مستونگ/خضدار/ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي قيادت ۾ مستونگ لڪ پاس وٽ لڳل ڌرڻو نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو. حڪومت طرفان ڳالهين واريون ڪوششون هڪ دفعو ٻيهر ناڪام ٿي ويون. سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته اڄ هر قدم ڪوئيٽا ڏانهن هوندو. لانگ مارچ جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن جيڪو افسوسناڪ آهي. انتظاميا طرفان مستونگ ۽ مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳايا ويا، هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بي اين پي سربراهه سان رابطو ڪيو، اختر مينگل جو چوڻ هو ته اسان پنهنجا مطالبا ان اڳيان رکيا، پر لڳي نٿو ڪا اڳڀرائي ٿيندي، اڄ هر قدم ڪوئيٽا طرف هوندو. هوڏانهن بلوچستان حڪومت هڪ دفعو ٻيهر بي اين پي سربراهه کي ڌرڻو ختم ڪندي چيو آهي ته ڪجهه عنصر ريڊ زون کي يرغمال بڻائڻ واري ضد تي آهن، مينگل نه مڙيو ته ٻيا آپشن به آهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، پر ان کي اجازت نه ڏني ويندي. صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سردار اختر مينگل سان حڪومت ڪميٽي ٻه گڏجاڻيون ڪيون ۽ حڪومت بي اين پي کي سرياب روڊ تي احتجاج لاءِ جاءِ جي آڇ ڪئي، پر بي اين پي ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي. شاهد رند جو چوڻ هو ته بي اين پي ڪوئيٽا ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ قلم 144 لاڳو آهي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن اختر مينگل ضد نه ڇڏيو ته حڪومت وٽ ٻيا آپشنز موجود آهن.