ڳالهيون ڪامياب؟ حڪومت رات جو جيل جا در کولي ڇڏيا، وفد جي ملاقات، عمران سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ قبولي آهي: نقوي

0
92
ڳالهيون ڪامياب؟ حڪومت رات جو جيل جا در کولي ڇڏيا، وفد جي ملاقات، عمران سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ قبولي آهي: نقوي
ڳالهيون ڪامياب؟ حڪومت رات جو جيل جا در کولي ڇڏيا، وفد جي ملاقات، عمران سنگجاني ۾ احتجاج جي آڇ قبولي آهي: نقوي

اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ جو مارچ اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويو حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ هڪ ڀيرو ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد وري رابطو ٿيو، حڪومت احتجاج سنگجاني منتقل ڪري ڌرڻو هڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ جي وفد لاءِ حڪومت رات جو دير سان اڊيالا جيل جا در کولي ڇڏيا، عمران خان سان هڪ ڏينهن اندر ٻي ملاقات ڪري صورتحال کان آگاهي ڏني وئي، عمران بشريٰ بي بي، علي امين گنڊاپور ۽ ڪارڪنن لاءِ وڊيو پيغام رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، گهرووزير دعوٰ ڪئي آهي ته عمران خان احتجاج بابت حڪومت جي آڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتجاج دوران مختلف هنڌن تي چڪريون، هڪ اهلڪار شهيد، 119 زخمي، حڪومت چيو آهي ته پي ٽي آءِ 9مئي پارٽ ٽو ڪرڻ چاهي ٿي، 9مئي تي ملڪگير فساد ڪندڙ ٻيهر تشدد ڪري رهيا آهن، ملڪ ترقي ڪري ته شرپسند حملا ڪندا آهن. تفصيل موجب ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو مُک قافلو اسلام آباد شهر جي ويجهو پهچي ويو، پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي به قافلن ۾ موجود آهي، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي مان نڪتل قافلا رنڊڪون ٽوڙي هلڪا انٽرچينج پهتا، جتان ريلي جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ روانا ٿيا، برهان انٽرچينج ۽ ٻين هنڌن تان ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙيندا اڳتي وڌندا رهيا، قافلي کي رات برهان انٽرچينج وٽ گذارڻي هئي پر مرڪزي قافلو اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿي ويو ، قافلو اسلام آباد ٽول پلازه پهتو ته گنڊاپور گاڏي مان لهي اسلام آباد ٽول پلازه ڪراس ڪيو. رنڊڪون ٽوڙيندو پي ٽي آءِ جو قافلو سنگجاني ڪراس ڪري قافلو 26 نمبر تي پهتو. ان کان علاوه اسلام آباد ۾ سڄو ڏينهن ٽولن جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن روڊن تي ايندا رهيا جنهن ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي. ڪي پي کان قافلو نڪتو ته مسلسل گنڊاپور اڳواڻي ڪري رهيو هو، پر اسلام آباد ويجهو پهچڻ تي گنڊاپور پوئتي هٽي ويو ۽ بشريٰ بي بي اڳواڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي احتجاج جي موقعي تي جاڙن شهرن ۾ رستا مڪمل بند رهيا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا بند رهيا، ملڪ جي ٻين علائقن کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا ٽئين ڏينهن به بند هئا، سکر- ملتان موٽروي بند هجڻ سبب مسافرن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، انٽرنيٽ جي رفتار به سست رهي. هوڏانهن حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو، ٻيهر ڳالهيو ٿينديون، ذريعن موجب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وفد ۾ ملاقات دوران اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ مختلف جاين تي غور ڪيو ويو، پشاور موڙ کي ڌرڻو پوائنٽ قرار ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، ڊپلوميٽڪ اِنڪليوَ ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله جي پي ٽي آءِ وفد سان ملاقات ٿي، بئرسٽر گوهر، بئرسٽر سيف، شبلي فراز ۽ اسد قيصر پي ٽي آءِ وفد ۾ شامل هئا، ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ نه اچڻ جي درخواست ڪئي، پشاور موڙ ۽ پريڊ گرائونڊ تي ڌرڻي جي آڇ به ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرڻي لاءِ جاءِ هنڌ طئه ٿيڻ بعد حڪومت مظاهري آڏو رنڊڪون نه وجهندي. جڏهن ته پي ٽي آءِ پشاور موڙ ۽ پريڊ گرائونڊ جي آڇ ٿڏي ڇڏي، پي ٽي آءِ عمران جي آزادي جو مطالبو ڪندي هر صورت ڊي چوڪ پهچڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته ان بعد وري ڳالهيون ٿيون جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر، بئرسٽر سيف لاءِ اڊيالا جيل جا در رات جو دير سان هڪ ڀيرو وري کوليا ويا جيڪي عمران سان جيل ۾ ملڻ لاءِ ٻيهر پهتا. ذريعن موجب پي ٽي آءِ وفد عمران کي ڳالهين کان آگاهه ڪيو، گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ سان ٿيل ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو. جيل ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بئريسٽر گوهر وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، اسلام آباد ۾ احتجاج ۽ حڪومت سان ڳالهين تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ان ملاقات بعد بئرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته حڪومت سان اڃا به ڳالهيون جاري آهن، اُن حوالي سان جلد ڪا خبر اچي ويندي، پي ٽي آءِ باني سان اهم ملاقات ٿي آهي، باني جي احتجاج جي ڪال فائنل آهي، احتجاج ڪال آف واري ڪا به ڳالهه نه آهي، ڳالهين بابت سوال تي بئرسٽر گوهر چيو ته ان تي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڳالهيون هلي رهيون آهن ، باني جو احتجاج وارو سڏ حتمي آهي، ترجمان ڪي پي حڪومت بئرسٽر سيف جو چوڻ هو ته پنهنجي پلان تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون، اسان کي ڪا به جلدي نه آهي بئرسٽر سيف چيو ته حڪومت وٽ گهڙيال آهن پر وقت اسان وٽ آهي، اسان کي ڪا به جلد بازي نه آهي، حڪومت مطالبا پورا ٿيڻ کانسواءِ پي ٽي آءِ جو احتجاج ختم ٿيڻ جو نه سوچي، علي امين گنداپور جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هن ڀيري پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ جو پڪو پـهه ڪري ورتو آهي   ٻئي طرف وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تشدد سبب هڪ اهلڪار مارجي ويو، 119 زخمي ٿيا آهن، 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، آءِ جي به 119 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. وزير اطلاعات پنجاب عظميٰ بخاري چيو آهي ته پوليس اهلڪارن کي ڪنڌ ۽ ڄنگهن ۾ گوليون هنيون ويون، گوليون هڻندڙ يوٿ فورس جا ماڻهو آهن کي ٻاهران آندو ويو آهي، مٿي کي نشانو بڻائڻ طالبان جو طريقيڪار آهي، اسان جا ٻار ايڏا سنگدل ناهن جو پوليس کي مارن، هن چيو ته پي ٽي آءِ 9 مئي پارٽ ٽو چاهي ٿي، گنڊاپور غائب آهي بشريٰ ريلي جي قيادت ڪري رهي آهي، هاڻ ڪوئي اهو نٿو چئي سگهي ته بشريٰ گهريلو عورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ احتجاج دوران مظاهرين هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، 9 مئي تي فساد ڪندڙ ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جڏهن ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو آهي ته شرپسند حملا شروع ڪري ڇڏيندا آهن. وزيراعظم شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي اهلڪارن سان تعزيت ۽ شهيد لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل جي ٻارن جي دنيا شرپسندن جي هٿان اجڙي وئي، ڪانسٽيبل ملڪي ترقي جي دشمن گروهه هٿان شهيد ٿيو. وزيراعظم ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري سزا ڏيڻ ۽ زخمي اهلڪارن کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو آهي ته ڪانسٽيبل مبشر فرض نڀائيندي شهادت جو بلند مقام حاصل ڪيو آهي، پرتشدد احتجاج ڪندڙ ذميوار عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، اسان جون سموريون همدرديون شهيد پوليس ڪانسٽيبل مبشر جي خاندان سان آهن. شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي گهرڀاتين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، گهرو وزير چيو ته جن احتجاج جو سڏ ڏنو هو، جن حملا ڪيا سڀني خلاف اهلڪار جي قتل جو ڪيس داخل ڪنداسين ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين. هن چيو ته جيڪو به ايندو گرفتار ٿيندو، رينجرز کي چونداسين، فائرنگ ٿي ته هڪ ڪارڪن به نظر نه ايندو، هن چيو ته ڳالهيون اڃا ناهن ٿيون، ڪجهه ڪلاڪ انتظار ڪريو، خواجه آصف چيو آهي ته بشريٰ موجوده صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيندي، اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سرپرائز ٿي سگهي ٿو، ڳالهين جي جيڪا ڪوشش ٿي آهي ان مان نتيجو ناهي نڪتو، حڪومت وٽ هاڻ طاقت جي استعمال کانسواءِ ڪو به دڳ ناهي، پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ ۾ فائدو آهي. هوڏانهن ٻي ملاقات بابت ذريعن موجب رات جو دير سان ملاقات ۾ عمران خان هڪ آڇ جي منظوري ڏني جنهن بعد بيرسٽر گوهر سندس وڊيو رڪارڊ ڪئي جيڪا بشريٰ بي بي، علي امين گنڊاپور ۽ ڪارڪنن لاءِ هئي. اها ملاقات 40 منٽ جاري رهي. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنگجاني ۾ احتجاج جي اجازت ڏني آهي ته هو اتي ڌرڻو هڻي سگهن ٿا، جيڪڏهن اڳتي وڌيا ته پوءِ اسان به طاقت استعمال ڪنداسين ۽ جيڪو به جاني نقصان ٿيندو ان جا ذميوار احتجاج ڪندڙ هوندا. منهنجا اطلاع آهن ته عمران خان هڪ تجويز منظور ڪئي آهي پر ٻڌو آهي ته عمران خان کان به ڪا وڏي پي ٽي آءِ جي طاقت آهي جنهن ان تجويز کي رد ڪيو آهي. ذريعن موجب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ هڪ ٻي ملاقات ڪنهن به وقت ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ حڪومت کي جواب ڏنو ويندو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ترجمان شيخ وقاص اڪرم جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪو به وڊيو پيغام رڪارڊ نه ڪرايو آهي. عمران جون ڀينرون عليمه ۽ عظميٰ خان به اسلام آباد جي احتجاج ۾ پهتيون.