اهڙا خوردبيني جراثيم ته گھڻو اڳ لڀي چڪا هئا جيڪي قدرتي پوليئسٽر کي ڳاري پيا سگھن ۽ دلچسپ ڳالھه ته ان قسم جو قدرتي پوليئسٽر ڳئون جي چاري جو به حصو آهن، تنهنڪري محققن کي اڳواٽ اهڙو اندازو هو ته ڳئون جي پيٽ ۾ اهڙا بيڪٽريا ٿي سگھن ٿا جيڪي ڳئون جي چاري ۾ موجود ان پوليئسٽر کي هضم ڪري يا ڳاري سگھن ٿا.
واضح رهي ته هندو ڌرم ۾ ڳئون کي هڪ مقدس جانور سمجھيو ويندو آهي ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳئون جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري جڏهن رول ڳئون جي پيٽ مان ڪچرو خاص ڪري پلاسٽڪ بيگس نڪرن ٿا ته هندن کي هڪ قسم جي روحاني تڪليف محسوس ٿئي ٿي. تڏهن به تازو ئي ڳئون ۽ سندن پيٽ بابت هڪ اهڙي خبر به سامھون آئي آهي جيڪا پوري دنيا لاءِ هڪ خوش خبري وارو درجو به رکي سگھي ٿي. خبر هن ريت آهي ته، محققن کي معلوم ٿيو آهي ته ڳئون جي پيٽ جي هڪ حصي ۾ موجود بيڪٽريا پلاسٽڪ جو سڻائي انداز ۾ خاتمو ڪري سگھن ٿا. سڻائي نموني ان ڪري جو ان عمل سان ماحول کي ڪو به نقصان نٿو پهچي.
انسانن رڳو 1950ع کان هن وقت تائين اٽڪل ڪي اٺ ارب ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ڪيو آهي. پلاسٽڪ جو ڪچرو سڀ کان وڌيڪ پيڪنگ، هڪ ڀيرو ڪم ايندڙ ڪنٽيرن، ڪورز ۽ شيشين تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ اهو ان هر هنڌ آساني سان دستياب انهن شين جو ئي اثر آهي ته هن وقت هوا توڙي پاڻي، هر هنڌ پلاسٽڪ جو ڪچرو پکڙيل آهي. گھڻن سارين رپورٽن مطابق ان صورتحال ۾ انسان نه صرف پلاسٽڪ کي ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڳيهي رهيا آهن پر ان جا سنھڙا ذرا انسانن جي ڦڦڙن ۾ به داخل ٿي رهيا آهن. اهڙي حالت ۾ گذريل چند سالن کان ڪيترن ئي محقق اهڙن بيڪٽرياز جي ڳولا ۾ آهن جن جي مدد سان ناقابل فنا ليکجندڙ هن نٺر مادي جو آهستي آهستي خاتمو آڻي سگھجي.
اسان لاءِ اطمينان جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بيڪٽرياز جي دريافت ته اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي جيڪي قدرتي پلاسٽڪ (پلاسٽڪ جو هڪ قسم) کي آساني سان ڳاري سگھن ٿا. اهي قدرتي پوليئسٽر ٽماٽن ۽ صوفن جي کلن ۾ ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته قدرتي پوليئسٽر ڳئون جي خوراڪ جو به جز آهي تنهنڪري سائنسدانن جو خيال آهي ته ڳئون جي پيٽ ۾ اهڙن بيڪٽرياز جو وڏو مقدار موجود ٿي سگھي ٿو. جيڪي ٻوٽن جي هرقسم جي عنصرن کي ڳاري هضم يا ان جو خاتمو ڪري سگھن.
ان خيال جي آزمائش لاءِ ويانا جي يونيورسٽي آف نيچرل ريسورسس اينڊ لائف سائنسز جي ڊاڪٽر ڊورس ربچ ۽ ان جي ساٿين آسٽريا ۾ وڃي ڳئون جي پيٽ جي هڪ حصي ۾ موجود رس ڪڍيو. هڪ ميڊيا رپورٽ مطابق ۾ ڊورس ربچ چيو ته،”هڪ ڳئون جي پيٽ ۾ روُمين جهڙو هي مادو اٽڪل 100 لٽر ٺهندو آهي. سو توهان سمجھي سگھو ٿا ته روزانو ان ڪاميلي ۾ ڪيترو رومن پاڻيٺ گڏ ٿي ويندو هوندو.“
جڏهن محققن اهو پاڻيٺ حاصل ڪري ورتو ته ان کي ٽن قسمن جي پوليئسٽرن پي اِي ٽي (هڪ سينٿيٽڪ پوليمر) جيڪو عام طور ڪپڙن جي تياري ۽ پيڪيجنگ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي) ۽ پي اِي ايف (رينيوئيبل ذريعن مان تيار ڪيل) سان ملايو ويو. انهن مان هر قسم جي پلاسٽڪ کي سنهن تهن (فلم) ۽ پائوڊر ٻنھي صورتن ۾ رومين پاڻيٺ سان ملايو ويو.
نتيجن ۾ ڏٺو ويو ته ٽنھي قسمن جا پلاسٽڪ تجربيگاهن ۾ ڳئون جي پيٽ مان حاصل ڪيل مادي سان ڳاري سگھجن پيا. ان تجربي مطابق پلاسٽڪ جو پائوڊر پلاسٽڪ جي تهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان ڳريو. محقق ٻڌائين ٿا ته رومين ۾ هزارن جي تعداد ۾ بيڪٽيريا ٿين ٿا تنهنڪري ايندڙ تجربي ۾ اسان انهن بيڪٽرياز کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيڪي انهن پلاسٽڪن کي ڳارڻ جو سبب بڻجندا آهن. پوءِ انهن انزائمز کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين جن کي پيدا ڪري اهي بيڪٽيريا پلاسٽڪ کي ڳارين ٿا. هڪ ڀيري انهن انزائمس جي سڃاڻپ ٿي وئي ته پوءِ انهن کي ڪارخانن ۾ به تيار ڪري سگھبو ۽ انهن کي ريسائڪلنگ ۾ به شامل ڪيو ويندو.
في الحال گھڻو پلاسٽڪ ساڙي نابود ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڪيئي ڀيرا ٻين شين جي تياري لاءِ به ان کي ڳاريو ويندو آهي. جنهن عمل جي دوران هڪ مرحلو اهڙو به ايندو آهي جو اهو ايتروته خراب ٿي ويندو آهي جو ان کي وڌيڪ استعمال ناهي ڪري سگھبو. پلاسٽڪ جي نابوديءَ جو هڪ عمل اهو به آهي ته ان کي ان جي اصل حالت ۾ ٽوڙيو وڃي، پر اهو عمل ماحول دوست ناهي ٿيندو اهڙي صوتحال ۾ انهن انزائمس کي آلودگي کان پاڪ گرين ڪيميلڪل ريسائڪلنگ ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هونئن اهو پهريون ڀيرو نه آهي جو اهڙا انزائمس لڌا آهن. محقق اڳ ئي ان قسم جا انزائمس ڳولڻ ۽ انهن جي تياري جي ڪوشش ڪندا پيا اچن. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٻن الڳ الڳ انزائمس جي انضمام سان هڪ سپر انزائم تيار ڪيو ويو هو. اهي ٻئي انزائمس جپان ۾ هڪ پلاسٽڪ کائڻ واري بيڪٽيريا ۾ هڪ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ واري جاءِ تان 2016ع ۾ لڌا ويا هئا. مصنوعي طور ٺاهيل اهڙن انزائمس جو پهريون قسم 2018ع ۾ لڌو ويو هو جيڪي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پلاسٽڪ کي ڳاري ختم ڪري ڇڏيندا هئا. پر سپر انزائم ڪيئي ڀيرا تيزي سان پلاسٽڪ کي ڳارين ٿا ۽ ان کان اڳ ۾ اپريل واري مهيني ۾ فرانسيسي ڪمپني ڪاربائس معلومات مهيا ڪئي هئي ته الڳ الڳ انزائمس جن کي پنن مان تيار ڪيل هڪ ڀاڻ جي ڍير مان لڌو ويو هو انهن پلاسٽڪ جي 90 في سيڪڙو بوتلن کي صرف 10 ڪلاڪن ۾ ڳاري ختم ڪري ڇڏيو.
فرنٽيئرس ان بايو انجينئرنگ اينڊ بايوٽيڪنالاجي جرنل ۾ ڇپيل ان تحقيق جي ليکڪن اهو به ٻڌايو ته رومين پاڻيٺ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا الڳ الڳ قسم جا انزائمس ٿين ٿا جيڪي گڏجي پلاسٽڪ جي خاتمي وارو عمل سرانجام ڏين ٿا. تڏهن به ريسرچرس جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن ان قسم جا انزائمس پي اي ٽي کانسواءِ ٻين پوليمرس جي ريسائڪلنگ جي به ڪم اچي سگھن ها ته وڌيڪ بهتر هو ڇاڪاڻ ته ان ريت انهن جو استعمال عام ريسائڪلنگ مادن جيان ئي ڪري سگھجي ها.