گھوڙاٻاري(ن پ ا) گھوڙاٻاري جي ديهه گنبالي ۾ بااثر سياسي شخصيت کي زمين ڏيڻ خلاف احتجاج، صدين کان آباد ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ ۽ زمين تي والار خلاف ڳوٺاڻن نواز شاهه ڀاڏائي، دوست علي شاهه ڀاڏائي، رزاق شاهه بخاري، لطيف شاهه بخاري، ڪريم داد چانڊيو ، علي بڪيرو، ولي محمد ملاح، محمد علي بڪيرو، حنيف گھراڻو، نور حسن گھراڻو، وڏيرو احمد بادشاهه ملاح ۽ ٻين جو احتجاج مظاھرو ڪيو ويو، ديهه گنبالي جي زميندارن بڪيرا، ڀٽي، مھر، ملاح، چاڙا، ڀاڏائي سيد ۽ ٻين برادرين احتجاج چيو آهي ته بااثر سياسي شخصيت کي پوليس ۽ هٿياربند ماڻهن جي مدد سان ديهه گنبالي ۾ غير قانوني طور ڪيٽي بندر ۽ گھوڙاٻاري ۾ هڪ لک زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، زميندارن جو الزام آهي ته زمينن جي ماپ غير قانوني طريقي سان ڪئي پئي وڃي ۽ صدين کان آباد مقامي ڳوٺاڻن کي زبردستي بي دخل ڪيو پيو وڃي، انهن چيو ته اها زمين اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آهي جنهن تي اسان سالن کان آباد ۽ پوک ڪندا رهيا آهيون، ڪوڙا کاتا ٺھرائي اسان جون زمينون قبضو ڪري رھيا آھن مظاهرو ڪندڙن جو مطالبو آهي ته حڪومت هن معاملي جو نوٽيس وٺي، غير قانوني ماپ بند ڪرائي، ڳوٺاڻن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪارروائي کي روڪيو وڃي ۽ بااثر سياسي شخصيت سميت ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.