تي هي سيمينار ڪوٺايو ويو هو. هن ڳوٺ ۾ هاڻ جوڻيجا ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا.

ڪانفرنس جي جاءِ کان چند قدم اولهه طرف ڍنگرن جي واڙ ڏنل پراڻو قبرستان موجود آهي. ڄارين، ڪرڙن، ڪنڊن ۽ ڪونڀٽن جي ڇانوَ ۾، ڏکن جا ماريل غريب ٿري ابدي ننڊ ۾ ستل آهن. هڪ قبر جي چوڌاريءَ سنڌي اديبن جو جٿو با ادب بيٺل آهي. قبر ۾ اندر ستل آهي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس، سنڌين جو لاڏلو ۽ البيلو اديب عبدالقادر جوڻيجو. هو هن ڳوٺ ۾ ڄائو نپنو، پختو ٿي اچي حيدرآباد پهتو. بت ۾ ڀريل، مهانڊو مرڪندڙ، دل ۽ ڇاتي ڪشادي، سدائين سفيد لباس ۾ ملبوس رهندڙ، واهه جو ڪنڌار مڙس هو. ڪهاڻيءَ جي ميدان تي لٿو، ٿري ٻولي ۽ لهجي واريون ڪوڏائتيون ڪهاڻيون لکي، سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ وڃي بيٺو. ستر وارو ڏهاڪو سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوج وارو دور ليکيو وڃي ٿو. هن ڏهاڪي علي بابا، شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، منير احمد ماڻڪ، عبدالقادر جوڻيجو، نسيم کرل، نجم عباسي، مدد علي سنڌي، نثار حسيني، طارق اشرف، ابن حيات پنهور، نبي بخش کوسو ۽ تاج بلوچ جهڙا اديب پيدا ڪيا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي بين الاقوامي ادب جي مقابلي ۾ آڻي بيهاريو. عبدالقادر جوڻيجو خوش نصيب هو، هو جنهن مِٽيءَ مان جڙيو هو، اڄ ان جي آغوش ۾ آرامي هو.

نهٽو ڪانفرنس جي خاص ڳالهه اها هئي جو، ان ۾ هاڪڙي درياهه جو نوحو اوسارڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بهاولپور جا دانشور، اديب، انجنيئر ۽ آرڪالاجسٽ گڏ ويٺل هئا. انهن جون تيز و تند تقريرون ۽ درد انگيز دانهون ٻڌڻ لاءِ موجود هئا مسڪين ٿري، جن جي وڏڙن جي جياپي جو واحد ذريعو اهو ئي درياهه هو. اڄ هو ان جي سڪل پيٽ تي ويهي پنهنجن سورن جون پچارون ٻڌي رهيا هئا. بهاولپور جي هڪڙي دانشور پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، “ڪي سور اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي سنڌي ۽ پنجابي جو سَنڌو ڪونه ڪندا آهن. هاڪڙي درياهه جي سڪي وڃڻ جو هاڃو اسان سڀني لاءِ هڪ جهڙو هو. هونئن به اسين بهاولپور وارا سنڌ جي حڪمراني هيٺ رهيا آهيون ۽ سنڌ کي وڌيڪ ويجها آهيون. اوهان جا سور ۽ اسان جا سور هڪ جهڙا آهن. اسين سنڌين لاءِ خير سگالي پيغام کڻي آيا آهيون ۽ اهو باور ڪرائڻ آيا آهيون ته هاڪڙي درياهه جي بحالي ٿر ۽ بهاولپور جي خوشحاليءَ جو خواب آهي. هاڪڙي درياهه کي آبڪلاڻي جي موسم ۾ غير مدامي درياهه طور، پنجاپ کي ملندڙ واڌو پاڻيءَ مان وهايو وڃي. صديون گذرڻ کان پوءِ به درياهه جي وهڪري جا نشان صاف ظاهر آهن”.

اهي دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ لاءِ موجود هئا: اسحاق سميجو، ادل سومرو، ادريس لغاري ۽ ٻين اديبن انجنيئرن ۽ دانشورن سميت سيد سردار علي شاهه منسٽر ڪلچر اينڊ ايجوڪيشن حڪومت سنڌ.