ٺٽي جا پنج ٻيلا ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ آهن. ڳاڙهڪو ٻيلو، ڪونج ٻيلو، ڪٽ صدناڻي ٻيلو، ٻجورڪو ٻيلو، ۽ ٻائو پورن داس ٻيلو. انهن ٻيلن جا نالا ڪن سگهڙن جا رکيل ٿا ڀائنجن. لاڙ جا سادڙا پر شاهوڪار ٻوليءَ جا سخن ور لوڪ پنهنجي جهنگن جا نالا به چونڊي سهڻا رکندا هئا. نالا ڀاڳين رکيا يا ڌراڙن، جنهن به رکيا، انگريزن بنان ڪنهن ڦير ڦار جي پنهنجي دفتر ۾ داخل ڪري ڇڏيا ۽ اهي جاگرافي ۽ ڪلچر جو حصو بڻجي ويا.
آبڪلاڻي جي موسم هلي رهي آهي. 2010ع واري آبڪلاڻي کانپوءِ مس وڃي انهن ٻيلن پاڻيءَ جو منهن ڏٺو آهي. پاڻي ڌرتي لاءِ ايترو ضروري آهي جو ڪلام الاهي ۾ آهي ته، “زمين مرده آهي، ان کي پاڻي وسائي زنده ڪندا آهيون”. مٽي، هوا، پاڻي، سج جي روشني، چنڊ جي چانڊوڪي رات جي اونداهي اُهي نعمتون آهن، جن جو فطرت مخلوق کان ڪو به معاوضو ڪونه ٿي وٺي. وڻڪار به فطرف جي بي بها نعمتن ۾ شامل آهي. برٽش دور کان اڳي درياهه بادشاهه آزاد هو. آبڪلاڻي جي موسم ۾ درياهه جو پاڻي هزارن ميلن ۾ پکڙجي ويندو هو. جتي جتي پاڻي پهچندو هو، اُتي وڻڪار ڦٽندي هئي. قدرتي ٻيلا وجود ۾ اچي ويندا هئا. گاهه گهڻو ٿيندو هو. ڀاڳيا پنهنجي سيهي سان مال جا ڌڻ ڪاهي وڃي ٻيلن ۾ رهندا هئا. ٻيلن ۾ ڀاڳين جا ڀاڻ وٿاڻ ٺهي ويندا هئا. اُهي. عارضي گهر ڳوٺن ۽ وسندين ۾ تبديل ٿيندا ويا. درياهه بادشاهه جو هڪ اهڙو ايڪو سسٽم وجود ۾ اچي ويندو هو، جنهن ۾ حيوانات ۽ نباتات جي نشو نما سميت ملڪي اقصاديات کي پڻ هٿي ملندي هئي. جهنگ ايڏا وڏا ۽ گهاٽا هوندا هئا جو اُن ۾ ڦاڙها، مرون، گدڙ، سها ۽ سيڙهه ته عام هئا پر چيو وڃي ٿو ته ٻه اڍائي سئو سال اڳي انهن ٻيلن ۾ چيتا به موجود هئا، جن جو هاڻ نالو نشان به ڪو نه رهيو آهي.
گڊو بئراج کان سمنڊ تائين اٽڪل 865 ڪلوميٽر وهي ايندڙ درياهه جو پاڻي سنڌ لاءِ آب حيات جو درجو رکي ٿو، جنهن تي سنڌ جي زراعت، انساني ۽ حيواني ضروريات، جهنگ، ۽ فاريسٽري نيڀر ڪري ٿي. درياهه جي پاڻي جي رسد تي دنيا جو عظيم، سنڌ ۽ پاڪستان جو يڪتا ڊيلٽا هزارين لکين سال اڳي وجود ۾ آيو ۽ اُن پاڻي تي ئي اُن جو دارو مدار آهي.
ٽالپرن اميرن جي دور ۾ ٻيلن جي اهميت جي پيش نظر انهن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. هڪ ته انهن ٻيلن مان وڏي آمدني ٿيندي هئي. ڪاٺ، ڪوئلو، کنئور، لاک، ماکي ۽ مال جي چري تي لڳايل ٽيڪسن مان ملڪي آمدني جو وڏو حصو حاصل ڪيو ويندو هو. ٻيو خاص فيڪٽر اِهو هو جو ٽالپر امير شڪار جا شوقين ۽ دلداده هئا. انهيءَ ڪري ٻيلن جي حفاظت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. ڪيترن ٻيلن کي ته ڀتيون ڏياري محفوظ ڪيو ويو. ٽالپر امير معصوم ڦاڙهن جي شڪار لاءِ هفتن جا هفتا جهنگ ۾ ديراه دمايو ويندا هئا.
شڪار جو ڪلچر تمام پراڻو آهي. جهنگلي زندگي واري دور ۾ انساني بقا ۽ وجود برقرار رکڻ لاءِ شڪار ۽ جهنگلي ميوات ئي جياپي جو واحد ذريعو هو. زندگي جو هزارن لکن سالن جو سفر طئي ڪري اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ پهچڻ تائين شڪار ڪرڻ انساني جبلت مان مڪمل طور ختم ڪونه ٿي سگهيو.
آيو انگريزن جو دور. انهن روينيو پيدا ڪرڻ لاءِ درياهه تي بئراج ٺاهي، ايريگيشن جو باقاعدي نظام ٺاهيو. ٻيلن کي سسٽم ۾ آڻڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جوڙي 1847ع ۾ ميجر اسڪاٽ کي سنڌ جو فاريسٽ رينجر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيپٽن ڪرافوڊ آيو. اڳتي هلي قابل باٽنسٽ ڊاڪٽر اسٽاڪس ۽ ڪيپٽن ڊلزيل مقرر ٿي آيا. هنن ٻنهي عملدارن ٻيلن ۾ شڪار گاهن جون حد بنديون ڪيون. ٻيلن ۾ پها ڪڍي، بائونڊريون، (پنج فوٽا رستا) ٺاهي انهن کي ديوارون ڏياريون ويون. اڻويهين صديءَ جي چئن ڏهاڪن دوران آهستي آهستي ٻيلو کاتو وجود ۾ آندو ويو. 1871ع ۾ ڊاڪٽر شيلڪ پهريون ڪنزرويٽر آف فاريسٽس مقرر ڪيو ويو، جنهن سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جا ٽي سرڪلس ٺاهي ٻيلي کاتي جو مضبوط بنياد رکيو. (سنڌ گزيٽيئر ص 612) اهڙي طرح ويهين صدي جي شروعات ۾ ٻيلو کاتو باقاعدي انتظاميا جو حصو بڻجي ويو.
اسان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ انهن ٻيلن ۾ ڀاڳين جي ڀاڻن وٿاڻن تي ٽانڊن جي مچ تي ويهي سياري جون طويل راتيون وِهايون. انهن ڪچهرين ۾ فوڪ لور جا داستان، سماجي مسئلا، پن چري جون پچارون ۽ شڪار جون ڳالهيون ڳائجڻ ۾ اينديون هيون.
ڪونج ٻيلي جا جمالي (وزير جمالي وارا)، ماڇي، مهاڻا، شڪاري، پاراڌي، ڪٽ صدناڻي ٻيلي جا پنهور (وڏيرو عارب پنهور ۽ سندس سخي پٽ مجيد پنهور وارا) خشڪ (چاچي محمد حسن خشڪ وارا) بگهاڙ موري ۽ ڳاڙهڪي ٻيلي جا (سيد بابو شاهه، خانو ٻروچ، ڪنڊو شورو ۽ ڏاتو ولهاري وارا) ۽ ٻائو پورن داس ٻيلي جا جاکرا (حاجي علي نواز جاکري وارا) شورا، سومرا (جمن ۽ قادري سومري وارا) بروهي ۽ مهاڻا پنهنجي پنهنجي وٿاڻن وارا انهن ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
آهستي آهستي راند ڦٽندي وئي ۽ اهو دور پوئتي کسڪندو ويو. ڪن چند حال حيات دوستن علي نواز جاکرو، الهڏنو هيجب، مختيار شاهه، مجيد پنهور، علي بروهي، خانو ٻروچ، ڪنڊو شورو وغيره کي ڇڏي باقي سڀ جا سڀ شڪاري، ڪچهرين جا اُهي مور مڙس، اسان کان رُسي هميشه ڪاڻ هتان هليا ويا. ويڙها ۽ وٿاڻ خالي ٿي ويا.
درياهه ۾ پاڻي اچڻ بند ٿيو. ٻيلا سُڪندا وڍجندا برباد ٿيندا ويا، نه رهيا اُهي شڪار نه شڪاري، جهنگل ٻيلا به انهن آهيڙين کي ياد ڪري روئندا رهيا.
ڪتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪارئين،
پٽيو ڪڍي پار، جهنگل آهيڙين کي.
(لطيف)
جهنگل آهيڙين کي ڀنڻ ڪيو روءِ،
نه ڪتا نه ڪوڙڪيون، چڙهيو اُڀو چوءِ،
هاڻي هنان پوءِ، لڳي لوٺو نه ٿئين. (لطيف)