ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سنڌو درياءُ تي تعمير ٿيندڙ گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل جي ٽيڪنيڪل (فني) معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي. ان حوالي سان آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير جي حوالي سان صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪاميٽي ميمبرن پاران ڏنل مختلف تجويزن تي غور ڪرڻ کانپوءِ آبپاشي وزير چيو ته ورڪس کاتي پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گهوٽڪي _ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير ڪئي ويندي، آءِ آرسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٽيڪنيڪلي سفارشن جي منظوري ڏني وئي. صوبائي وزير چيو ته سکر ۽ گڊو جي چيف انجنيئرن ۽ ايم ڊي سيڊا تي ٻڌل ڪاميٽي سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي پابند ھوندي. انهي کان اڳ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن صوبائي وزير کي گهوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پل جي ماڊل اسٽڊي ، علائقائي اهميت ۽ منصوبي جي فني خصوصيتن کان آگاهه ڪيو.