ڳالهيون هُن پار جون … جنگ جا نفسياتي اثر

0
50
ڳالهيون هُن پار جون ... جنگ جا نفسياتي اثر

 ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ هاڻي صرف بارودي تباھيءَ تائين محدود نه رهي آهي، پر هاڻ اها انسان جي دماغ، دل ۽ ذھنن تي حملو ڪري رهي آهي. هن جنگ “اڻ ڏٺن زخمن” جو نئون باب کوليو آهي- اهڙا زخم، جيڪي جسم تي ته نظر نٿا اچن، پر انسان جي اندر کي ويران ڪري ڇڏين ٿا. تل ابيب، يروشلم، ۽ حيفا جهڙا شهر هاڻ صرف ميزائلن جو نشانو نه رهيا آهن، پر نفسياتي اسپتالن جا وارڊ خوف، بي چيني، ۽ پوسٽ ٽراميٽڪ ڊس آرڊر سان ڀرجي ويا آهن. ايران جي جديد بارود سان ٽمٽار ميزائلن صرف عمارتون نه ڊاٺيون آهن، پر ماڻهن جي حواسن، جذبن، ۽ ذھنن تي اهڙو نفسياتي ڌڪ هنيو آهي، جو هو گيس سلينڊر جي آواز کان به ڏڪڻ لڳا آهن. اسرائيلي عوام سدائين ٻين قومن ۽ ملڪن جي تباھي ڏٺي آهي، پر جڏهن باهه سندن گهر اندر ڌماڪن جي صورت ۾ داخل ٿي آهي ته ھو نفسياتي مريض بڻجندا وڃن. جيڪڏهن ايران اسرائيل جنگ ڊگهو عرصو ھلي ته اسرائيلي عوام نيتن ياھو جي خلاف احتجاج شروع ڪندو.

                 اسرائيلي اسپتالن جي ڊاڪٽرن خبردار ڪيو آهي ته ايران جي ميزائل حملن جي نئين لهر ۾ زخمن جا نوان، خطرناڪ ۽ پيچيده قسم سامهون آيا آهن، جيڪي گذريل جنگين جي مقابلي ۾ مختلف ۽ وڌيڪ خطرناڪ آهن. ايران جيڪي ميزائل شهرن تي فائر ڪري رهيو آهي، ان ۾ انتهائي هاءِ ڪلاس جا وار هيڊ فٽ ٿيل آهن، جيڪي نه رڳو عمارتن کي مٽيءَ جو ڍير ڪري رهيا آهن، پرblast injuries  ۽ crush trauma جو سبب بڻجي رهيا آهن. ان سان ميزائل ڌماڪي سان عمارت مٽي جو ڍير بڻجي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ان هيٺان دٻجي وڃن ٿا. جڏهن ته سوين اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي انهن عمارتن ۾ ته موجود ناهن، پر اهي ڀرپاسي وارن گهرن يا فليٽن ۾ موجود آهن، اهي به اوترائي سخت متاثر ٿي رهيا آهن، جن کي نفسياتي طور تي اوهان زخمي به ڳڻي سگهو ٿا. انهن حملن ۾ اسپتالن ۾ ايندڙ سوين اهڙي مريض ڏسي سگهجن ٿا. اوهان روزانو اهڙا سوين مريض ڏسي سگهو ٿا جن ۾ جسماني علامتون ته محدود آهن، پر ذهني پريشاني، ڏڪندڙ حالت، ۽ پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽرِيس (PTSD)  جهڙا نفسياتي اثر شديد نوعيت اختيار ڪري رهيا آهن.

يروشلم جي مرڪزي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، “اسان اڳ به ڌماڪن جا زخم ڏٺا هئا، پر ايران جي ميزائلن جي نوعيت، سندن طاقت، ۽ عمارتن جي ڊهڻ جو طريقيڪار نوان قسم جا جسماني ۽ ذهني اثر پيدا ڪري رهيا آهن”. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي وارڊز ۾ crush injuries سان آيل مريضن جي تعداد وڌي وئي آهي. هلڪين زخمن وارا به خوف، anxiety ۽ بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال پڄي رهيا آهن. خاص طور تي ٻارن ۽ عمر رسيده ماڻهن ۾ نفسياتي اثر وڌيڪ ڳڻتي جوڳا قرار ڏنا پيا وڃن. اسپتالن جي نفسياتي شعبي جي ماهرن ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو جن کي معمولي جسماني زخم آهن، تن ۾ به اندروني طور شديد ٽراما ڏٺو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته “اسان کي هاڻ صرف جسم نه، پر دل ۽ دماغ جو به علاج ڪرڻو پوندو”. عالمي سطح تي صحت جا ماهر پڻ خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن اهڙن حملي جي لهرن جو تسلسل جاري رهيو ته صرف جنگي زخمن نه، پر ذهني صحت جي عالمي بحراني صورتحال به جنم وٺي سگھي ٿي.

بارودي مواد جي مريضن جو علاج ڪندڙ ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايران جي ميزائلن ۾ اڳ کان وڌيڪ گهڻو بارودي مواد شامل آهي، جنهن ڪري blast injuries  وڌيڪ اچي رهيا آهن. اهڙن زخمن ۾اندروني عضون جي ڦاٽڻ (lungs, intestines) ڪَنن جو ڦاٽڻ (tympanic rupture)۽ ذهني ڌڪ شامل آهن عام طور تي بغير ٻاهرين زخم جي به اندروني نقصان ٿي سگهي ٿو، جيڪو تشخيص لاءِ ڏکيو آهي. ميزائلن جي ڪري عمارتن جو اوچتو ڊهڻ ماڻهن کي سڌو سنئون ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهڙن ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ آڪسيجن (hypoxia) عضون جي زخمن (compartment syndrome)گردن جي ناڪامي (acute kidney injury) Crush syndrome جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي. اهڙن ڌماڪن سان ذهني بيماريون تيزي سان ڦهلجي وينديون آهن، اهڙن ڌماڪن ۾ ماڻهو اڪثر ڪري چريا به ٿي ويندا آهن. Anxiety، PTSD، ۽ Acute Stress Reaction  جي ڪيسن ۾ تيزي آئي آهي. On-injured or mildly injured patients  به اسپتالن ۾ ذهني دٻاءَ جي شڪايت سان اچي رهيا آهن. ان سان ڊگهي عرصي تائين ذهني بيماري جي خطرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪجهه ماهر سرجنن جو چوڻ آهي ته ان ۾. Diagnosis ۽  Triage Challenges: ۾ بغير ظاهر زخمن وارن مريضن ۾ blast-induced injuries  جي سڃاڻپ ڏکيو عمل آهيCrush trauma لاءِ جلد lab tests (e.g., creatinine, CPK)  گهربل ٿين ٿا. نفسياتي تڪليف لاءِ فوري screening tools جي ضرورت وڌي وئي آهي.

ايران جي ميزائلن جو طبي اثر رڳو روايتي زخمن تائين محدود نه رهيو آهي، پر هاڻ  Invisible trauma ذهني ۽ اندروني، Mass casualty dynamics گهڻن اندروني زخمين Long-term rehabilitation burden ۽ گهڻي وقت تائين هلندڙ ذهني بيماريون به شامل آهن. انهن سڀني کي مدنظر رکندي، جنگ جي دور ۾ جديد طبي ٽريننگ، نفسياتي سهائتا، ۽ فوري تشخيصي طريقا اختيار ڪرڻ لازمي بڻجي ويا آهن. دنيا جي انهن اڻ ڌرين ملڪن جن جو يورپ يا عرب ملڪن سان ڪنهن به قسم جو سروڪار ناهي، انهن جي ميڊيڪل جي مختلف ٽيمن اسرائيل جي ايران تي ۽ ايران جي اسرائيل تي ڪيل بمباري ۾ زخمي ٿيندڙ ۽ مري ويندڙ ماڻهن جي حوالي سان هڪ سروي ڪئي آهي. جنهن ۾ انهن پنهنجا رايا ڏنا آهن. انهن جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته Blast injuries عام طور تي Primary, Secondary, Tertiary ۽ Quaternary قسمن ۾ ورهايا وڃن ٿا (CDC, 2022). موجوده حملن ۾Lung ,contusions Abdominal hemorrhage, Tympanic membrane rupture شدت سان وڌيا آهن، جيڪي اندروني عضون تي اثر ڪن ٿا، بغير ظاهري زخم جي. .اهڙن زخمين جي مختلف ٽيسٽن ذريعي انهن جي ذهني ذخمن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.

ڊبليو ايڇ او وارن جو چوڻ آهي ته Lightly wounded يا uninjured ماڻهن ۾ به anxiety، panic attacks، ۽ PTSD جا اثر ڏٺا ويا آهن WHO  جو چوڻ آهي ته جنگي حالتن ۾ هر ٽين ماڻهوءَ ۾ ذهني بيماري جا امڪان پيدا ٿين ٿا. اسرائيلي اسپتالن خاص طور تي عورتن، ٻارن ۽ بزرگن ۾,Acute Stress Disorder, Night terrors ,Somatic symptoms  جا ڪيس ريڪارڊ ڪيا آهن. Blast injurie بغير ظاهري زخم جي ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري CT scan ultrasound، ۽ biochemical tests جي فوري ضرورت ٿي پئي آهي. اسرائيلي ايمرجنسي وارڊز ۾ triage protocols تي ٻيهر نظرثاني ڪئي پئي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران جي نئين نسل جي ميزائلن جي اثر کان پوءِ، جنگ هاڻ رڳو فزيڪل نه، پر “invisible trauma” جو بحران بڻجي چڪي آهي. ان ڪري اسان جي سفارش آهي ته اسرائيل ۾ ايران کان وڌيڪ نقصان ان ڪري به ٿي رهيو آهي، جو هو اهڙن حملن جا ڪڏهن به عادي ناهن رهيا، هي صرف عرب ملڪن ۾ اسرائيلي ٽي وي تي ڪارروائيون ڏسي ويهي رهندا هئا. انهن کي ڪڏهن به زخمي ٿيڻ جو خوف به ناهي ٿيو پر هاڻ صورتحال مختلف آهي، هن وقت گيس سلينڊر جي ڌماڪي سان به به ذهني مريض ٿي پيا وڃن. ان ڪري هاڻ اسرائيلين کي هر اسپتال ۾ جسماني سان گڏ نفسياتي وارڊ به کولڻ گهرجن. جنگ صرف زخم نه، پر ذهني بحران به پيدا ڪري ٿي. ان جي زور “rehabilitation” تي آهي، جيڪا جنگ کانپوءِ به سالَن تائين جاري رهي ٿي.

جنگي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هي ” اڻ ڏٺي“ جنگ آهي. جڏهن اوهان جي سامهون اوهان جو گهر يا عمارت ڪنهن خوفناڪ ڌماڪي سان تباهه ٿي وڃي ۽ اوهان کي ڪو زخم ئي نه اچي ته پو اها اوهان لا موت کان وڌيڪ بدتر ٻئي ڪا شئي ناهي، ان سان اوهان ذهني طور تي مفلوج ٿي ويندا آهيو. جنگ کانپوءِ بار بار خوفناڪ منظر ذهن ۾ اچڻ، خواب، پريشاني، آواز کان ڊڄڻ.دل جي ڌڙڪن وڌڻ، ساهه جي تڪليف، ٿڌو پگهر، غير واضح خوف، اميد وڃائي ويهڻ، خودڪشيءَ جا خيال، لاچار هجڻ جو احساس. جنگ ڏسندڙ ٻار نفسياتي طور عمر کان اڳ بالغ ٿي وڃن ٿا يا هميشه لاءِ ڊڄيل رهجي وڃن ٿا، جيڪي بچي وڃن ٿا، انهن کي احساس ٿيندو ته “مان ڇو بچي ويس؟ ٻيا ڇو نه؟ جنگ وقت دماغ جي Amygdala، Hippocampus ۽ Prefrontal Cortex تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي. جنهن سبب، يادگيريءَ ۾ گڙٻڙ، جذباتي ڪنٽرول ۾ گهٽتائي ۽ خطرناڪ روين، جهڙوڪ نشي، تشدد، يا خاموشي جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. ٽٽل خاندان، خاص طور والدين جو رويو ٻارن سان غيرمعمولي ٿي وڃڻ. سماجي عدم اعتماد، ماڻهو هڪ ٻئي کان ڊڄڻ لڳن ٿا.معاشي سُستي، ماڻهو ڪم ڪرڻ يا سيڙپ ڪرڻ کان گهٻرائين ٿا. نسلي، لسانياتي يا مذهبي تڪرار، جيڪي اڳئين زخم تي پيدا ٿين. جنگ جا زخم صرف رت سان نه، پر خاموش آهن، اڌورا خواب، ۽ اندر ۾ ڄمي ويل خوف سان به جڙيل هوندا آهن.

Invisible Trauma ان اڻ ڏٺي جنگ جو نالو آهي، جيڪا هٿيارن جي شور کانپوءِ شروع ٿئي ٿي – ۽ گهڻو وقت تائين جاري رهي ٿي.هٿياربند جنگ ته ڪجهه وقت هلي ختم ٿي ويندي آهي پر ماڻهن جي اندر هلندڙ جنگ اڃا هلندي رهي ٿي.