ڳالهيون ڳنوارن جون … امن جي علمبردار سنڌ ۽ ان جا سخي دياوان

0
18
ڳالهيون ڳنوارن جون ... امن جي علمبردار سنڌ ۽ ان جا سخي دياوان

 تاريخي طور سنڌي امن پسند، سخي ۽ مهمان نواز رهيا آهن. سنڌ جي امن پسنديءَ جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته هزارين سال اڳي جڏهن سڄي دنيا جنگ و جدل ۾ مبتلا هئي ته سنڌ ملڪ ۾ هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم هو. سنڌي ڪنهن تي حملا آور ڪونه ٿيا، نه ئي پرائي ملڪ ۽ مال تي اکيون وجهي گهلون چاڙهيائون. يونان ۾ ٽروجن واري ويڙهه ۽ ان کان اڳ ٻيون جنگيون، جن جا داستان هومر جي ايلٽ ۽ اوڊيسي مان اڄ به پڙهي سگهجن ٿا. هزارين سال اڳي لکيل هومر جا هي منظوم جنگ نامه انهن چند ڪتابن مان آهن، جيڪي دنيا جي حادثن کان بچي، اسان تائين پهتا. ميسوپوٽيما ۽ نينوا واري جنگ، جنگ سلاسل، دارا اعظم ۽ سڪندر اعظم واريون جنگيون، رومين جون جنگيون، سليبي جنگيون، عرب اسلامي دور واريون جنگيون، چنگير، هلاڪو، تيمور خان، بابر، خوارزم شاهه وغيره جون جهيڙيل جنگيون مشهور آهن. جن ۾ لکين بي گناهه لوڪ ڪٺا ويا. انهن جا مٿا وڍي ڪنگرن تي ٽنگيا ويا. ان کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ دهلي وارن جي اگهاڙين ترارين جنگ جا ميدان ڳاڙها ڪري ڇڏيا. پهرين جنگ عظيم، ٻي جنگ عظيم ۽ اڃان تائين هلندڙ رتوڇاڻ ۾ لکين ماڻهو بيگناهه مارجي ويا. دنيا ۾ لڳل هزارين جنگين ۽ معرڪن جا مثال موجود آهن. سڄي دنيا هزارين سال ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ۾ رهي پر هي غريب سنڌ ولايت هر دور ۾ امن ۽ خوشحالي جي علامت بڻي رهي. سکي ستابي، اعليٰ تهذيب واري، ڏاهن دانائن ۽ سخين واري هي سنڌ دنيا جي ستين اقليم سڏبي هئي. سولائيزيشن جي باب ۾ انگريز عالمن سنڌو تهذيب کي دنيا جي سڀني کان آڳاٽي تهذيب ڄاڻايو آهي. اڄ اسين ان ولايت جي سخين دياوانن جون ڳالهيون ڪنداسين.

عرب اسلامي دور کان اڳي به سنڌ ۾ سخي دياوان موجود هئا. ان دور کان پوءِ  سومرن جي دور جي اسان کي سڄي خبر آهي. مسافرن جي وهندڙ واٽن سان دونهيون پيون دکنديون هيون. ته جيئن دونهين جي لاٽ ڏسي مسافر لڙي اچي رات رهن. جي ڪنهن ڳوٺ ۾ مهمان اچي ٽڪندو هو ته هر گهر مان ماني کڄي ايندي هئي. پوءِ سڀ گڏجي ويهي گڏ ماني کائي اٿندا هئا. ڪچهري ۽ رهاڻ ۾ راتيون رهائيندا هئا. سنڌ جي سخين ۾ راءِ ڏياچ جو نالو سڀ کان مهڙ ۾ اچي ٿو. ان کان پوءِ ڄام سپڙ، راءِ ڦل وڏو، ڄام جکرو، راءِ لاکو ڦلاڻي، وڪيو ڏاتار، راءِ کنگهار ٻيو، راجا ڏيسر ۽ ويجهڙائي واري دور ۾ ڄام ڪانڀو خان، فقير رسول بخش انڙ ۽ فضل محمد خان لغاري جا نالا اچن ٿا.

ڪڇ ۽ کنڀات نارين جي وچ تي، سئوراسٽر يا سورٺ جو اپٻيٽ موجود آهي. هتي ڪاٺي قبيلن جا لوڪ وڏي تعداد ۾ آباد هئا. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ مرهٽن ان تي ڪاٺياواڙ نالو رکيو. سورٺ ضلعي جي چوٿين ۾ ٽي مشهور جبل آهن. گرنار، داتار ۽ پاليتانا. جهوناڳڙهه جو قلعو ان گرنار جبل جي اولهه ۾ ونٿلي کان اٺ ميل پري آهي. سنڌ جي سمن جي چوڙاسما نک مان هاڪاري حاڪم گرهپو هي قلعو ٺهرايو هو. هن 982ع ۾ وفات ڪئي ته ان جو پٽ راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو. اهو 1002ع ۾ گذاري ويو ته تخت تي ان جو پٽ راءِ دياس (ڏياچ) ويٺو. ان دور ۾ گجرات ۽ جهونا ڳڙهه جي حاڪمن وچ ۾ راجڪمارين تان اڻ بڻت هلندڙ هئي. گجرات جو حاڪم درلپ سين هو. هن ئي راجا جي چوڻ تي ٻيجل چارڻ راءِ ڏياچ جو سر وڍايو. ڀٽائي صاحب ان تي بيت ٻڌو.

گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،

سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيو. (لطيف)

هِي حادثو 1010ع ۾ ٿيو. (شاهه جو رسالو گربخشاڻي ص 742)

ٻيو سخي سردار هو ڄام سپڙ. (سٻڙ) هي رونجهن جي سردار ڄام چوٽا خان جو پٽ هو. ڄام سپڙ سخي، ڏاتار، لسٻيلي جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. هن ڄام جي سخا کي شاعرن خوب ڳايو ۽ وڄايو. ڀٽائي صاحب هن کي سخي، ڏاتار ۽ ڏڏن کي وڏا ڏان ڏيندڙ ڪري ڄاڻايو آهي. سمون جنهن جي سر تي ڇٽ آهي. جيڪي به وڃي هن جي سام پون ٿا هو هڪل سان وڃيو انهن کي ڀيڙو ٿئي. چارڻ جيڪو به دان دل ۾ سوچيندو آهي، سپڙ اڳئي ان کي سڻي ۽ سمجهي ٿو وٺي. بيت آهي:

ٻاجهائون ٻيلي ڌڻي، ٻجهان ٻاجهه ٿئي،

سپڙ سا سئي، جيڪا چارڻ چت ۾. (لطيف)

ڄام جکرو؛ لطيف سائين جي رسالي ۾ سر بلاول جي پهرين ٽن داستانن ۾ سمن جي ڄام جکري جي سخاوت ۽ دليري بابت بيت چيل آهن. سندس سخا بابت بيت آهي.

سمون سخاوت جي ويٺو پڇي پر،

ڪوٺئو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا در،

مٿي ولهن ور، ڏيهاڻي ڏاتار جي. (لطيف)

جکري نالائق نوازيا آهن. هو ڪيهر جيئن ڪر کڻي گهوڙي تي سوار ٿو ٿئي ته سوالين جا راڄ اچيو مڙن. جکري جهڙو جوان نه هند نه سنڌ نه سورت، بلڪه سڄي جهان ۾ جهڙس سخي ۽ دياوان ڪونه ٿو سجهي. گُهرڻو اٿئي ته ان در وڃي گُهر جيڪو ڪنگالن کي ڪوٺيو پيو دان ۽ دلاسا ڏئي.

ڪوهه نه جهاريين جکرو، جنهن ڏيهه ڍيا ڏيئي،

جي لڏيا ٿي لينگهن ۾، سالن ۾ سيئي،

سمي سڀيئي، طاماعو تارڪئا. (لطيف)

اهڙي طرح جکري جي ڀيڻ “سکر” به سُونهن ۽ سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. مارئي به ان سکر ٻائي جي سونهن جي ساکي آهي.

سونهن وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونهن. (لطيف)

ڪڇ جو سخي راءِ ڦل وڏو شاعرن ۽ اديبن کي لکين رپيا انعام ڏيندو هو. ڪڇ ۽ بهاولپور سميت سڄي سنڌ جا شاعر ڀان ۽ ڀٽ شعر پڙهي انعام حاصل ڪندا هئا. ان جي پونئيرن مان راءِ لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. اهو به سخي هو، شاعرن ۽ اديبن جي وڏي عزت ڪندو هو. سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ڪڇين جا قول ۾ راءِ لاکي ڦلاڻي ۽ وڪئي ڏاتار جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سخي ۽ دياوان هئا ۽ دان ڏيڻ ۾ هڪٻئي کان سرسي ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هئا. جيئن سمڳ چارڻ جي اڻ مدائتا پيرون گهرڻ تي وڪئي ڏاتار ڄام لاکي کان سرسي ڪئي هئي. (ڪڇين جا قول ص 129). انهن کان علاوه راءِ کنگهار ٻيو ۽ راجا ڏيسر به ڪڇ جا سخي ۽ دياوان ٿي گذريا آهن.

ويجهي ماضيءَ ۾ سخين ۾ ڄام ڪانڀو خان، فضل محمد خان ڇريٽاڻين وارو، سومار وزن ڪش ميمڻ ٺٽي وارو ۽ فقير رسول بخش انڙ قاضي احمد وارو به ڪشادي دسترخوان وارا، سخي ۽ مهمان نواز ٿي گذريا آهن.