ڳالهه جو ڳڙ

0
42
ڳالهه جو ڳڙ

 بئراجي علائقن ۾ سم ۽ ڪلر کان بچڻ جو بھترين طريقو آھي ڏھن ايڪڙن جي چئونڪ ۾ ھر ڪنڊ تي ھڪ کوهه..

                 سنڌ جي اوائلي روايت ۾ اھو کوهه موجود ھو جيڪو اسان جي لالچ لٽي ڇڏيو جيئن ڪو ھڪ اڌ ويسو زمين جو وڌائي سگهجي.

                 ساڳيو حال اسان واھن ۽ پيچن جو ڪيو آھي جن جا ڪنارا، ايترا ويڪرا ھوندا ھئا جو ڏاند گاڏي سولائيءَ سان گذرندي ھئي. واھن ھي ٻنھي ڪنارن تي نه رڳو وڻ ھوندا ھئا پر انھن سان گڏ ڪانهه، سَرَ، اڪ، ڊَڀَ ۽ ڀانت ڀانت جا ننڍا ننڍا ٻوٽا ھوندا ھئا. انھن وڻن، ٻوٽن، سرن، ڪانھن ۾ وري ماکيءَ جا ڇتا ۽ قسمن قسمن جي پکين جا آکيرا ھوندا ھئا.

زمينن جو واڌارو پاڻي کوھن وسيلي جَرَ ۾ ويندو ھو ۽ پکي، پکڻ جيت جڻيو کائي ويندا ھئا.

ھاڻي اسان کي طرح طرح جون جيت مار دوائون استعمال ڪرڻيو ٿيون پون ۽ واڌارو پاڻي وري سم ۽ ڪلر جو سبب ٿو بڻجي.

اسان جو سماجي الميو اھو آھي ته انھي آبپاشي ۽ زراعت جي سائنس کي اسان لوڪ ڏاھپ جو نالو ڏئي ھروڀرو ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو.

اڄ سائنسي طور اھو ثابت تي چڪو آھي ته جر جي آبياري fossil recharge of water sources ۽ “مينھن جي پوکي” rain harvesting زراعت ۽ زرعي زمين جي صحت لاءِ مفيد آھي.

اسان وٽ وري نالي ۾ نھال rain harvesting جي سنڌي “مينھن تي پوکي” ڪري ڳالهه کي ئي ڳڙ ڪيو ڇڏين.

کوهه رڳو بئراجي علائقي ۾ نه پر ڪچي، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوھستان ۾ پڻ ساڳيو ڪم ڏئي سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ گذريل سال سن ۲۰۲۲ع واري چئوماسي جي برساري اسان کي اھو سبق پڙھايو آھي پر اسان جو سبق پڙھڻ، سمجهڻ، دڳ وٺڻ، عمل ڪرڻ يا سولي سنڌيءَ ۾ سڌرڻ جو ڪو ارادو ئي ڪونھي.

منھنجي ٽھيءَ وارا مطلب سٺڙيا جي ياد ڪن ته کين پنھنجي چوڌاري ڳوٺن ۾، ٻنين ۾ ڳڻڻ کان گهڻا کوهه ياد ايندا. انھن مان ڪيترن تي “نار” به ياد ايندا.

ڳوٺن ۾ ته کوهه ھيا پر ايستائين جو ھاڻوڪي سنڌ جي پھرين صنعتي بندرگاهه ڪراچيءَ جھڙي وڏي آباديءَ واري شھر کي ويھين صديءَ جي شروعاتي ڏينھن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به “ڊمروٽيءَ جي کوھن” مان ملندو ھو جيڪي ھاڻي ته تاريخ ٿي ويا آھن. ڪجهه سالن ۾ شايد ڪنھن بلڊر جي ڪم به اچي وڃن.