اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڳالهين جي خلاف ناهيان، بار بار چوان ٿو ته 15 ڏينهن ۾ ڪهڙي اهڙي ڳالهه ٿي آهي جو جيڪو ماڻهو هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه هو، ان کي اهڙو ڇا ٿيو آهي؟، هن چيو ته اسان لاءِ چون ٿا ته پنڊي کان اجازت وٺي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، باني پي ٽي آءِ اسان کي اسٽيبلشمينٽ جو ايلچي چوندو آهي، اسان سان ڳالهين تي راضي ڪيئن؟ هڪ شخص ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي ؟ هنن جو اهو يوٽرن آهي، محتاط رهڻ گهرجي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هنن ۾ سنجيدگي مون کي بلڪل نظر نه اچي رهي آهي، دعا ڪندس ته ڳالهيون ضرور ڪامياب ٿين، طاقت جي سمورن مرڪزن کي گڏجي ملڪ جون حالتون بهتر بڻائڻ گهرجن، خواجه آصف چيو ته پارليامينٽ ۾ 34 سال ٿيا آهن، جيڪڏهن ليڊرشپ اجازت ڏني ته سياست کي ضرور الوداع ڪندس، آئون ڪنهن جي قيد جي حق ۾ ناهيان، مون پاڻ قيد ڪاٽيو آهي.