ڳالهيون هُن پار جون … آمريڪي ‘مهاجر’، عوامي رد عمل ۽ سياسي بحران

0
50
ڳالهيون هُن پار جون ... آمريڪي ‘مهاجر’، عوامي رد عمل ۽ سياسي بحران

 آمريڪا ۾ غير قانوني رهواسين خلاف شروع ٿيل آپريشن پوري ملڪ ۾ انساني، سماجي ۽ سياسي بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا تاريخي طور تي ‘مهاجرن’ (تارڪينِ وطن) جي ملڪ طور سڃاتو ويندو آهي. عام ميڪسيڪن يا لاطيني آمريڪين جي پس منظر کي ڏسندي پوري ملڪ جي هر شهر ۾ احتجاج شروع ٿي ويو آهي، هر طرف افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هزارين غير قانوني رهواسي، خاص طور تي ميڪسيڪو نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهو احتجاج ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جنهن سان وفاق ۽ رياستون سياسي ڇڪتاڻ ڏانهن وڌي رهيون آهن. ڊيموڪريٽڪس ۽ ريپبلڪن رياستن ۾ سياسي جنگ تيز ٿي وئي آهي. هر طرف پر تشدد ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا جاري آهن، ڪمرشل علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه، گاڏين کي باهيون ۽ گهرن کي نقصان پهچائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. پوليس حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ته صدر ٽرمپ خاص پاور استعمال ڪري نيشنل گارڊز کي طلب ڪري ورتو، جنهن سان صورتحال ويتر خراب ٿي وئي، ۽ احتجاج پوري ملڪ تائين ڦهلجي ويو آهي. صدر ٽرمپ جي حڪم تي عدالتي حڪمن بنا هزارين ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جون ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.

نيوريارڪ، ايٽلانٽا، شڪاگو، سان فرانسسڪو، لاس اينجلس، نيو جرسي، ڪيليفورنيا، لوئر مين هٽن، فيڊرل پلازه، سميت ٻين ڪيترين ئي رياستن ۾ ٽرمپ جي ‘مهاجرن’ خلاف ڪارروائي خلاف لکين ماڻهن احتجاج شروع ڪيا آهن، جنهن سان پوري ملڪ جو سياسي ۽ معاشي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، ڪاروبار مڪمل طور تي بند پيا آهن. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج به ٽن ڏينهن کان بند آهن، ڪيترين ئي ريپلبڪن مخالف ڊيموڪريٽڪ حڪومتون ٽرمپ سان سڌي ٽڪر ۾ اچي ويون آهن. 1965ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن صدر نيشنل گارڊز کي وفاقي حيثيت ڏئي انهن کي رياستن ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان مقامي سيڪيورٽي ايجنسين سان به نئون جهيڙو شروع ٿي ويو آهي.

هوم ليند سيڪيورٽي وارن ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي اسان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري 200 مهاجرن کي گرفتار ڪيو. آچر ڏينهن واري ڪارروائي بعد سوين ماڻهن ان خلاف احتجاج ڪيو، اڌ رات جو ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ديوارن تي نعرا لکيا ويا. اهلڪارن ٻڌايو ته اميگريشن ۽ ڪسٽمز انفورسمينٽ وارن جمعي ڏينهن ڪيترن علائقن ۾ گهر گهر تلاشي مهم شروع ڪئي. هوم ليند سيڪيورٽي انويسٽيگيشن ۽ آمريڪي اٽارني آفيس وارن فيشن ڊسٽرڪٽ ۾ ڪپڙن جي هڪ گدام تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي، اصل ۾ هڪ جج کي شڪ ٿيو هو ته اتي هڪ واپاري پنهنجي ڪجهه ڪارڪنن کي فرضي دستاويزن جو استعمال ڪري نوڪري تي رکيو ويٺو هو، ان کي نوٽيس ڏنو هو ته انهن کي ڪاغذ ناهن، انهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏي يا پوليس حوالي ڪر پر هن ڪوڙن دستاويزن تي انهن کان ڪم پئي ورتو. جنهن تي ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون. ڪجهه ماڻهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته هڪ ٻئي عمارت جي تهه خاني ۾ ڪيترن ئي غير قانوني ملازمن کي رکيو ويو هو. پيرامائونٽ واري علائقي ۽ ڪوپمٽن، ايل اي ڪائونٽي ۾ ڪارروائي ڪئي ته انهن کي ڇڏائڻ لاءِ چار سئو ماڻهن مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو، وفاقي حراستي مرڪز ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن “انهن کي آزاد ڪريو، انهن کي هتي ئي رهڻ ڏيو” جي نعريبازي شروع ڪئي. پهرين پوليس ڳوڙها گيس جو استعمال ڪيو، پوءِ جهڙپون ٿيون. هنن ڌماڪيدار مادي سان پوليس تي حملا ڪيا آهن. سي بي ايس نيوز موجب، اصل ۾ مقامي انتظاميا مهاجرن جي حقن جي حامي آهي. اها وفاقي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فتح نه پر ناڪامي آهي.

ٻئي ڏينهن لاس اينجلس ۾ هزارين ماڻهو اميگريشن کاتي پاران شروع ڪيل ڇاپن خلاف احتجاج شروع ڪيو ته مقامي پوليس انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مظاهرين شهر جي مارڪيٽن ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي، گاڏين کي باهيون ڏيڻ شروع ڪيون، ته ميئر ڪيرن باس شهر ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڊائون ٽائون لاس اينجلس ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو. روڊ رستا رات اٺين وڳي کان صبح 6 وڳي تائين بند ڪيا ويا. ميئر چيو ته شهر ۾ وڏي پئماني تي غير ملڪي مهاجر ۽ لاطيني شهري امن لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، جنهن ڪري اهڙو قدم کنيو ويو آهي. پوليس موجب پوري رات وڳوڙين شهر جي 23 ڪاروباري مرڪزن مان ڦر لٽ ڪئي، هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ لاس اينجلس ۾ 4 هزار نيشنل گارڊز ۽ 700 حاضر سروس ميرينز کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

صدر ٽرمپ اتر ڪيرولينا ۾ فوجي اڏي تي فورٽ بيرگ ۾ فوجين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، “جيڪي ڪجهه اوهان ڪيليفورنيا ۾ ڏسي رهيا آهيو، اهو امن ۽ اسان جي قومي خودمختياري تي هڪ مڪمل حملو آهي، جيڪو وڳوڙين ذريعي ڪيو پيو وڃي. انهن جي هٿن ۾ اسان جا نه پر ٻين ملڪن جا جهنڊا آهن، انهن جو مقصد اسان جي ملڪ تي انهن غير ملڪي حملن کي جاري رکڻ جي سازش آهي، هي ملڪ اسان جو آهي، اسان کي ان جي حفاظت ڪرڻي آهي، ان ڪري جيڪي ڪجهه ڪرڻو پيو اهو آئون ضرور ڪندس، پر هنن اڳيان هار نه مڃيندس”.

هن وقت 49% پرڏيهه ڄاوا ماڻهو آمريڪي شهريت رکن پيا. 2022 تائين اهي 25 ملين هئا. ان سال ۾ 24 سيڪڙو اميگرينٽس کي مستقل رهائش (گرين ڪارڊ) ڏنو ويو. هن وقت 4 سيڪڙو صرف عارضي ويزا تي آهن، جيڪي به تعليم يا سياحتي ويزا تي آيل آهن. 23 سيڪڙو پرڏيهي ڪاغذ حاصل ڪري چڪا آهن. ايندڙ سال اهو انگ 11. 3 ملين تائين پهچي ويندو. تقريبن 3 ملين اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ DACA, TPS, ASYLUM درخواستن يا پروبيشنل پيرول جهڙا عارضي تحفظ حاصل آهن، جيڪي قانوني تحفظ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو به حق رکن ٿا. پر انهن لاءِ اعلى درجي وارو گرين ڪارڊ جو رستو کليل ناهي هوندو. ٽرمپ انتظاميا ڪجهه پروگرامن  جهڙوڪ DACA,CHNV خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، جنهن سان هزارين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. نوجوان طبقي ٽرمپ جي ان پاليسي جي مخالفت ڪئي آهي، جڏهن ته بزنس ڪميونٽي تعليم يافته اميگرنٽس جي واپسي کي پنهنجو نقصان سمجهي رهي آهي.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن جنگ وڙهي رهيو آهي، ان ڪري هزارين ماڻهن کي هو پاڻ ملڪ وٺي اچي رهائيندو آهي، ۽ ٻيا پاڻ ايندا آهن، ان لاءِ مهاجرن لاءِ رفيوجي فنڊ رکيو ويو، جنهن کي ٽرمپ بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻين نون ايندڙن تي پابندي مڙهي ڇڏي. جڏهن ته اڃا ڪير عدالتن ئي ناهي ويو، جي ويو ته ان سان ٽرمپ کي ئي نقصان ٿيندو، ڇو جو آمريڪا انهن مهاجرن مان ئي لکين ڊالر ڪمائيندو آهي. لبرل رياست ڪيليفورنيا جي احتجاج کي به رد ڪندي هزارين مهاجرن کي گرفتار ڪري سندن ملڪن ڏانهن اماڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. تشدد ۽ طاقت جي وڌيڪ استعمال سان امڪان آهي ته سماج اندر نسلي ۽ طبقاتي ويڇا وڌي ويندا. پوليس ۽ اقليتي برادرين ۾ بي اعتمادي هاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا اهم موڙ تي پهچي ويو آهي. هڪ طرف قانون جي حڪمراني، انصاف ۽ انساني حقن جو واعدو آهي ته ٻئي طرف طاقت، بي دخل ڪرڻ ۽ قومي سلامتي جي نالي تي حڪمراني جو سوال ۽ استعمال آهي. ٽرمپ جي هاڻوڪي حڪمت عملي مختصر ۽ سياسي پوائنٽون ته کٽي سگهي ٿي پر ان جو اخلاقي ۽ سماجي اثر تمام گهرو آهي، ان جا نتيجا ايندڙ ڏهاڪو سالن ۾ خود آمريڪين کي ئي ڀوڳڻا پوندا. هاڻ سوال اهو به آهي ته ڇا آمريڪا غير قانوني رهواسين جي مسئلي کي طاقت ذريعي حل ڪري سگهندو يا ان لاءِ قانون، رحم يا سياسي فڪر جي ضرورت به آهي.

آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ مهاجر هميشه هڪ جذباتي ۽ تڪراري موضوع رهيو آهي. پر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت دوران اهو بحث مرڪز کان وڌي قومي پاليسي جي اڳيان ريڊ لائين ڇڪي ڪڍي آهي. سندس هر دور ۾ مهاجرن خلاف پاليسين، جهڙوڪ مسلمان ملڪن تي سفري پابندين ڊي اي سي اي کي محدود ڪرڻ پناهگيرن لاءِ سرحدي رڪاوٽن نه صرف قانوني تڪرار پيدا ڪيا آهن پر آمريڪي سماج جي بنياد کي به چئلينج ڪيو آهي. ٽرمپ جي پاليسين آمريڪي انساني حقن جي علمبردار ملڪ مان قومي سلامتي جي نالي تي بند ذهن واري تصوير پيش ڪئي آهي. سرحدن تي ديوار تعمير ڪرڻ وارن قدمن سندس ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي. هن بحران جو سايسي حل سماجي انصاف ۽ قانون جي حڪمراني تي بيٺو آهي. ٽرمپ طاقت جو استعمال ڪيو ته پوءِ هو عارضي فتح ته حاصل ڪري سگهي ٿو پر ملڪ اڳتي هلي ان کي برداشت نه ڪري سگهندو.