سنڌ جي تاريخي احتجاج وفاق ۽ پنجاب جي حڪمرانن کي ڀنواٽيون ڏيئي ڇڏيون آهن. ميان نواز شريف ۽ وزيراعظم ميان شهباز شريف طرفان سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهين جو ٽاسڪ ملڻ کان پوءِ، خبرون آهن ته، رانا ثناءُ الله پاران سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو ۽ پاڻي جي مسئلي تي صلاح مشوري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ “ميانجيز” طرفان ڳالهين جي مليل مينڊيٽ کانپوءِ راڻا صاحب هي ٻيو ڀيرو سنڌ جي “صاحبن” سان ڪئنالن واري معاملي تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي ڌرين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته، سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيا ويندا۔ راڻا ثناءُ الله اهوئي رٽيل موقف ورجايو ته، ڪنهن به صوبي جو پاڻي ٻئي صوبي ڏانهن منتقل نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي اهڙي ڪا منتقلي ٿي رهي آهي، پاڻي جي ورڇ هڪ انتظامي ۽ فني مسئلو آهي، جنهن جو حل به انتظامي ۽ فني بنيادن تي ڪڍيو ويندو۔ ڪنهن به صوبي سان ناانصافي نه ٿيندي، صوبن جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو ۽ مشاورت جي عمل کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔ ٻئي طرف پ پ کي ڪئنالن واري، سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلي بدران دٻاءُ وجهي پاور شيئرنگ واري فارمولي تي عمل ڪرائڻ مقصود آهي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن، جي اجلاس ۾ پنجاب ۾ پاور شيئرنگ بابت مشاورت ٿي، ۽ في الحال گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ هي فيصلو گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿيل پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن جي ميزباني گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان ڪئي۔ اجلاس ۾ مسلم ليگ ن طرفان وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ محمد احمد خان، ۽ سينيئر صوبي وزير مريم اورنگزيب شرڪت ڪئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان گورنر پنجاب سميت نديم افضل چن، علي حيدر گيلاني، ۽ حسن مرتضى اجلاس ۾ شريڪ ٿيا۔ هي ان ڪميٽي جو پنجون اجلاس هو۔
ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ڌرڻو مڪمل طرح پرامن آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي شروعات ته وڪيلن ڪئي پر هاڻي سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ان ڌرڻي ۾ گڏ آهي. پنجاب جي زميني سپلاءِ مڪمل طور تي بند آهي، جنهن وفاق جي حڪمرانن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. کين اهو اندازو نه هو ته سنڌ ايتري منظم ۽ ايتري ڪاوڙ ۾ آهي. هنن جي ذهن ۾ سنڌ جو سياسي ۽ انتظامي پروفائل اهوئي هو، جيڪو سنڌ جا منتظمين کين ڏيکاري اقتداري حصو پتي وٺندا رهيا آهن. سنڌ جي هن نئين منظرنامي اصل اقتدار ڌڻين کي به رڦڻي ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌ جي غضبناڪ اکين ۾ ڪروڌ ڏسي، جيڪي بلوچستان جي حالتن کي “هڪ ايس ايڇ او جي مار” چوندا هئا، هاڻي اهي سنڌ لاءِ اهڙي جرئت نٿا ڪري سگهن. ٻئي طرف سنڌ جي حڪمران جماعت آهي، جيڪا هن صورتحال مان به سکڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اها پنهنجي سموري قوت ۽ سمورن آپشنز کي استعمال ڪندي تڪراري رٿا رد ڪرائڻ بدران پنجاب ۾ پاور شيئرنگ واري فارمولي تي عمل ڪرائڻ ۽ وڌيڪ رعايتون وٺڻ جي واٽ تي هلي رهي آهي. ٻن ڏينهن ۾ راڻا ثناءُ الله طرفان ٻه ڀيرا سنڌ جي سينيئر وزير سان ڪئنالن جي معاملي تي رابطو ڪرڻ مان وفاق جي پريشاني ۽ وائڙائپ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پوءِ اها جدا ڳالهه آهي ته اهي حڪمران آخر تائين پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تان نه لهندا آهن، جنهن ڪري ئي ملڪي تاريخ ۾ الميا جنم وٺندا رهيا آهن.
اسان سنڌ جي حڪمرانن کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته تڪراري ڪئنالن کي رد ڪرائڻ لاءِ کين آخري حد تائين وڃڻ گهرجي. اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي، سنڌ جا مفاد مقدم هجڻ گهرجن. راڻا ثناءُ الله هڪ طرف “ڳالهيون” ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي طرف رڏي ڪندي ڪئنالن واري مسئلي کي مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي ۽ معاملي کي اينگهائڻ ۽ دير واريون اٽڪلون استعمال ڪري رهيو آهي. سنڌ جي حڪمرانن کي معاملي جي سنجيدگيءَ جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي ۽ معاملو حل نٿا ڪرائي سگهن ته کين سنڌ جي احتجاجي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ جي عوام لاءِ سنڌ ئي اول ۽ سنڌ ئي آخر آهي.