ڳالهين سان مسئلو حل ٿئي ته ٻيو ڇا کپي؟ طاقتورن جي نمائندن سان ڳالهايو: عمران گنڊاپور ۽ بيرسٽر گوهر کي اجازت ڏئي ڇڏي

0
27
عمران، بشريٰ، گوهر، مراد سعيد سوڌو 96 جوابدارن جا وارنٽ جاري: باني 7 نون ڪيسن ۾ گرفتار
عمران، بشريٰ، گوهر، مراد سعيد سوڌو 96 جوابدارن جا وارنٽ جاري: باني 7 نون ڪيسن ۾ گرفتار

پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير گنڊاپور ۽ بيرسٽر گوهر کي ڳالهين ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ عمران سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن عمران کان پڇيو ته جيڪڏهن رابطو ٿئي ته ڇا ڳالهيون ڪيون وڃن جنهن تي عمران چيو ته ڳالهين سان مسئلو حل ٿي وڃي ته ان کان سٺي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ان کان اڳ عمران پارٽي قيادت کي ڳالهين کان منع ڪئي هئي ٻئي طرف عليمه خان  عمران کي اڄ ضمانت ملي وئي ته 24 نومبر جي احتجاج جي اڳواڻي ڪندو، اڊيالا جيل ۾ ڀاءُ سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گنڊاپور ۽ گوهر عمران کان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي عمران چيو ته سياسي پارٽيون ڳالهين جا در کليل رکندا آهن عمران خميس تائين جو الٽيميٽم ڏنو آهي چوري ٿيل مينڊيٽ ملي ويو ته 24 نومبر جو احتجاج جشن ۾ تبديل ٿي ويندوعليما خان  جو وڌيڪ چوڻ هو ته  پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ خميس تائين جو وقت ڏنو آهي.. بئريسٽر گوهر ۽ علي امين اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي اجازت گهري، جنهن تي عمران خان چيو ته سياسي پارٽيون هميشه پنهنجا دروازا کليل رکن ٿيون. هن چيو ته عمران خان خميس تائين ڳالهين لاءِ وقت ڏنو آهي، جيڪڏهن چوري ڪيل مينڊيٽ واپس نه ڪيو ويو ته 24 نومبر جو احتجاج جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو. پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته 24 نومبر پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي. هن عمران خان جي حوالي سان چيو ته هو 24 نومبر تي سڄي پاڪستان جي عوام کي سڏ ڏئي رهيو آهيان، 8 فيبروري وانگر پاڪستانين کي 24 نومبر تي ٻاهر نڪرن. عليما خان چيو ته 24 نومبر جو احتجاج پرامن هوندو، اڄ علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر عمران خان کي 24 نومبر بابت بريفنگ ڏني. علميه خان چيو ته سڀاڻي توشه خانه 2 ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست لڳل آهي، جيڪڏهن عمران خان جي سڀاڻي ضمانت ٿي ته هو 24 نومبر تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندو. عليما خان چيو ته جمعي تي ماڻهو اچڻ شروع ڪن، راولپنڊي، اسلام آباد جا ماڻهو اوهان کي پنهنجي گهرن ۾ جاءِ ڏيندا. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 24 نومبر واري احتجاج لاءِ ڪارڪنن کي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پهچايو ويو آهي جتي هو اڳواڻن وٽ موجود آهن ۽ اڃا ٻيا ڪارڪن به اچڻا آهن.