ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي /ڏسو صفحو 7 بقايا 11
جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ جمهوريت سڀ ڪجهه سواليا نشان بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت عدليا ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا هاءِ ڪورٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته هن ملڪ ۾ ڳالهائيندي احتياط ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته لفظن جي چونڊ به ڏوهه بڻجي سگهي ٿو، خبر ناهي ته منهنجو آواز اتي پهچندو يا نه پر سچ ڳالهائڻ منهنجو حق آهي.
هن چيو ته هن نظام، پارليامينٽ ۽ جمهوريت تان منهنجو اعتماد مڪمل طور کڄي ويو آهي، ڇو ته هي نظام عوامي نمائندگي بدران ڪنهن ٻئي جي اشاري تي ٿو هلي.