اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جي فرمائش تي ٽيڪس چوري، بجلي چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ايف بي آر سڌارا اوليتي بنيادن تي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ سڌسماءَ جي وزير عطا تارڙ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته صرف ڳالهين سان مسئلو حل نه ٿيندو، آءِ ايم ايف چوي ٿو ٽيڪس ۽ بجلي چوري روڪي وڃي، ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي، ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس سرڪل وڌائڻ آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي، اُن لاءِ پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل جي صورت ۾ پهرين قانونسازي ڪري ورتي آهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته 27 سئو ارب کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيسز عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن، اُنهن تي ترت فيصلا ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام ۽ اوڳاڙي کي بهتر ڪرڻو آهي. هن چيو ته  ڪسٽم ۾ مٿين سطح تي وڏي پيماني تي بدليون ٿيون آھن اهو مامرو هيٺين سطح تي ايندو،آفيسر ايسوسيئشن تحفظات جو اظهار ڪيو آھي، ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿيندي،  سڌسماءَ جي وزير عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم ڪامياب سعودي دوري کانپوءِ سعودي جا سيڙپڪار پاڪستان ايندا، ايندڙ ڏينهن ۾ معيشت ۾ بهتري ايندي.