اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعليٰ پنجاب ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي شهباز شريف کي وڏو ظالم ماڻهو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي لاڏلا بڻجڻ آيا هئا، اسان جون سيٽون پوريون ڪريو. هي ماڻهو گهٻرائجي ويا آهن. چوڌري پرويز الاهي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف وڏو ظالم ماڻهو آهي. انهن خاص طور ڪم ڪيو آهي. هن پنهنجي ڀاءُ کي به معاف نه ڪيو. هي لاڏلو بڻجڻ جي لاءِ آيو هو، اصل ۾ هاڻي انهن کي خان صاحب سمجهي وڃڻ گهرجي. جيستائين سيٽون پوريون نه ڪندا ڪنهن سان ڳالهه نه ٿيندي، جيڪڏهن ڳالهين جي لاءِ رابطو ٿئي ٿو ته اسان تيار آهيون. پر جيڪي سيٽون کسيون ويون آهن اهي پوريون ڪيون وڃن. مريم نواز کي وزير اعليٰ پنجاب بڻائڻ واري سوال تي هن چيو ته اهي سڀ گهٻرائجي ويا آهن انهن کي خان صاحب جي صلاحيتن جو علم ٿيو آهي. هي پهرين اليڪشن آهي جنهن ۾ هڪ رپيو به خرچ ناهي ٿيو.