پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته وفاقي سرڪار سان هينئر ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي، ڳالهين لاءِ ڪو بيڪ ڊور چئنل به استعمال نه پيو ڪيو وڃي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت کي ڳالهين جو موقعو ڏنو پر سنجيدگي نه ڏيکاري وئي، شير افضل مروت بابت سوال جي جواب ۾ اسد قيصر چيو ته سندس معاملي ۾ پارٽي ضابطن تحت اڳتي وڌنداسين.