لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي قائد ميان محمد نواز شريف اڳوڻين اهم شخصيتن تي تنقيد نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب نواز شريف پنهنجي چونڊ مهم ۾ اڳوڻي سپهه سالار، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ، اڳوڻي چيف جسٽس ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ڪجهه ڏينهن اڳ نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ن ليگ قرار ڏنو ته ن ليگ خلاف سازش ڪندڙ اڳوڻي سپهه سالار، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ هڪ اڳوڻي چيف جسٽس، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين ملڪ ۾ تباهي ڪئي اهي ئي ذميوار آهن. نواز شريف طئه ڪيو هو ته چونڊ مهم ۾ جارحاڻي پاليسيا اختيار ڪئي ويندي ۽ ملڪي تباهي جي انهن ذميوارن کي وائکو ڪيو ويندو. پر ان فيصلي جي مخالفت سامهون آئي ۽ ڪجهه اهم شخصيتن گڏيل دوستن ذريعي نواز شريف سان رابطو ڪري اپيل ڪئي ته هو چونڊ مهم ۾ اهم شخصيتن کي نتقيد جو نشانو نه بڻائي هنن نواز شريف کي صلاح ڏني ته اهو ماضي کي وساري اڳتي جي سياست کي ڏسي. نواز ليگ صدر ۽ ناوز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف گڏيل دوستن جي راءِ جو ساٿ ڏنو، پر نواز شريف اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهباز شريف ڪوششن باوجود ڀاءُ کي نه مڃائي نه سگهيو. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف جو موقف آهي ته صرف منهنجي ذات جي ڳالهه هجي ها ته درگزر ڪريان ها پر ملڪي ترقي کي روڪيو ويو، ان کي نقصان پهچايو ويو، سازش ڪندڙن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.